اسلام ۾ مقدس ڪتاب
الله تعاليٰ طرفان پنھنجن نبين تي وحيءَ ذريعي لاٿل ڪتابَ، جن ۾ انسانن لاءِ ديني توڙي دنيوي زندگيءَ لاءِ ھدايتون ڏنل آھن. مسلمانن جي عقيدي موجب وڏا آسماني ڪتاب چار آھن: توريت، زبور، انجيل ۽ قرآن پاڪ. توريت حضرت موسيٰ عليه السلام تي، زبور حضرت دائود عليه السلام تي، انجيل حضرت عيسيٰ عليه السلام تي ۽ قرآن پاڪ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم تي نازل ڪيو ويو. قرآن مجيد سڀ کان آخري آسماني ڪتاب آھي. دنيا ۾ قرآن شريف ئي هڪ اهڙو مقدس الهامي ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڪنهن تحريف ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ايتري قدر، جو زير زبر يا شد ۽ مد جي ڦير گهير جو به ڪو امڪان ناهي. خود -الله- تعاليٰ قرآن شريف جي حفاظت جو ذمو پاڻ تي کنيو آهي. جيئن قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿيل آهي ته: ”اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذّکرَ وَ اِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ“ (سورة الحجر:9) يعني بيشڪ، اسان ئي نصيحت (قرآن) کي نازل ڪيو آهي ۽ اسان ئي -ان- جي ضرور حفاظت ڪندڙ آهيون.“
آسمان تان لٿل (آيل) پاڪ مذهبي ڪتاب، جيڪي هر قوم تي الله تعاليٰ طرفان، پيغمبرن تي نازل ٿيا. الله تعاليٰ انسان جي هدايت لاءِ، وقت به وقت دنيا تي پنهنجا پيغمبر موڪليندو رهيو آهي. انهن پيغمبرن تي سندس طرفان جيڪي ڪتاب نازل ٿيا آهن، تن کي ”الهامي ڪتاب“ سڏجي ٿو. قرآن شريف مٿي ڄاڻايل سمورن ٽنهي ڪتابن جي تصديق ڪئي. ڪن ڪتابن ۾ زرتشين جي مقدس ڪتاب ”زند اوستا“ کي به الهامي ڪتاب طور ڳڻايو ويو آهي. قرآن شريف کان سواءِ، مٿي ڄاڻايل باقي ٽن ڪتابن لاءِ مشهور آهي، ته انهن ۾ تحريف ڪئي وئي آهي. ايتري قدر، جو هن وقت انهن ڪتابن کي منسوخ ٿو سمجهيو وڃي. مٿي ڄاڻايل الهامي ڪتابن کان سواءِ، ڪي ڪتاب اهڙا به آهن، جن کي صحيفو چئجي ٿو. حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام تي صحيفا پڻ نازل ٿيل آهن.[1]