اسدالله شاھ حسيني

ڊاڪٽر اسدالله شاهه ”بيخود“ حسيني ولد سيد الله بخش شاهه 12 اپريل 1931ع تي ڳوٺ ٽکڙ ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. پاڻ مشهور شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي.

ڊاڪٽر اسدالله شاهه مشرقي ۽ مغربي علمن جي تحصيل ۽ تڪميل جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ انگلينڊ جي علمي ادارن کان مستفيد ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي 1957ع ۾ پاس ڪري ساڳئي سال لنڊن روانو ٿيو. اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو ريسرچ اسسٽنٽ مقرر ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) به ڪيائين. شاهه صاحب ڊاڪٽريٽ جي امتيازي ڊگري ڪيمبرج يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. جنهن لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”ايران ۾ تيمور دور ۾ مذهبي طبقن جو معاشري ۽ سياست تي اثر.“

تعليمي ۽ ادبي خدمتون

سنواريو

1960ع ۾ واپس وطن آيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فارسيءَ شعبي ۾ ليڪچرر ٿي رهيو. هن 1953ع ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو، شاعريءَ جي حوالي سان پهريائين مولانا غلام محمد گرامي صاحب سندس رهنمائي ڪئي ۽ پوءِ سائين مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت نصيب ٿيس. شاهه صاحب غزل، نظم، آزاد نظم، رباعي، قطعي، ڪافي ۽ بيت وغيره تي طبع آزمائي ڪئي. ڊاڪٽر صاحب اعليٰ پايي جو نثر نويس پڻ هو. شاهه عبداللطيف جي فن ۽ فلسفي جي تشريح جي سلسلي ۾ لکيل سندس مضمون زبان جي سلاست ۽ انداز بيان جي لحاظ کان سنڌي نثر ۾ خاص اهميت رکن ٿا: جهڙوڪ شاهه جي سسئي، شاهه جي سهڻي، شاهه جي مومل ۽ شاهه جي مارئي وغيره. کيس خاڪا لکڻ تي پڻ وڏي دسترس حاصل هئي. ان سلسلي ۾ ”منهنجا آشنا اديب“ جي عنوان هيٺ اهڙا ته دلڪش خاڪا لکيائين، جو پڙهندڙ جي اڳيان شخصيت کي هوبهو بيهاري ڇڏيائين. ان کان علاوه هيٺيان ڪتاب پڻ تاليف ڪيائين.

  1. ”پيغام غمگسار عرف حافظ شاهه جو ڪلام“ (1954ع)
  2. ”تذڪره شعراءِ ٽکڙ“ (1959ع)
  3. ”تاريخ جو فلسفو“ (ابن خلدون جي مقدمي جو انگريزيءَ تان ترجمو: 1966ع)“
  4. ”ڪليات دلگير“ (ترتيب: 1968ع) ۽
  5. ”يادگار لطيف“ وغيره.

سنڌي ٻوليءَ جو هي گهڻگهرو، 24 جولاءِ 1981ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.[1]