ملا -اسد- سنڌ جي -ترخان- حڪمران ميرزا غازي بيگ -ترخان- جو درٻاري شاعر ۽ قصه خوان هو. ملا -اسد- قصه خوان (متوفي 1027ھ/1618ع) پنهنجي دؤرجي مشهور عالمن ۽ شاعرن مان هڪ هو، آڳاٽي دؤر ۾ قصه خوان انهن عالمن ۽ شاعرن کي ڪوٺيو ويندو هو، جيڪي شعر و ادب تي حاوي هجڻ سان گڏوگڏ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا ۽ حاضر جواب هوندا هئا، اهو -ان- وقت جي بادشاهن ۽ حاڪمن وٽ وڏو معتبر ليکيو ويندو هو. ملا -اسد- قصه خوان ۽ ملا رشيد ٻئي گڏجي -ايران- مان سنڌ ۾ اچي ميرزا غازي بيگ -ترخان- جا خاص مقرب ٿيا، ملا -اسد- جو ميرزا غازي وٽ وڏو مان ۽ شان هو، هن جي ئي سفارش تي ميرزا غازي مرشد بروجردي ۽ ٻين عالمن ۽ شاعرن کي -ايران- مان سنڌ اچڻ جي دعوت ڏني. ميرزا غازيءَ جي وفات کان پوءِ ملا -اسد-، جهانگير -بادشاهه- جي درٻار ۾ ويو، جنهن هن جي علم و هنر جي قدرداني ڪندي هن کي ’حفيظ خان‘ جو خطاب ڏنو . ملا -اسد- قصه خوان پنهنجي دؤر جي شاعرن ۾ پڻ سر فهرست هو، اڪثر علمي ۽ ادبي مجلسن ۾ شعر في البديهه چئي ڏيندو هو. 1027ھ/1618ع ۾ جڏهن جهانگير -بادشاهه- گجرات مان آگري ڏانهن پئي آيو، تڏهن ملا -اسد- به ساڻس گڏ هو ۽ واٽ تي وفات ڪري ويو. مرشد بروجردي هن جو گهاٽو دوست هو. تنهن هن جي وفات تي هڪ طويل مرثيو لکيو هو، جنهن جو مطلع ۽ مقطه هيٺ ڏجي ٿو: دريغا دريغا که محفوظ خان رفت اسد آن جهانِ هنراز جهان رفت اسد رفت و -تاريخ- فوتش زمر شد طلب ڪرده دل گفت -اسد- راگمان رفت (1027ع)[1]