استاد لغاريءَ جو پورو نالو لقمان ولد محمد عالم آهي، 21 نومبر 1956ع تي ڳوٺ مولوي خير محمد احمداڻي ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم ۽ خدمتون سنواريو

1968ع ۾ پرائمري ۽ ديني تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۽ انٽر کپري (سانگهڙ) مان ۽ ايم. اي 1991ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان مڪمل ڪيائين. 1983ع ۾ مسجد اسڪول استاد 1991ع ۾ جي. ايس. ٽي ۽ 2001ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. انهيءَ دوران، پي. ٽي. سي، سي. ٽي ۽ بي. ايڊ جا ٽريننگ ڪورس سال 2000ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان مڪمل ڪيائين.[1]

ادبي خدمتون سنواريو

باقاعده لکڻ جي شروعات 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ڪيائين. 1981ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو يونٽ قائم ڪري سيڪريٽري مقرر ٿيو. ساڳئي سال ”پڪار پبليڪيشن“ کپرو جو بنياد وڌائين، ان پليٽ فارم تان ڪتابي سلسلو جاري ڪيائين، جنهن جو پهريون ڪتاب ”آيو آيو سوجھرو“ جون 1982ع ۾ شايع ٿيو. ساڳي پبليڪيشن پاران، ٻيا چار ادبي پرچا ’سچي دنيا‘ جي نالي سان 1986ع ۾ کپري مان شايع ٿيا. اهڙي طرح 1990ع واري ڏهاڪي اخباري سائيز جو هڪ ادبي پرچو ’ڪاروانِ بهار‘ ۽ ٽي ٻيا ادبي پرچا ”ڀاڳ“ جي نالي سان کپري مان شايع ڪيائين. 1983ع ۾ ماٽا (مسجد اسڪول ٽيچرس ايسوسيئيشن) جو بنياد وڌائين ۽ ان جو پهريون مرڪزي صدر منتخب ٿيو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ هن وقت ٻين ڪتابن کان علاوه شاھ جي رسالن جو قيمتي ذخيرو موجود آهي. خصوصاً قلمي، ليٿو، عڪسي، فوٽو اسٽيٽ، پرنٽنگ پريس ۽ ڪمپيوٽر لکائي تي مشتمل، سنڌي، سرائيڪي، انگريزي، عربي، اردو ۽ پنجابي ٻولين ۾ شاھ جا رسالا موجود آهن. سندس نمايان ادبي ڪم شاھ جي رسالي جو منظوم سرائڪي ترجمو ڪرڻ آهي. جنهن کي ”شاهه دا رسالا“ جي عنوان سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران 2010ع ۾ شايع ڪيو ويو. استاد لغاريءَ شاھ جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو پڻ لکيو آهي، جيڪو هن 2011ع ۾ لکي پورو ڪيو. هن وقت سندس ترتيب ڏنل چار شاهه جا رسالا ۽ ٻه تحقيقي ڪتاب ”موکي متارا“ ۽ ”مخزن تصوف“ بياض جي صورت ۾ لائبرري ۾ موجود آهن. سندس مشهور مقالن ۾ موکي متارا، ڪلام گرهوڙي جو نئون هٿ آيل قلمي نسخو ۽ شاھ جي رسالن جي مختصر تاريخ شامل آهن.[1]

ھن وقت سنواريو

استاد لغاري هن وقت گورنمنٽ هاءِ اسڪول کپري ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي.[1]

حوالا سنواريو