اسلامي ادب (انگريزي: Islamic literature)، ادب جي ھڪ اھڙي صنف کي چيو ويندو آھي جيڪو اسلامي ثقافتي نقطہ نظر کان متاثر ٿي، مسلمانن طرفان لکيو ويو ھجي. ھن قسم جو ادب دنيا جي مختلف مسلمان ملڪن جي ثقافتي پسمنظر کي مدِ نظر رکندي مختلف ٻولين ۾ لکي سگهجي ٿو.[1]

اسلامي ادب جي وصف هڪ بحث جو موضوع آهي، ڪن جو خيال آھي تہ جيسيتائين اسلامي نقطہ نظر کي مدنظر رکندي، ڪنھن مخصوص قوم جنھن ۾ مسلمانن جي گهڻائي ھجي ان جي ادب کي اسلامي ادب ڪوٺيو ويندو، توڙي جو اھو ادب ڪنھن غيرمسلم لکيو ھجي. انھي وصف تحت پاڪستاني ادب، انڊونيشيائي ادب، صوماليائي ادب، فارسي ادب وغيرہ اسلامي ادب جي زمري ۾ اچن ٿا. اسلامي ادب جي باري ۾ ھڪ وصف اھا بہ پيش ڪئي وڃي ٿي تہ مسلمان طرفان لکيل سمورو مواد اسلامي ادب جو حصو آھي، توڙي جو اھڙي ادب جو ڀل موضوع مذھب نہ ھجي.[2]

وڌيڪ ڏسو

سنواريو
  1. http://shodhganga.inflibnet.ac.in:8080/jspui/handle/10603/18867. حاصل ڪيل 22 July 2024.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. Omar, Noritah (2010). Critical Perspectives on Literature and Culture in the New World Order. Cambridge Scholars Pub.. p. 140-141. ISBN 9781443842938.