هن نالي سان سنجهوري، ڏهرڪيءَ ۾ جدا جدا ڳوٺ -آباد- آهن. تعلقي سنجهوري جي ديهه ”جمڙائو -41“ ۾ -آباد- ڳوٺ ۾ رهندڙن جو تعداد 2 سئو جي لڳ ڀڳ آهي. هتي پرائمري اسڪول آهي. هن ڳوٺ کي ”پٺاڻن جي ڳوٺ“ جي نالي سان پڻ سڏبو آهي. ٻيو ڳوٺ تعلقي ڏوڪيءَ جي ديهه ”ڳيريلي“ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ ڏيڍ سئو ماڻهو رهندڙ آهن. ٽيون ڳوٺ تعلقي ڪنڌڪوٽ جي ديهه ”ملوڪان“ ۾ -اسلام- خان جي نالي سان موجود آهي، جيڪو نواب اڪبر بگٽيءَ جي چاچي -اسلام- خان ٻڌايو هو، -جتي- ڪافي ماڻهو رهندڙ آهن. حيدرآباد شهر ۾ به -اسلام- -آباد- نالي هڪ -پاڙو- يا محلو موجود آهي.[1]