سندس پورو نالو عبدالله خان ولد غلام علي خان گبول آهي.سندس ادبي نالو "اسلم ساڪرائي" آهي.پاڻ پنهنجي تر جو جهونو ۽ پختو شاعر مڃيو وڃي ٿو.پاڻ سال 1937ع ۾ ميرپور ساڪرو جي اولهه طرف ڳوٺ غلام علي گبول ۾ پيدا ٿيو.سنڌي فائنل جي تعليم ٺٽي جي علمي گوهر محمد خان مجيدي کان حاصل ڪيائين.پاڻ تمام ذهين عقلمند بردبار ۽ حاضر جواب هو.سنڌي تعليم پوري ڪرڻ کان پوء پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ هڪ سال پوليس ۾ پڻ رهيو. بعد ۾ پاڻ ايريگيشن کاتي ۾ پهريائين آبدار ٿيو ۽ پوء ڪئنال ٿي ڊسمبر 1996ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.سندس تعلق گبول قبيلي جي عيسباڻي شاخ سان آهي.جوانيء کان وٺي شعر و سخن طرف لاڙو هئس .شاعريء ۾ سندس استاد محمد خان مجيدي هو پوء سندس هم عمر هم عصر ۽ هم خيال دوست شمشاد ساڪرائي سان صحبت دوران شاعريء ۾ اڃان به اضافو ٿي ويو.سندس شاعريء جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو پر سنڀال نه ڪرڻ ڪري اڏوهي کائي ختم ڪري ڇڏيو,تنهن هوندي به سندس ڪلام جي هڪ ڪاپي سندس ڀاڻيجي جمال مراد گبول وٽ موجود آهي .پاڻ کي هميشه گمنام رکڻ جي ڪوشش ڪيائين .سندس فقط هڪ شعر طرح مصرح تي 10 فيبروري 1957ع ۾ "نئين سنڌ" اخبار ۾ ڇپيل ملي ٿو.[1]


ڪافي

هن دکيل دل درد وندي تي دونهان دم دم دکن,

سوز ۾ سينو سڙي ٿو جوش ۾ جيرا جلن.


قرب مان ڪانگا قريبن کي وڃي ڪر عرض هي,

اچ سگهو ديدار تنهنجي لئه اکيون منهنجون سڪن.


وڻ وطن جا تو سوا آهن اداسيء ۾ عجيب,

ڇا چوان توکان سواء ويران ٿيو سارو وطن.


آهي اڻتڻ روز "اسلم" کي رهي تنهنجي اڪير ,

تون وري موٽي ملين هي غم لهي دل تان وڃن.


حوالا: (مهراڻ رسالو 2020/4ع تان ورتل)