اسد پتافي Asad Pitafi

اسد پتافي (انگريزي ٻولي Asad Pitafi) جنھن جو مڪمل نالو اسد اللہ (انگريزي ۾ Asadullah) آھي سنڌ جو ناليوارو صحافي آھي. ھو 1 نومبر 1971 تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي گھوٽڪي جي مشھور ڳوٺ مولوي بھاءُ الدين پتافي ۾ ڄائو. سندس والد محترم جو نالو مولانا عبدالرحيم پتافي آھي. سندس نسب جو سلسلو سنڌ جي فارسي ٻولي جي مشھور شاعر، اديب ۽ عالم دين مولانا بھاءُ الدين بھائي جن سان آھي. اسد پتافي مولانا بھائي جو پڙ پوٽو ٿئي.

اسد پتافي پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مولوي بھاءُ الدين پتافي جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي، ان دوران ھن قران شريف، فارسي ۽ عربي جي ابتدائي تعليم پنھنجي والد صاحب وٽ حاصل ڪئي. پوءِ مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءي اسڪول اٻاوڙو مان انٽر ۽ بي اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ميرپور ماٿيلو مان حاصل ڪئي جڏھن ذرائع ابلاغ ۾ ماسٽر فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي مان ڪئي آھي. اسد پتافي ديني تعليم بہ حاصل ڪئي آھي. ھن مدرسہ جامع راشديہ پير جو ڳوٺ ۾ درس نظامي مڪمل ڪري اتان سند الفراغ پڻ حاصل ڪئي آھي.

سياسي سرگرميون:

اسد پتافي تعليم حاصل ڪرڻ دوران ئي ڪاليج جي ڏينھن کان سياست سان دلچسپي وٺندي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (سپاف) جي پليٽ فارم تان سياست شروع ڪئي، جنھن بعد ھو تنظيم ۾ تمام گھڻو سرگرم رھيو، اڳتي ھلي پ پ (ش ڀ) جي سربراھ مير مرتضي ڀٽو اسد پتافي کي پيپلز ٻارڙا سنگت جو مرڪزي چيف آرگنائيز پڻ مقرر ڪيو. مير مرتضي ڀٽو جي شھادت کانپوءِ اسد پتافي سياست کان ڪنارہ ڪش ٿي ويو ۽ صحافت ۾ قدم رکيو.

صحافتي ڪيريئر

ھن صحافت جي شروعات 1998 ۾ ڏھرڪي ۾ روزانہ ڪوشش جي رپورٽر طور ڪئي. سندس سٺو ڪم ڏسي اسد پتافي کي روزاني ڪاوش گھوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ ھيڊ ڪوارٽر واري شھر ميرپور ماٿيلو ۾ رپورٽر مقرر ڪيو، اردو اخبار جي خبرين گروپ جڏھن سنڌي ۾ خبرون جي نالي سان سنڌي اخبار شروع ڪئي تہ رپورٽرن جي کوٽ ٿيڻ سبب 2002 ۾ روزانہ ڪاوش اسد پتافي کي ڪراچي ۾ بيورو رپورٽر مقرر ڪيو. 2004 ۾ اسد پتافي گھرو مجبورين سبب ڪراچي ڇڏي ٻيھر واپس گھوٽڪي آيو جتي ھن روزاني ڪوشش ۾ اسپيشل رپورٽر طور ڪم جي شروعات ڪئي. ان دوران ھن روزاني بيسٽ جي نالي سان گھوٽڪي مان پڻ ھڪ روزاني سنڌي اخبار ڪڍي. ان کان علاوہ اسد پتافي 2011 کان 2018 تائين روزاني سنڌ ايڪسپريس ۽ ايڪسپريس ٽربيون ۾ پڻ رپورٽنگ ڪئي.

اسد پتافي صحافتي ڪيريئر دوران گھوٽڪي ضلعي ۾ پھريون ڀيرو صحافي دوستن سان گڏجي گھوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جي نالي سان صحافي يونين جو بنياد وڌو ۽ ھو ٽي ڀيرا يونين ۾ صدر جي عھدي تي منتخب ٿيو.

اسد پتافي ھن وقت روزاني ڪوشش ۾ اسپيشل رپورٽر طور ۽ روزاني بيسٽ ۾ ايڊيٽر طور خدمتون سرانجام ڏيئي رھيو آھي. ھو ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جو صدر ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس سان لاڳاپيل صحافي يونين گھوٽڪي يونين آف جرنلسٽس جو اھم اڳواڻ آھي. اسد پتافي جو شمار سنڌ جي سٺن ۽ ايماندار صحافين ۾ ٿيندو آھي. ڪو بہ ڏکيو اشو جيڪڏھن صحافي ڪن مجبورين سبب رپورٽ نہ ڪري سگھندا آھن تہ اسد پتافي اھو اشو ديدہ دليري سان رپورٽ ڪندو آھي.

[1]

  1. "Asad Pitafi, Author at The Express Tribune". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2022-02-11.