اسلامي جميعت طلبا


هي شاگرد تنظيم 23 ڊسمبر 1977ع تي لاهور ۾ ڪوٺايل هڪ ننڍڙي ڪنوينشن ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن ۾ 25 کن شاگردن شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي باني مولانا ابو اعليٰ مودودي خاص طور تي شرڪت ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي ذيلي تنظيم طور سڃاڻپ رکندڙ هي شاگرد تنظيم لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ سرگرم رهي. هن وقت به ملڪ جي مکيه شهرن ۾ وجود رکي ٿي. ساڄي ڌر سان لاڳاپيل هن تنظيم جو بنيادي نظريو ملڪ ۾ اسلامي سياسي نظام لاڳو ڪرڻ آهي. تنظيم جي ابتدائي مول متن موجب شاگردن کي -اسلام- جي خدمت لاءِ منظم ڪرڻ، شاگردن ۾ اسلامي مواد جي اڀياس جو شوق پيدا ڪرڻ ۽ کين ايندڙ وقت ۾ اسلامي معاشرو قائم ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ هو.[1]

اسلامي جميعت طلبا پاڪستان
Islami Jammiat -e- Talaba Pakistan
مرڪزي صدر شکیل احمد
سيڪريٽري جنرل اسد علی قریشی
اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل فیضان بھٽی
صادق رحیم
بنياد 23 ڊسمبر 1947, لاهور
صدر مقام اڇره, لاهور, پاڪستان
نظريو اسلام، سياسي اسلام، انقلابي
ويب سائيٽ
http://www.jamiat.org.pk