استنجو(انگريزي: Istinja) انساني ضرورت يا رفع حاجت کان فارغ ٿيڻ بعد جسم جي اڳئين ۽ پوئين حصي کي پاڪ ڪرڻ کي استنجو چوندا آهن توڙي ان لاء کڙا استعمال ڪيا وڃن يا پاڻي[1] پيشاب ۽ ڪاڪوس کان فراغت کان بعد بدن پاڪ ڪرڻ کي استنجو چئبو آهي. اسلامي شريعت ۾ استنجي ڪرڻ جو تمام گھڻو تاڪيد آيو آهي ۽ استنجي کان غفلت ۽ لاپرواهي گناھ آھي[1].

آداب ۽ احڪام

سنواريو

پيشاب يا ڪاڪوس کان فارغ ٿي ضرورت مطابق کڙن يا ڀترن سان بدن جي ان حصي کي چڱي طرح پاڪ ڪرڻ ۽ وري پاڻي سان پاڪائي حاصل ڪرڻ سنت سمجھي ويندي آهي ۽ جيڪڏھن ڀٿر نہ ملي سگھن تہ صرف پاڻي سان بہ پاڪائي حاصل ٿي ويندي آهي. پيشاب ڪرڻ بعد ايترو ترسڻ کپندو آهي جو قطرو نہ اچڻ جو اطمينان ٿي وڃي تہ پوء استنجو ڪيو ويندو آهي[1]. استنجي لاءِ پاڻي، مٽي جا کڙا، ڀتر، ڪنڪريون، معمولي پراڻو ڪپڙو، ڇھي ويندڙ شيون وغيره استعمال ڪيون وينديون آهن[1]. ڌاتن، ھڏي، ڪوئلي، چوني، شيشي، اھڙيون شيون جيڪي جانور کائن، قيمتي شين، عرق، ڪاغذ جي ٽڪر، زمزم جي پاڻي، ميون جي کلن سان استنجو ڪرڻ منع آهي[1]. جيڪڏهن گندگي پنھنجي جڳھ کان نہ وڌي تہ استنجو سنت مؤڪدہ آهي ۽ جيڪڏهن گندگي پنھنجي جڳھ کان وڌي وڃي تہ فرض آهي[1]. جيڪڏهن ڪاڪوس يا پيشاب وارين جاين مان ڪا پليدي مثلاً مني، حيض يا رت وغيره نيڪال ٿئي تہ استنجو ڪرڻ کپي[1]. استنجو کٻي ھٿ سان ڪجي ۽ ان بعد ھٿ کي صابڻ يا مٽيءَ سان ڌوئي ڇڏڻ کپي[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 36-105,106