استاد فدا حسين خان (گويو ):-استاد- فدا حسين خان، نامور ڪلاسيڪي گويي استاد بيبي خان جو ٻيو نمبر پٽ، نياز حسين جو ننڍو -ڀاءُ- ۽ -استاد منظور علي خان- جو سوٽ هو. -استاد- فدا حسين جو اصل نالو خدا بخش هو. ڪنهن بزرگ جي چوڻ تي سندس والد هن جو نالو تبديل ڪري فدا حسين رکيو. سندس -جنم- حيدرآباد ۾ ٿيو. هيءُ چوٿين درجي ۾ هو ته کيس مدي جو -بخار- ٿي پيو. بيماريءَ مان اٿڻ بعد سندس دل پڙهائيءَ کان ڀڄي پئي ۽ گهر ۾ پنهنجي والد -استاد- بيبي خان وٽ ڳائڻ جو رياض ڪرڻ لڳو. -استاد- بيبي خان نياز حسين کي -باجو- (هارمونيم) ۽ فدا حسين کي طبلو هٿ ۾ ڏئي، سندس باقاعدي تربيت ڪئي. هيءُ گهٽ پڙهيل هو، پر ننڍپڻ کان ئي -استاد عاشق علي خان-، -استاد بڙي غلام علي خان- ۽ -استاد- -امير- خان (اندور والي) جهڙن بزرگ گوين جي صحبت ۾ رهيو ۽ موسيقيءَ جي هر رنگ جي ڄاڻ باقاعدي حاصل ڪيائين. موسيقيءَ سان واسطو رکندڙ گهراڻن ۾ اها روايت موجود آهي ته ڪو به گويو، ڪلاڪار ۽ راڳي پنهنجي پيءُ جو شاگرد نه ٿو چوائي سگهي، -ان- ڪري -استاد- بيبي خان هڪ محفل ۾ پنهنجي -ڀاءُ- مراد علي خان کي چيو ته فدا حسين کي سڳو -ٻڌي- شاگرد ڪر. -استاد- مراد علي خان، فدا حسين کي باقاعدي شاگرد بڻايو ۽ اڳڪٿي ڪئي ته هيءُ اسان جي خاندان جو نالو روشن ڪندو. مارچ 1982ع ۾ پيءُ جي وفات مٿس گهرو اثر ڇڏيو. ڪجهه عرصي بعد موسيقيءَ جي وڌيڪ -تعليم- لاءِ -استاد- خان صاحب مبارڪ علي وٽ ڪراچيءَ ويو، ٻه سال رهڻ بعد موٽي آيو. سنڌ ۾ ڪافي ڳائڻ جو جيڪو انداز بيبي خان متعارف ڪرايو، -ان- کي اڳتي وڌائڻ ۾ -استاد- فدا حسين خان جو وڏو ڪردار آهي. -استاد- فدا حسين، حضور اڪرم صلي -الله- عليه وسلم جي ولادت (عيد ميلاد النبيصه) کانسواءِ ڪڏهن به خوشيءَ جو ڪو ڪلام نه ڳايو. حيدرآباد جي اڪثر محفلن ۾ هن کي آخر ۾ وارو ڏيندا هئا ۽ کيس وڏو ملهه سڏيندا هئا. وٽس ننڍا توڙي وڏا فنڪار سکڻ، موسيقيءَ جي مسئلن جي ڄاڻ وٺڻ ۽ صحيح راڳ جي معلومات وٺڻ ايندا رهندا هئا، -جن- ۾ عابده پروين، وحيد علي، سينگار علي سليم، صادق علي، ظفر علي، مظهر حسين، ذوالفقار علي ۽ ٻيا ڪيترا شامل آهن. -استاد- فدا حسين جي شاگردن ۾ جمعو فقير مڱڻهار، پپو فقير، عنايت -الله- عباسي، ياسين فقير رنگ، چوڻُ، مانجهي، يار محمد چانڊيو، راجو، غلام حسين، محمد يوسف، مٺو ڪڇي، مائي -الله- وسائي، آفتاب -بلوچ-، علي نواز، ذوالفقار علي ۽ حسين جا نالا شامل آهن. -استاد- فدا حسين 4 نومبر 1994ع تي 52 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو