اسان کي متان وساريو

اسان کي متان وساريو ٻوليءَ جي موضوع تي هيءُ ڪتاب گنگارام سمراٽ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ اهي لفظ ڏنا ويا آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ اڌ صدي اڳ ۾ رائج هئا. سنڌي ٻوليءَ جو گڏ ڪيل هيءُ لغوي خزانو سنڌي لغات تي تحقيق ڪندڙن لاءِ رهبر طور ڪم ڏيندو. ڊيمي سائيز ۽ رنگين ٽائيٽل ۾ 212 صفحن واري هن ڪتاب جو پھريون ڇاپو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران مارچ 1999ع ۾ شايع ٿيو، جنھن جي قيمت 100 روپيا آهي.[1]