اسرا يونيورسٽي: ’اسرا اسلامڪ فائونڊيشن‘ حيدرآباد شهر ۾ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪئي آهي، جيڪا شهر کان ٻاهر، هالا روڊ تي، ساڍن ستن ايڪڙن ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هيءَ هڪ خومختيار ۽ آزاد يونيورسٽي آهي، جيڪا پرائيويٽ سيڪٽر ۾، سنڌ -اسيمبلي- جي منظوريءَ سان ڪم ڪري رهي آهي. شروعات ۾ هن يونيورسٽيءَ ۾ طب جو شعبو قائم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ايم. بي. بي. -ايس- لاءِ 1997ع ۾ داخلائون شروع ٿيون. هن شعبي جي هڪ شاخ طور اکين جي علاج جو ادارو ڪم شروع ڪري چڪو آهي، ٻي شاخ طور 72 بسترن واري هڪ -ٽن- منزلن واري يونيورسٽي اسپتال به کلي چڪي آهي، جنهن ۾ هر طرح جون سهوليتون موجود آهن. وقت سان گڏ ٻين علمن ۽ فنن جا شعبا قائم ڪيا ويا آهن، -جن- ۾ ڏندسازي، انتظاميه، ڪمپيوٽر سائنس، بزنس ائڊمنسٽريشن وغيره شامل آهن. جڏهن ته اسلاميات، انجنيئرنگ، ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ معاشرتي علمن وغيره جا شعبا به موجود آهن. هن يونيورسٽيءَ جو پهريون وائيس چانسلر ڊاڪٽر اسدالله قاضي آهي. يونيورسٽيءَ جي ملڪيت ۽ انتظام جو اختيار ”اسرا اسلامڪ فائونڊيشن“ وٽ آهي. خود فائونڊيشن جو پنهنجو انتظام هڪ 9 ميمبرن جي مجلس جي هٿ ۾ آهي.[1]

حوالا سنواريو