اسان جي عشق ڳالھايو. (شاعري)

لَاۤ اِكۡرَاهَ فِى الدِّيۡنِ​ۙ قَد تَّبَيَّنَ الرُّشۡدُ مِنَ الۡغَىِّ​ۚ فَمَنۡ يَّكۡفُرۡ بِالطَّاغُوۡتِ وَيُؤۡمِنۡۢ بِاللّٰهِ فَقَدِ اسۡتَمۡسَكَ بِالۡعُرۡوَةِ الۡوُثۡقٰى لَا انْفِصَامَ لَهَا​​ ؕ وَاللّٰهُ سَمِيۡعٌ عَلِيۡمٌ‏ ٢٥٦
  اسان جي عشق ڳالھايو (شاعري)          
           نظم


لھن ٿا عشق جا اڪثر مون تي الھام منصوري.

لڳايو شان موجب مون مٿان الزام منصوري.

مِلَي اعزاز عاشق کي تڏھن ٿو عاشقيءَ جھڙو.

گونجي ٿِي دار تي جنھن پل انھيءَ جي مام منصوري.

چوان ڇو نورُ اوندھ کي صبح ڇو رات کي ڪوٺيان.

ڪفرُ تنھنجي چوڻ تي ڪيئن خدائي ڏات کي ڪوٺيان.

اھا ئي ڏات آ جيڪا ٿِي سچ  ۽ ڪوڙ سمجھائي.

اھا ئي ڏات آ جيڪا بغاوت کي ٿِي ڀڙڪائي.

بغاوت عشق جو پھريون سبق آھي پچايان پيو.

پڙھايان پيو اھي جڳ کي سڀئي پيغام منصوري.


بغاوت جيڪا حاڪم  سان ٿِي محڪومن کي ٽڪرائي.

بغاوت جيڪا ظالم سان ٿِي مظلومن کي ويڙهائي.

بغاوت مسندون لوڙھي، بغاوت رياستون ٽوڙي.

بغاوت خوف کي ماري، دلن ۾ حشمتون  جوڙي.

ٿُڏَي فرمانَ شاھاڻا، ٽوڙي قانون فرعوني.

مڃَي ٿِي ۽ مڃائي ٿِي فقط احڪام  منصوري.


اھي احڪام انساني مڃائين عظمتون جڳ ۾.

اھي احڪام جيڪي ٿا جاڳائين محبتون جڳ ۾.

اھي احڪام نفرت لئہ ڏين ٿا درس نفرت جو.

اھي احڪام جيڪي ٿا رکن درجو عبادت جو.

عبادت اھڙي افضل ٿو مان سمجھان حجّ اڪبر کان.

ڪفن سر سان عبادت تنھن جا ئي احرام منصوري.


ڪٿي مجذوب، ديوانو ڪٿي ڪافر به سڏرائي.

قلندر جو لقب بخشي، ڪڏھن رھبر به مڃرائي.

ڪڏھن تنھا ڪري جڳ ۾، ڪڏھن ٿي قافلا جوڙي.

جيڏي تڪليف آڻي ٿي ايڏا ٿي حوصلا جوڙي.

اھا ئي مام منصوري جيڪا    باغي سڏارائي.

ڳڻڻ کان ئي گھڻا بيشڪ آھن انعام  منصوري.


اھا گھر گھاٽ ويساري ڪري در در جو  سيلاني.

اھا ئي آھي پهچائيندي مقتل ۾ با آساني.

اھا گھاڻي ۾  پيڙھائي، اھا ئي دار پھچائي.

اھا ئي ٿِي صليبن تي مسيحائن کي  ٽنگرائي.

اھا ئي ديس جي خاطر ٿِي جيئري جوان ساڙائي.

اھي اي ڪاش آصف جا ٿين انجام  منصوري.


اَللّٰهُ وَلِىُّ الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا يُخۡرِجُهُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوۡرِ​ؕ  وَالَّذِيۡنَ كَفَرُوۡۤا اَوۡلِيٰٓـــُٔهُمُ الطَّاغُوۡتُۙ يُخۡرِجُوۡنَهُمۡ مِّنَ النُّوۡرِ اِلَى الظُّلُمٰتِ​ؕ اُولٰٓٮِٕكَ اَصۡحٰبُ النَّارِ​​ۚ هُمۡ فِيۡهَا خٰلِدُوۡنَ‏ ٢٥٧


مايوسي  موت ۽ ولولو زندگي۔

جستجو زندگي، حوصلو زندگي۔

ٻيلا هُو ٿو وڍي ڄڻ اجل ڏي ڌِڪَي۔

ساھ کي آخري ڄڻ ته پل ڏي ڌِڪَي۔

جو ڦُٽَي ٿو نئون سو سَلو زندگي۔


موت جو راڄ آ، رُڃَ ٿِي واڪا ڪَري۔

اُڃَ مري ساھ ٿو سُڃَ ٿِي واڪا ڪري۔

ٿر مٿان ٿِي وسو بادلو زندگي۔


ڇو اڪيلا اڪيلا  ٿا ماريا وڃو۔

اڄ ٻڌي ڪا ڪيو جيئن جياريا وڃو۔

ڪاروان  زندگي، قافلو زندگي۔


بحري موجن جيان ڪجهه مچو ڪجهه مچو۔

ڪنهن  نئين  صبح  جيان   يارو  اڀري  اچو۔

ٿيندي  پنهنجي   تڏهن   ڀرجهلو   زندگي۔


تيز  ڪي  کڻ  وکون   هو  اڳيان منزلون۔

ڪنهن نئي جوش سان هَلُ ته هُن سان ملون۔

ٿورڙو   ٿِي   رکي   فاصلو   زندگي۔


ڀونءِ آزاد  ٿيندي  جي  آصف  رِڙهون۔

ذلّتُن سان وِڙهون حالتن سان وڙهون۔

طئي ڪري پئي نئون  مرحلو  زندگي۔

 دين ۾ ڪابه جبر نه آهي، گمراهيءَ کان هدايت پڌري ڪئي وئي آهي، پوءِ جنهن طاغوت کي رد ڪيو ۽ پوءِ الله کي مڃيو، پوءِ ان هڪ اهڙو مضبوط حلقو رکيو آهي جيڪو ڪڏهن به ٽٽڻ وارو نه آهي، ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي.

(ليلي جا آتڻ)

هتي تھذيب  جو  ديرو۔

مٽيء جو ڍير ڪونهي ڪو۔

صدين  جو  آ  سفر  هن جو،

ڀلي  ڪو  پير ڪونهي ڪو۔

وڏن  جيڪا   مشقت  ڪئي۔

اها    هن     ۾   پئي   جاڳي۔

هتي  پھتا  آهيون   جيڪي۔

ڪٿان  آخر   اسان   جهاڳي۔

مئل  هي  ماڳ ڪونهي ڪو۔

اجايو   راڳ    ڪونهي  ڪو۔

اسان  جي  ارتقا  جا    سڀ۔

هتي     آثار      جاڳن      ٿا۔

ٺڪر  جي  ٿانو   ٽڪرن   ۾۔

منهنجا    ڪنڀار   جاڳن    ٿا۔

مٽيء  جو   هر   ذرو   شاهد۔

ته  ڪيڏو  مان   پراڻو   هان۔

پنهنجي    تاريخي    اهڃاڻن۔

جو  بيشڪ  آئون  ڄاڻو هان۔

انهي   تاريخي    ورثي   کي۔

تون ميسارڻ جو  سوچڻ ڇڏ۔

انهي   ليلي   جي   آتڻ   کي۔

مٽائڻ   ڇڏ   ۽    ڊاھڻ   ڇڏ۔

وگرنه    ياد    رکجان    تون۔

ته  تھذيبون  نه ڊھڻيون هن۔

مري    انسان    ٿو    بيشڪ۔

مگر   تھذيبون  رهڻيون  هن۔

ڪڏهن  تون ڀي مري ويندي۔

نئين    تاريخ    لکجي    پئي۔

مٽيء  ۾   تون   ڳري   ويندا۔

مگر   تو    کي    ابد    تائين۔

ڏيندي   تاريخ     پئي  ڀونڊا۔

اهو  ڀي  ياد   رکجان    تون۔

اهو  ڀي  ياد   رکجان    تون۔

الله مؤمنن جو نگهبان آهي ۽ (ان جي برعڪس) جن ڪفر ڪيو تن جا اولياءَ (مددگار ۽ مددگار) طاغوت آهن. انهن کي روشنيءَ مان ڪڍي اوندهه ۾ آڻن ٿا. هي دوزخي ماڻهو آهن اُھي ان ۾ ھميشه رھندا.

نه  ڪو  دلبريء   جون ، نه   ڪو  دلربا جون۔

اسان  کي  وطن   قوم    جون  ئي   پچارون۔

ڪيون  ساهه  سر  هي مٺو سنڌ کان ڪيئن؟

سٺيون  ڪونه  ٿينديون  اسان  کان ميارون۔


هي   چاهت  محبت  جي  جذبن  کي   ماري۔

اهي       ديدور      دلربا       سڀ      وساري۔

ڇڏي    گهاٽ    گهر ، ٻار     نڪري    پياسين۔

وطن   جي   حفاظت   لئه   سنبري   پياسين۔

بچياسين ته پيارن جون لهبيون پيون سارون

هينئر   پر   ضروري   وطن   جون   سنڀارون۔

سٺيون  ڪونه  ٿينديون  اسان  کان ميارون۔


هي  ڌرتيء  جي  سيني  تي  غيرن  جا  پيرا۔

هي   وحشي   هي   قاتل   هي   ڦورو  لٽيرا۔

لٽيرن   سان   جهيڙي   هي   قاتل    ڀڄايون۔

وسيلا     بچايون      وطن     کي    بچايون۔

ڪا  خوشحالي   آڻيون ، ڪا  آزادي  ماڻيون۔

اهي  ڪوڙ  دوکي  جون  ڊاهيون   ديوارون۔

سٺيون  ڪونه  ٿينديون  اسان  کان ميارون۔


مري   پئون   ته   مايوس  پويان  متان  ٿيو۔

متان   هانء   هاريو ، متان   هانء     هاريو۔

وري   حوصلي   سان   نئين   ولولي    سان۔

وري    ڪمڪ    جوڙي  نئين   قافلي   سان۔

رهيل   جنگ   جوٽي   نتيجي   ڏي.  وڃجو۔

ڪري   راجا    ڏاهر    ۽    هوشوء     الارون۔

سٺيون  ڪونه  ٿينديون  اسان  کان ميارون۔


ڊگهي   رات   جي    نيٺ     ٿيندي    پڄاڻي۔

ڪندي  قوم  رهندي  جي  دشمن  سان پاڻي۔

اهيا   هڪ   هڪاڻي   ئي  منزل  تي  نيندي۔

منهنجي    سنڌ   جيجل   به    آزاد    ٿيندي۔

اي   آصف   غلامي    هتان     نيٺ   ويندي۔

۽   منھنجي   نگر   ۾   به   اينديون  بهارون۔

سٺيون  ڪونه  ٿينديون  اسان  کان ميارون

الله مؤمنن جو نگهبان آهي ۽ (ان جي برعڪس) جن ڪفر ڪيو تن جا اولياءَ (مددگار ۽ مددگار) طاغوت آهن. انهن کي روشنيءَ مان ڪڍي اوندهه ۾ آڻن ٿا. هي دوزخي ماڻهو آهن اُھي ان ۾ ھميشه رھندا.

لڙڪ  ، لڙڪ، گهاو ، گهاو جو  اٿو  وٺون  حساب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


شهيد   ڀاء    جو    قسم    اٿو   اٿو   اٿو  هلون۔

۽  سنڌ   ماء   جو   قسم   اٿو    اٿو   اٿو  هلون۔

قسم    اٿو   امڙ   جي   آھ    آھ  جو۔

قسم  اٿو  بکن  کان  پيٽ   پاهه  جو۔

قسم  اٿو  سڪل  سنڌو  درياهه  جو۔

ٿيل  وطن  تي  وار  وار  جو  ڏجي  هلي  جواب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


کڻو  لٺيون ، ڪهاڙيون، رنبا  ڪي  ڏاٽا ،ڪوڏرون۔

مرون ته هونئن ئي پيا ته ڇو نه پوء وڙهي مرون۔

هلو  ته  يارو  ننگ  لئه   هلي  وڙهون۔

۽  ديس  واري  دنگ  لئه هلي وڙهون۔

آزادي  جي   امنگ  لئه   هلي  وڙهون۔

سهون  ته  ڇو  ڀلا سهون  هي ذلتن  ڀريو عذاب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


جي  غيرتون مري  وڃن ته زندگي جي ڇا ڪبي؟

وطن  جي  وارثي  نه  ٿي ته بندگي ٻي ڇا ڪبي۔

اسان  جي  زندگي  اسان  جو آ وطن۔

اسان  جي  بندگي  اسان  جو   وطن۔

اسان جي دل  لڳي  اسان جو آ وطن۔

ٻيا   سوال   پوء   جا   ته   ڇا   گناهه  ڇا  ثواب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


بهار    باغ    جي    خلاف    بار    بار    سازشون۔

گلن   وڻن    خلاف   جوڙي   ڌار   ڌار   سازشون۔

ڏسو  ته  جهنگ  سڀ  وڍي  پيو، اٿو۔

زمين   کان  حسن   کسي   پيو  ، اٿو۔

سنڌو    ندي    اڃا    لٽي    پيو  ، اٿو۔

شاداب  سرزمين  سنڌ  جي  نه  ٿي  وڃي سراب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


اسان  جي  درسگاهه  جي  اجاڙ تي لڇي ٿي دل۔

شعور،علم  کان  پري  رهي   اسان  جو  ٿو  نسل۔

پڙهڻ ، لکڻ  کپن   جي   هي    گلابڙا۔

رلن ، لڇن ، روئن    اسان   جا    ٻارڙا۔

مزدوريون ٿا ڪن  هي  ڪيڏا پتڪڙا۔

هجڻ  کپي  جنين  جي  هٿ  ۾  فقط قلم،ڪتاب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


اسان  گهرون ٿا  بس اهيو  ته بيوسي مري وڃي۔

هي  ظلم،جبر،ڏاڍ  جو ڪو  هانء  ئي  ڏري وڃي۔

لڇي،لڇي،ڊڄي،ڊڄي  جيئون به ڇو؟

هي ڪوڙ دوکي جو زهر پيون به ڇو؟

غلام  ديس  پنهنجي  ۾  ٿيون به ڇو؟

اٿو ته ديس واسين  جو ٿئي  ختم هي اضطراب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.


آزادي  ڪونڌرن  جا   سر  گهري  پئي  اٿو  هلون۔

دلير   سورمن    کي   سنڌ   پئي  سڏي  اٿو  هلو۔

هلو  ته  رت   ساڻ   کيڏون   هوليون۔

ملهايون   ٿڃ    ماء   جي  ۽   لوليون۔

هلو  ته  حشمتن  جي   ٻولي  ٻوليون۔

هلو  ته  آصفہ موٽايون  پنهنجو  ساڳيو  آب تاب۔

آڻجي    ڪو     انقلاب  ،  آڻجي     ڪو    انقلاب.






هڪ   ڪنڌ     ڪپائي   آيو  آ۔

ٻئي   مقتل   ڏي    واجهايو  آ۔


جيئن     نينھن    نياپو    آيو۔

سڏ     وير     وڃي     ورنايو۔

کيس   ماڻهن   ڀي  سمجهايو۔

ڪنھنجي ڳالهين  ۾هو نه آيو۔

پنھنجي ڇيرين کي ڇمڪايو۔

گيت     آزاديء     جا     ڳايو۔

وڃي  ويرين   سان  ٽڪرايو۔

جنھنجو  عضوو عضوو گهايو۔

جوان  واهجو  نينھن  نڀايو آ۔

ٻئي   مقتل   ڏي    واجهايو  آ۔


هي  باغيء   باغيء   ٽوليون۔

ٻڌ    آزاديء    جون   ٻوليون۔

جن عمريون پنهنجون روليون۔

پيا  رت  سان  کيڏن  هوليون۔

مليون جن کي حشمت لوليون۔

سي   سھندا  ڪيئن  ٺٺوليون۔

سينن  تي  سھن  پيا  گوليون۔

ماڻن   پيا    شھادت   ڳوليون۔

هڪ وڙهندي وڙهندي گهايو آ۔

ٻئي   مقتل   ڏي    واجهايو  آ۔


هي  جنگ  جا  وڳا  جو  نغارا۔

ڏئي    هڪلون   هوڪا   نعرا۔

سڀ   پورهيت   هاري   پيارا۔

پڳا   دولھ      سورهيہ   سارا۔

سڀ  موت   سندا   هي   مارا۔

هي    هوشوء  ،  دودي    پارا۔

هي    ڌرتيء     راڄ      دلارا۔

ڏس    آصف    نينھن    نظارا۔

هيء  ميلو   عشق   مچايو   آ۔

ٻئي   مقتل   ڏي    واجهايو  آ۔






اچو    ته   انقلاب     جو    وري     سبق    اچارجي۔

ڪو  ساھ  ساھ  گهورجي  ڪو  ڪنڌ  ڪنڌ  وارجي۔


اونداھ   جي   به   آڻ   ڇو   مڃون  اچو  ڏيئا  کڻي۔

هوا  کي   هٺ ،  رات  کي  به  هوڏ  آ   گهڻي   گهڻي۔

هوا   جو   هٺ    ٽوڙجي    ۽   لاٽ   ڪائي   ٻارجي۔


جيئون ته جوان ٿي جيئون مرون ته مڙس ٿي مرون۔

وڙهون ته مرڪندي وڙهون،ورون ته شان سان ورون۔

هلو   جياري   حشمتون    ۽  خوف  دل  جو  مارجي۔


رڳو  ڇو   ڳوٺ   ماتمي   ۽   شھر   پنھنجا  سوڳ  ۾۔

گهٽي  گهٽيء  ۾   آ  تڏو  هي  ديس   سارو  روڳ  ۾۔

ڇو   لڙڪ   لڙڪ   لار   سان   لڇي   لڇي  گذارجي؟


قلم  ،  ڪتاب   هٿ  ۾  ،  ڪلهي   ۾   ڪا  ٺڪاوڻي۔

شعور  قوم   کي   ڏجي   ۽   ڊاهجي   ڪا   ڇانوڻي۔

هي  فرض  آهي  پاڻ  جو  سو  فرض  ڇو وسارجي۔


سسئي    ٿي    پيچرا      لتاڙبا    اٿي    اٿي   هلون۔

وکون   وڌاء   اي  آصف   ته  ماڳ  تي  هلي  پڄون۔

پري  جي  پنڌ  کي   ڏسي   ڇو  پير  کي   پسارجي۔






اڙي  تاريخ   جا   منڪر!  اڙي  او  مشڪرا  جڳ  جا.

ٻَڌين  ٿو  ارتقا  آڏو  جي  بند  سي  سڀ لڙهي ويندا.

ڄڻيو تھذيب جنهن تو کي انهيءَ کي ٿو گهرين مارڻ.

اَبَد کان ڇو تون اڻ واقف؟ اَزل جو ڇو تون انڪاري؟

مري    انسان.  ٿو    بيشڪ.   مگر   ادراڪ.  ابدي.  آ.

علم ،  ادراڪ   جا   ويري !   اڙي   رهزن !  اڙي مارِي!

لٽيندڙ   خاڪ   ۾   ملندو   مگر   هي   ٿاڪ   ابدي  آ.

انهيءَ  ئي  ٿاڪ جي مٽيءَ سڀن کي جيڪا پالي ٿي.

اها    مٽي    ئي    ماتا   آ   ،  اها   مٽي   ئي   داتا   آ.

مٽي  قومن   کي   پالي   ٿي   مٽي  تن  جي  وِڌاتا  آ.

مٽيءَ  سان  وير  هي  تنھنجو  جھالت  آهي  گمراهي.

مڃان ٿو قومون قومن جي هٿان پڻ زَيرِِ ٿينديون هِن.

مگر  ڪا  قوم  ئي  مٽجي  وڃي  دنيا جي تختي تان.

اهو  ٿيو  آ ، نڪو   ٿيندو   ڀلي   ڪو  نا  خدا  چاهي.

قومون    تاريخ    جو     ادراڪ    آ   ۽    ارتقا    آهي.

اهيا   جا   ارتقا   آهي    سا     بيشڪ    لا   فنا  آهي.

رکيو   جنھن   ارتقا    سان   وير   سو   برباد  رهيو  آ.

ڀلي  ارغون ، بن  قاسم  ، سڪندر  ڏي  به  ڏس  موڳا.

اهي  سڀ   وقت  جا   رهزن  ويا  مٽجي  زماني  مان.

مگر   تھذيب   اڄ   ڀي   آ  ،  اتي   ڌرتي   اڃا   ساڳي.

جڏهن  تاريخ  جو  هي  سڏ  وطن  واسين جو ورنايو.

تڏهن بارود  ۽ لشڪر  بچائي  تو کي  سگهندو ڪيئن؟

قومون   آزاد    ئي  رهنديون ، مٽي  آزاد  ئي  رهندي.

سفر  هي   ارتقا   جو  پيو   جُڳن  تائين  سدا   هلندو.

ٻَڌين  ٿو  ارتقا  آڏو  جي  بند  سي  سڀ لڙهي ويندا.

اڙي  تاريخ   جا   منڪر!  اڙي  او  مشڪرا  جڳ  جا.






ڪانئرن  قيد  ۾   ڏينھن   پيو   گهاريان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.


ڪنھنجي نيڻن ۾ محصور  مون ٿي ڏٺو.

ڪلف   ڪڙين  ۾   منصور   جا  ٻيا  مزا.

نينهن هن جي  ۾  بيشڪ لطف ئي لطف.

پر  مٽيءَ  لئه   مليل  سور  جا  ٻيا  مزا.

مان  وساري    مٺي   پيو  مٽي  ساريان.

سنڌ  تو  سان   ڪيل  پيو وچن  پاريان.


بند  کوليءَ  ۾   باندي  لڳل   هٿڪڙيون.

توڙي  ڪن  ٿا  ستم   هو  هزارين  کڻي.

ڳاٽ   اونچو  ڪري ،  سيني  کي  تاڻيو.

ڪورٽن   جي   اندر   نينھن  نعرا  هڻي.

ڪانئرن   جا   اندر   ٿو    پيو   ساڙيان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.


جي  شھيدن  سان  ها  عهد  پيمان  ٿيا.

پاڻي   تن   کي   ڏبو   ۽    ٿبو   سرخرو.

ساھ  جي  تند  جيسين  ٽٽي هيءَ نٿي.

جاري  آهي  ۽   رهندي   سدا   جستجو.

قول  توسان   ڪيل  ڪيئن   ويساريان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.


قيد  زندان  ۾   مان   نه  پھريون  ڄڻو.

کوڙ     منصور     وارو     وڄائن     پيا.

سھسين سر  تي سھن ٿا  پيا  سختيون.

نينھن    سنڌ    سان   نماڻا   نڀائن   پيا.

مان  سھي  سختيون  هانءُ ڇو هاريان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.


هو  تقاضا  ٿا  ڪن  قومي  تحريڪ ڇڏ.

مان چوان  ٿو مان سنڌ  جو وفادار هان.

تاڻي   هٿيار    ڏين   ٿا   گدڙ   ڀڀڪيون.

مان  به  موهن  دڙو  جو  ڏنگو  ٻار هان.

شينھن هان شينھن جو  ٿو جگر ڌاريان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.


جيئن  منھنجو  وطن  سان سچو پيار آ.

جوڻو آصف به  سنڌ  لئه  رکي پريت ٿو.

ٿو   وطن ،  قوم   جي  لاءِ  تڙپي ، لڇي.

جاڳي راتيون  هو سنڌ  لئه لکي گيت ٿو.

گيت  ان  جا لکيل  مان  ٿو جهونگاريان.

سنڌ  تو  سان  ڪيل  پيو  وچن  پاريان.






اڙي   او   جانان   نه   هارجان  دل.

ختم  هجر  جو  هي   سور   ٿيندو.

هي   سور   مٽجي   سرور   ٿيندو.

وصال    پنھنجو     ضرور    ٿيندو.

ڪنداسين ٻئي هڪٻئي کي حاصل.

اڙي   او   جانان   نه   هارجان  دل.


زماني  جو آ اصول پنھنجو  ۽ عشق جي آ پنهنجي روايت.

قانون،مذهب ۽ سرحدن جي رهي نه طابع ڪڏهن محبت.

مڃان   ٿو   ويري   سماج  پنھنجو.

سماج    جو     آ    رواج    پنھنجو.

اسان  جو   ليڪن   مزاج  پنھنجو.

اسان   رکي   عشق   تي  آ  توڪل.

اڙي   او   جانان   نه   هارجان  دل.


زخم مليا جي ته مرڪنداسين،چمي عذابن کي ڀربا ڀاڪر.

وفا  اسان  جي  وڪيل  بنبي  ڀلي  بپا  ڪن  هزار محشر.

اسان   کي   انجام    جي    خبر  آ.

زهر     پيالو     يا      ڪربلا    ڪا.

وڄائينداسين     اتي     به     وارا.

ڀلي   سجائي    هي   لوڪ   مقتل.

اڙي   او   جانان   نه   هارجان  دل.

اسان جو هادي ،اسان جو  رهبر .الله ، ايشور، امام عشق آ.

اسان جي لکڻيءَ اسان جي تقرير جو متن ۽ پيغام عشق آ.

هي  عشق   آصف   جي  زندگي  آ.

سا    زندگي    ڄڻ    ته   بندگي  آ.

اسان   کي  ان   جي  ئي  تشنگي آ.

اسان   جي   آ   عشق   لاءِ   هلچل.

اڙي   او   جانان   نه   هارجان  دل.






جسم      ڪمزور       بيحد      بدن      چچريل.

هر   زخم   مان   سندس    جي  لھو   پي  ٽميو.

جنھن    جي    مھڪار    ماحول   واسيو   پئي.

جرم    پنھنجي    بغاوت      جو    باسيو    پئي.

تون   به   هن   جي  ارادن   کان   هئين  با  خبر.

هو     بغاوت      جو       اعليٰ      نمونو     هيو.

موت    جو    کيس     بلڪل    نه    اونو    هيو.

قيد   تنھنجي   اندر   هن    جي   گجگوڙ   سان.

تنهنجي دهشت ڪدن جون  ڀتيون  ٿي ڏڪيون.

هن     جا     مظبوط      بيحد     ارادا      ڏسي.

توکي   انجام      پنھنجو      هو      آيو      نظر.

تنهنجون سختيون نه هن کي جهڪائي سگهيون.

ڳالھ   پنھنجي   نه   هن  کان  مڃائي  سگهيون.

توکي    غوري  ،  حتف  ،  ائٽمن     جو      نشو.

هن   کي   سيّد   ۽  سنڌ  سان  سچو  عشق  هو.

هو   هو   چيڪي    مٽيءَ    جو   ٺھيل   آدمي.

جنھن   کي   سنڌ   جي   امڙ   اهڙي  لولي  ڏني.

هو     بھادر     به     هو    گهوٽ    اڻموٽ    هو.

شاهه   کاهوڙي    سر    پڻ    انهيءَ   لئه   لکيو.

هن    جي     حشمت ، شجائت ، دليري     ڏسي.

عيسيٰ  ،  منصور  ،  سرمد    به     حيران     ها.

هو    لھوءَ    سان     اهڙي    لاٽ    ٻاري    ويو.

قومي     تحريڪ     کي     آ      جياري     ويو.

ها    مظفر    ڀٽو    جي    ڪجي    ڳالھ      ڇا.

نوش      جام      شھادت         ڪري       دلربا.

سنڌ   ،   سيّد     اڳيان    هو      ٿيو     سرخرو.

تنھنجي     مڪّارين     کي    شڪستون   ڏئي.

ورڪرن    کي    نيون     کوڙ     جوتون    ڏئي.

سنڌ     جي     هنج     ۾    آهي    آرامي    ٿيو.

ها    مظفر    ڀٽو    جي    ڪجي    ڳالھ      ڇا.

ماء      جي     هنج     ۾    آهي    آرامي    ٿيو.






ڏئي    موت    کي     مات   تاريخ  ٿي   پيو.

سيد    سنڌ     آڏو      ٿيو       سرخرو    هو.

جڏهن    خلجين   جي   حرامي   ڦرن   جي،

هٿان    لاڙ  ،  ڪاڇو   ،  اتر     لٽجيو    پئي.

وسيلا    پي    لٽجيا     بندر    لٽجيو    پئي.

جڏهن  سرحدن   جون  لتاڙون  وڌي  ويون.

۽    رهزن     به    رهبر    سڏائڻ    لڳا     ها.

جڏهن   ڀاڙين  جون   لٻاڙون   وڌي   ويون،

۽   تحريڪ    جو    گس    مٽائڻ    لڳا    ها.

سبب   ڌاڙي    جو    دين    بنجڻ   لڳو    هو.

جڏهن   ذهن   ڏاهن   جو  زنگجڻ   لڳو   هو.

مڪارين   کي  فتوا  جي  صورت  ڏني  وئي.

۽   ڌرتي   اصل    مالڪن   کان   ڇني   وئي.

ڪڇيو جنھن ته تن جي ڄڀن کي ڪٽيو ويو.

۽   ذهنن   ۾   ٻج   بزدليءَ   جو   ڇٽيو  ويو.

انهيءَ  وقت   نازڪ   ۾   ڪي   چند   عاشق.

زبانن   جي    تالن    کي    ٽوڙي   ڪڇن   ٿا.

اڏيءَ    سر    رکڻ    مقتلن    ڏي     وڃن   ٿا.

ته    اتساھ     جاڳي     قومي   چاھ    جاڳي.

وڃايل   جيئن   ورڪر   جو   ويساھ   جاڳي.

انهن   سورمن   مان  ،  انهن   سورهين.  مان.

هڪ   آڪاش  ،  دريا  ،  حنا   جو   ابو    هو.

ها   بيشڪ    بھادر    سو    مظفر   ڀٽو   هو.

سوا     سال    جيڪو    وڙهيو     مقتلن   ۾.

جنھن   کي   ماريو   ويو   هيو    مرحلن   ۾.

اهي    مرحلا     سڀ     ڪيا    پار    سوڍي.

مڃي     ڪين     آخر   تائين    هار    سوڍي.

جهڪڻ  جي بجاءِ  جنھن  ڪسڻ  هو قبوليو.

ڏئي    موت    کي    مات    تاريخ  ٿي   پيو.

سيد    سنڌ     آڏو      ٿيو       سرخرو    هو.

سيد    سنڌ     آڏو      ٿيو       سرخرو    هو.






اسان    جي     سرڪش     طبيعتن      جو  مزاج       ساڳيو       مٽيو        ڪٿي     آ؟

جو      مقتلن     ڏي     قدم     وڌيو     هو  اهو   به   ڏس    تون    هٽيو    ڪٿي    آ؟

اڳي    ٻه  ،   ٽي   ها   انھن    جي    پويان  هي     سرفروشن      سنديون      قطارون.

اسان    وطن    تان   هي    واري    ڇڏيون  جوانِ    رُتِ     جون     سڀئي      بھارون.

وطن       پرستي      جا      ورد      پڙهيو  ڪيل     ٿا     هر    هڪ.   وچن     نڀايون.

جتي     پگهر      جي       پوي      ضرورت   اُتي       ٿا      پنھنجو       لھو       وهايون.

موهن    دڙي   جي    چيڪي   مٽيءَ   مان  اسان         بڻايل          جناب         آهيون.

سراپاء              انقلاب                  آهيون   سراپاء              انقلاب                  آهيون.


باکوڙي       موريءَ       جلايئي      جيڪي   اسان    اُهي    هون    اسان    اُهي      هون.

ڪلاچي. ،   هٽڙيءَ    ۾     گهايئي   جيڪي   اسان    اُهي    هون    اسان    اُهي      هون.

سجاد   ،   عامر     اسان      ئي       آهيون ،  اسان    ئي    ضامن    اسان     ئي     افضل.

اسان     ته     سانگا     سرن     جا      لاهي   ملهايا          آهن          هميشه           مقتل.

اسان    جي       دختر       دلير       صائمه ،  امان      نصيبان     اسان     جي      جيجل.

اسان جي  ڀونءِ    جون  سموريون نياڻيون   پرھ       جيان       هِنِ      سراپا        ٻاگهل.

جي _ ايم     سيد     جي      گلستان     جا   اسان          سمورا          گلاب        آهيون

سراپاء              انقلاب                  آهيون   سراپاء              انقلاب                  آهيون.


اوهان   جو     وحشي    پڻو     گهڻو    ٿيو   نه     هاڻ     سھبو      نه       هاڻ      سھبو.

پلاند       پويان    ،   نوان       به       ٿيندا   اوهان      کي     هاڻي     ڏسي    ئي   رهبو.

اسان       به      آخر      بندوق       کنئي   آ   دفاع       جي       لئه ، بچاءَ       جي     لئه.

تيار       آهيون        اسان       به        هاڻي   حفاظتي        هر        اُپاءَ       جي        لئه.

اوهان    جي    فتويٰ   اوهان   جي    بندش   قبول          ناهي            قبول           ناهي.

اوهان   جي   حرفت ، اوهان   جي   سورش   قبول          ناهي            قبول           ناهي.

تاريخ       جي       هر       سوال        رهيل   جو      اڄ    اسان     ئي     جواب     آهيون.

سراپاء              انقلاب                  آهيون   سراپاء              انقلاب                  آهيون.


اسان    جو     جذبو  ،  جنون    ڏس     تون   جو      آسمان     کي     ڇُھي      پيو     ٿو.

۽      ظلم       تنھنجو       زوال       ۾      آ   هي     ڪوڙ      تنھنجو     ڊهي    پيو     ٿو.

سماج       تنھنجو       شڪست       خورده   گهڻو     نه     ان    کي    بچائي     سگهندي.

وطن   هي   آصف   جو    اي    تون    ويري   نه     ڪنھن     بھاني      ڦٻائي      سگهندي.

اسان      جا       اوچا     هي     ڳاٽ     آهن   تڏهن      کڙو      آ       اڃان       ڪارونجهر.

ڌِڪي   ،    تڙي      ۽       ڦٽو      ڪنداسين   اوهان     کي    پنھنجي    وطن   مان   ٻاهر.

نه    قومي     دشمن    کي    هون    ڇڏيندا   ڪند ا         برابر         حساب          آهيون.

سراپاء              انقلاب                  آهيون   سراپاء              انقلاب                  آهيون.


جا   جوت    سن    ۾     جلي    هئي    ڪلھ   کڻي           اُها          آ        سويرو       آئي.

امن   ،    ترقي      ،       سلامتيءَ          ڏي   ويندڙ         کڻي         آهي         پيرو    آئي.

فڪر    ،    فھم     ،     فلسفي     جا      باني   اسين          دراوڙ           اسين          دراوڙ.

دنيا    کي     سھڻيءَ     جيان     ڏسون    ٿا   اسين    ئي    سھڻيءَ   جا     آهيون    ساهڙ.

اسان       جو     مذهب      ته      ماڻهپو   آ ،  فساد   ،   فرقا     اسان         نه         ڄاڻون.

لطيف  ،   ساميءَ  ،   سچل    جي     صوفي   مزاج       کي      ٿا        فقط         سڃاڻون.

جي  _  ايم     سيد      ڏٺو      هو     جيڪو   اسين        اهو       ئي       خواب       آهيون.

سراپاء              انقلاب                  آهيون   سراپاء              انقلاب                  آهيون.






مه  جبين   ،   نازنين   ،   دلنشين   ،   دلربا.

روڪ  مون  کي   نه   تون   الوداع   الوداع.

ديش     لئہ    دوستن    جوٽي    آ   جوٽڻي.

دير   اڳ  ۾   ئي   آهي   ڪئي   مون.  گهڻي.

ٿي   نه   جيجل   جو   آئون   مياري    پوان.

مان  وڃان پيو وڃان ، مان وڃان پيو وڃان.

سونھن   تنھنجي   سراسر  سراپي  به   پئي.

۽   مزا    اڻ    ڳڻيا   مند    آڇي    به    پئي.

نيڻ    مڌ    جا     پيالا    به     ڇلڪن    پيا.

لب    چمڻ    لاء    لبڙن   کي    ٿڙڪن    پيا.

ڀاڪرن  جون   ڇنائي   هي  ڪومل   وليون.

مان وڃان پيو ڇڏي  تنھنجون  سائنڻ ڳليون.

ٿو  مڃان   مون   وفا  جو   ڪيو  هو   وچن.

پر  ڪيان   ڇا   جو  مشڪل  ۾  آهي   وطن.

مون   کي   بيشڪ   کڻي   بيوفا.  سمجهجان.

مان  وڃان  پيو وڃان ، مان وڃان پيو وڃان.


مان  مڃان  ٿو  ته  جهوري  وجهي  ٿي  وٿي.

۽    وٿي    ۾    ٿي    گذري     ڏکي    زندگي.

پر  قسم  ٿئي  ته    مرڪي    مٺي   موڪلاء.

مونکي   ملندا     انهي    سان   وڏا   حوصلا.

۽  دعا  ڪر  ته  مون  کان  تون وسري وڃين.

دل  مان  آزادي  تائين   تون  نڪري    وڃين.

ڌيان  مقصد  تان جيئن ڪين   منھنجو  هٽي.

جنگ  دشمن  سان  جوٽيل  اچان  مان   کٽي.

تو   سان   آزاد    سنڌ   ۾   اچي   مان   ملان.

مان  وڃان  پيو  وڃان ، مان وڃان پيو وڃان.


پر   اگر   جنگ  وڙهندي   جي   ماريو   وڃان.

۽   کڻي   ديش   پنھنجي  تان   واريو   وڃان.

ويس  ڪارو  نه   ڍڪجان  نه   ماتم   ڪجان.

سنڌ جي سنھن نڪي تون منهنجو غم ڪجان.

جي   اٿئي    عشق    مون   سان    اگر    دلربا.

هيءٌ    منھنجو    حڪم     يا     اٿئي    التجا.

ديش ڀڳتن مان ڪنھنکي  تون پنھنجو ڪجان.

پيار   مونکان  به  وڌ   تون  انهيء   کي  ڏجان.

جنھن  منجهان  پٽ    ڄڻي  ديش  کي ارپجان.

مان  وڃان  پيو   وڃان ،  مان وڃان پيو وڃان.


هيء        منھنجي      وصيِّت      اٿو     آخري.

ويڙھ  وڙهندي    وڃي   جي  هي  آصف   مري.

پاڪ  سنڌو  جي  جل   سان  مون  کي تڙ ڏجو.

لاش  منھنجي  کي   قومي    جهنڊو   ويڙهجو.

مرڪي    مون   کي   مٽيء   منجھ    دفنائجو.

گيت    قومي    قبر     جي       مٿان     ڳائجو.

۽  شھيدن   جي   رت   جو    به   کڻجو.  قسم.

جنگ  دشمن  سان  تيسين    نه    ٿيندي   ختم.

جيسين    آزاد   ٿئي   سنڌ      منھنجي    امان.

مان  وڃان  پيو  وڃان ،  مان وڃان پيو وڃان.






اي ويري کولي ڪن ٻڌو،

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


اسان ٿئي کوليون اکيون ڪنن مان ٿئون ڪڍي ڪپھ.

لبن  جي  مھر  وئي  ٽٽي   رهياسين  چپ  گهڻو  بنھ.

ٻچي  ٻچي  جي  راء  آ  نه  تو  سان  ڪو  ڪبو صلح.

ضمير   جو   آ    فيصلو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


جنون  ،  جوش  ،  ولولو   اسان   جو   جاڳيو    ڏسو.

اچان   پيو  ،  پڄان  پيو  ،  ڻچوي   پيو  ڀاڳيو   ڏسو.

هي  هوشو ، هيمون ، دودو  وارو  روپ  ساڳيو  ڏسو.

هي   آخري   آ   معرڪو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


ڇڏيو  وساري  ٿئون  سبق  غلامي  جي  نصاب  جو.

اکر   اکر   پڙهيو   اٿئون   آزادي   جي    ڪتاب  جو.

۽   وقت   آ  اچي  ويو  تو  سان  ٿيندڙ   حساب  جو.

گهڻو   ئي    درگذر   ٿيو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


جو  ظلم  تو  هٿان  ٿيو  انهيء  جا  تون نشان ڏس.

شھيد   تو   هٿان  ٿيل    ٻچا  ،  ٻڍا  ،  جوان   ڏس.

هي  لال  خون  سان  ٿيل تون ڇاوڻيون زندان ڏس.

ڳڻي  پلاند   سڀ   ڪبو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


گهران  ٿو  جو  تڙيو   وڃي   اهو   وٺي  پناھ  هت.

لچن  ۽  لوفرن  ،  ٺڳن    جي    آ    کتل  نگاھ  هت.

۽  سامراج  جي  ڪتن  جي  آ  سدائين  ڪاھ  هت.

انهن  سڀن  کي  گهيربو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


پنجابي  ،   سرحدي  ٻڌو ،  ٻڌو   قنڌاري  ،  ڪابلي.

اسان  جي  رتّ  ۾  رهي   ڪڏهن  به  ناهي  بزدلي.

مرو  اسان  هٿان  کڻو انهيء کان اڳ  پنھنجي رلي.

۽  پير   پنھنجا    ڊاهيو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


هي تيل ، گئس ، ڪوئلو  تو  سنڌ  کان  پئي کسيو.

سنڌو  درياھ  جو   سدائين  پاڻي  تو   آ   روڪيو.

وفاق  جي  تو  نانءَ  تي  گهڻو  ئي  سنڌ کي لٽيو.

ڏبو   نه   هاڻي   موقعو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


دلير   پيئرن    جا    سڀ   دلير    پٽڙا   گڏ   ٿيا .

جي  جنگ  آزاديءَ  لاءِ   سندرا   سڀ   ٻڌن  پيا.

اي  دشمن  وطن  اجهو  هي ڄاڻ تو تي ڪڙڪيا.

جهنڊو ٿئون سنڌ جو کنيو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.


آزاد  نيٺ  ٿيڻو  آهي  منھنجو  سنڌ  جو  وطن.

غلامي  ۾  گهڻو  رهيو  سھڻي  لطيف جو چمن.

نڀائي  رهبو  آصف  هي  ماءُ  سان  ڪيل وچن.

کنيل  قسم  ڪبو  سچو.

يا   ماربو   يا   سر   ڏبو.

اي ويري کولي ڪن ٻڌو.






اکيون  ٿيون   بند  جيجل  جون.

کڻي     ويا    رات     جا    رهزن.

نه   سو     لخت    جگر    موٽيو.

تڪيندي   ديد    جنھن  لئہ هئي.

اڃان  سو   آ    نه    گهر   موٽيو.

اهي    ديدون    اجهامي   ويون.

اميدون    نيٺ     کامي    ويون.

اڌارا         ساھ      پورا       ٿيا.

اڌورا       چاھ       پورا       ٿيا.

وصل   کان   اڳ   هجر   ماريون.

اهي     آشائون      پلپل     جون.

اکيون  ٿيون   بند  جيجل  جون.


۽  هو  ان  موت   کان  اڻ   ڄاڻ.

نه  ئي   کيس  ياد  پنھنجو  پاڻ.

محافظ    ننگ     پنھنجي    جو.

سپاهي    دنگ     پنھنجي    جو.

ٿو   ننگ   ۽   دنگ   لئه   سوچي.

جسم    زخمي    چميو    مرڪي.

زخم    هي    ڊرل    مشينن   جا.

منھنجي  لئه  ڄڻ  ته  ڪي  تمغا.

ڪيڏيون عظمت ڀريون سوچون.

زنجيرن    ساڻ    جڪڙيل  جون.

اکيون  ٿيون   بند  جيجل  جون.


تڏا      هي    لانگ     بوٽن    جا.

توڙي     هفتن       جا      اوجاڳا.

دکيل     سگريٽ     جا     چٽڪا.

مٿان   بجليء     سندا    جهٽڪا.

هي.  هر   هر    غوطا   پاڻيء   ۾.

اڳياڙيء       ۾       پڇاڙيء     ۾.

مگر   ته   به     همتون   ساڳيون.

انهيء  جون   حشمتون  ساڳيون.

گواهي   ڏينديون    جنهن   جون.

اهي     ديوارون     مقتل    جون.

اکيون  ٿيون   بند  جيجل  جون.


امان    جيجل    تنھنجي    ميت.

ٻچي  تنھنجي   جو   وهيل   رت.

صبح      ڪا       نيٺ      آڻيندو.

وطن          آزادي          ماڻيندو.

خوشيون  ورنديون  ۽  غم ويندا.

ستمگر      ٿي      ختم      ويندا.

نه   پوء  ڪا  ماء   ايئن   مرندي۔

نه    ڪا    ممتا   وري   جهرندي.

۽   آصف   کي   سدا    رهنديون.

سنڀارون  تنھنجي   هلچل  جون.

اکيون  ٿيون   بند  جيجل  جون






اي  سورھيہ  پنھنجي   نگريءَ  ۾.

جا  ريت   پريت   جي  جوڙي  تو.

قربان      بچائڻ        ريت      اها.

تو    واري    ساڳي      پريت   اها.

پھتو   هو   کڻي   گڏ   يارن  سان.

ڪجهه   ديش  ڀڳت  سالارن  سان.

ان   نگريءَ    ۾   جو   داخل   ٿيو.

جنھن  نگريءَ  ۾  گورن جي هٿان.

لک  سورھيہ  حر   ها   شھيد  ٿيا.

ان  وقت  به  سنڌ  هئي  سورن  ۾.

۽   اڄ    ڀي   حالت   ساڳي   هئي.

ڪالھ تو کان شجاعت جي گهر ٿي.

هڪ   ارڏي  بغاوت  جي  گهر  ٿي.

تو    بيشڪل    پاڻ    ملهايو   هو.

اڄ    هن    جو    وارو    آيو    هو.

باکوڙو     موريءَ    جي    ڀر سان.

گورن     جي      حرامي     اولادن.

گولين   جي   ڪئي   برسات   هئي.

ته  به  ڪين  مڃي  هن  مات هئي.

پوءِ  جيئرو  هن   کي  ساڙيو  ويو.

هن    ساھ     ڏئي    ويساھ    ڏنو.

تحريڪ   کي   نئون    اتساھ   ڏنو.

ڳوٺاڻن     ٻرندڙ      گاڏيءَ     مان .

تن      جوڌن      جا     آواز     ٻڌا.

گاڏيءَ     ۾     گونجيا    نعرا    ها.

سي    نعرا     آصف     پيارا     ها.

تنھنجو    ديش    منھنجو    ديش.

سنڌو     ديش   ،    سنڌو     ديش.

اي  سورھيہ  تنھنجيءَ   سنت  تي.

قربان    کهاوڙ    ،    روپلو     سان.

گڏ    نور    الله    تنيو     ۽    نادر.

هو   پيتو     شھادت   وارو   جام.

ٿي  قوم  ڪري  کين  سرخ  سلام.

ٿي  سنڌ  ڪري  کين  سرخ  سلام.






چوين   ٿو عيد  واڌايون  اهي  آصف  قبولي  ڪيئن؟

اسان جي عيد  جا  اسباب  ڪي  کولين ڪي جيلن ۾.

اسان  جي  عيد قيدي ۽ خوشيون باندي بنايون ويون.

چتائون سوچ جي اظھار جون هنڌ هنڌ جلايون ويون.

عقيدن  جي صليبن تي ڪي چاڙهيون سنڌ ڄايون تو.

ڪڇياسين  ٿي  ته سڀني جون زبانون ٿي وڍايون تو.

چئي باغي  اسان جي لئہ  کڻي  سوليون  سجايون تو.

اسان  جي  حق  گهرڻ  ۽  سچ  لکڻ  تي بندشون آهن.

گهرون  ٿا حق،چئون ٿا سچ  لڳي ٿي ڪفر جي فتويٰ.

لڇڻ   تي   بندشون   آهن ، ڪڇڻ  تي  بندشون  آهن.

اسان جي  سوچ  جي اظھار  تي  پابنديون  ڪيڏيون.

وطن سان عشق،محبت،پيار  تي  پابنديون  ڪيڏيون.

لڇي  پئي  هوڏي  ٻلهڙيجي  هيڏي  وارھ   پيو  تڙپي.

اتر  ۽   لاڙ   ڪاڇو ، ٿر  ،  سرو   سارو   پيو   ڦثڪي.

اسان   جا   نيڻ   لڙڪن  جون  وسائن  بارشون  ويٺا.

چنيسر  ڌارين  سان  گڏ  جوڙين  ڪي  سازشون ويٺا.

لتا ،  آشا   ۽   رنڪل   جا   ٻڌو   سڏڪا   حويلين.  ۾.

ابن  قاسم  جون  گوليون  پيون  هلن پر امن ريلين ۾.

اسان جا روح ڀي زخمي،اسان جون ڏس دليون گهايل.

ڏسو  وک  وک  تي  هولي  رت  جي ۽ هر  گهٽي مقتل.

گهمن  ٿا  رات جو  رهزن هتي هر ڏينهن محشر  جيئن.

چوين  ٿو  عيد  واڌايون  اهي  آصف   قبولي  ڪيئن؟

اسان جي من اندر ماتم ۽ ماتم عيد  ڪيئن سمجهان ؟

اسان  جي  عيد  آزادي  انهيءَ  جي  لئه پيو سوچيان.

اسان  جي  عيد  آزادي  انهيءَ  جي  لئه  پيو  لوچيان.

اسان  جي  عيد  آزادي  انهيءَ  جي  لئه پيو  جهيڙيان.






چوين ٿو تون

وڃان ٿو مان هميشه لئه،

ڀلي وڃ پر،

چوين ڇو ٿو ،وساري ڇڏ پراڻين يادگيرين کي؟

حڪم اهڙو نه ڪر جيڪو ڪرڻ پورو نه وس منهنجي.

ڀلا تو کي وساريان ڪيئن؟

وساريان ڪيئن ماضيءَ کي؟

وساريان ڪيئن سو پنھنجو ملڻ وارو پھريون منظر؟

انھيءَ منظر جي پسمنظر ۾ منھنجي دل جا موهي تو.

۽ جنھن جي ئي نتيجي ۾ ڪيل اظھار جا لمحا.

اهي ڪجهه سار جا لمحا،

حسين ڪجهه پيار جا لمحا.

وساريان مان جوانيءَ جون نراليون چلولايون ڪيئن؟

اکين جون ڪاروايون ڪيئن؟

۽ تنھنجون دلربائيون ڪيئن؟

تنھنجا ماڻا،تنھنجون مرڪون،

تنھنجا چرچا،تنھنجون جهڻڪون،

اهو چھٽڻ،اهو چنبڙڻ،اهو رسڻ،اهو پرچڻ،

اهو روئڻ،اهو مرڪڻ،اهو تڙپڻ،اهو ڦٿڪڻ.

ڊسمبر جي ٿڌين راتين ۾ ٻانھن جون رليون اوڙهڻ،

گرم ساهن جي خوشبوءِ ۽ بدن جي لمس کي سانئڻ.

ڪڍان ڪيئن ذهن پنهنجي مان اوهان جي عڪس کي سانئڻ.

تنھنجي زلفن جيڪي ارپيون نراليون پيار جون ڇائون.

اکين کي ڪيئن سمجهايان؟

۽ پنھنجي دل کي ريجهايان؟

اهي چميون،اهي بوسا،اهي ڀاڪر،اها خلوت،

اکين جا جام پيتل ۽ اهو لبڙن سندو امرت.

اهي سڀ سرمئي شامون،

۽ ڪيئي شبنمي راتيون،

اهي ماضيءَ سندا قصا سلهاڙيل جن سان مستقبل.

رکي هٿ دل تي تون ئي چئه،

ته جذبن کي مان ڪيئن ماريان؟

وڃڻ وارا وڃين ٿو تون مگر تنھنجي وڃڻ کان پوءِ،

انھن يادن سھاري ئي مون کي آ زندگي ڪٽڻي.

اهي يادون ئي منھنجي من جون باقي ملڪيتون هونديون.

انھن يادن کي ميسارڻ هوندو ڄڻ پاڻ کي مارڻ.

جي چاهين موت آصف جو ٿو ماري وڃ هٿن سان تون.

چوين ٿو تون،

وڃان ٿو مان هميشه لئه،

ڀلي وڃ پر.

ڀلا توکي وساريان ڪيئن؟

پنھنجي جذبن کي ماريان ڪيئن؟

اهو منھنجي نه وس جانان،اهو منھنجي نه وس جانان.






پر    تشدد  ،  پر   امن  کي  ڇڏ   کڻي۔

بس  خرافاتي   قصن   کي  ڇڏ   کڻي۔

هل  سهيڙي  حشمتون  ، جاه  و جلال۔

هل  اٿي تحريڪ جون واڳون سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


ڪير آهي  ،  ڪير  ويو  کي ڇڏ  کڻي۔

ماضي  ۾  ڇا  ڇا  ٿيو  کي  ڇڏ  کڻي۔

جي ويا تن جا  هلي  ڀريون ڪي خال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


لڙڪ  معني   بيوسي   سو   ڇڏ  کڻي۔

خود ڪشي  آ   بزدلي  سو   ڇڏ  کڻي۔

پاڻ   سڌرن   حالتون   سو   آ   محال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


زور  هن جو   زور  هوندو  ڇا  ڪندو۔

جي   يزيدي   دور  هوندو  ڇا  ڪندو۔

ڀل  هجي  چاهي  کڻي  بيشڪ  دجال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون  سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


هي   غلامي   گار   آ  سو  ڇو  سھون۔

ڇو   وطن   ۾   اوپرن   وانگر   رهون۔

زندگي    اهڙي     گذارڻ    آ     محال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


منتشر  آهيون  جي  منظم  ٿي  پئون۔

سنڌ  جي  زخمن  جو مرحم ٿي  پئون۔

قومي   مستقبل  جڙي  پئي  با ڪمال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون  سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


منزل   مقصود   ڏي     کڻجن    وکون۔

سنڌ  جي  تاريخ  نئين  هل  ڪا  لکون۔

تا   ابد   دنيا   ڏئي   جنهن   جا  مثال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون  سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔


هل  غلاميء  جا هلي ساڙيون  نصاب۔

هل   ته   آصف   آڻجن   ڪي  انقلاب۔

قوم  جو  ٿي  پئي  ختم  رنج  و ملال۔

هل  اٿي تحريڪ جون  واڳون  سنڀال۔

وقت  جي   فرعون  تي   آڻيون  زوال۔






ڏٺو  مون  رات  هڪ  سپنو  ڪيم  پئي سير جنّت جو.

جتي  هڪ  پوڙهڙو  ماڻهو  اداسيءَ  جي  هو  عالم  ۾.

پڇيم  هن  کان ته  اي سائين سبب ڇاهي اداسيءَ جو.

هتي  هر  ڪوئي  خوش  آهي  اوهان  ڇو غمزده آهيو.

ڪري  آليون  اکيون ، ٿڌڙو  ڀري  هڪ ساهه فرمايئين.

ڪٿان وڻندي مونکي جنت ۽ جنت جون ٿڌيون هيرون.

منھنجي  جنت وطن منھنجو جنھنکي دوزخ بڻايو ويو.

جتي.   پختون  ،  پنجابي  ،   بھاري  ،  برمي  ،  بنگالي.

لٽيرن   جو    تسلط    آ    منھنجا    مارو   غلاميءَ   ۾.

انھن    جا    ڇاڙتا    ڪتا    وڏيرا    پير    بنجي    ويا.

لٽيندا  ٿا  رهن  جيڪي   وسيلا   منھنجي  نگريءَ  جا.

يزيديت     جو     پيروڪار    آ    پنجاب     ٿي    بيٺو.

منھنجي  ڌرتيءَ  جو  روڪي ٿو ڇڏي هر روز جو پاڻي.

زمينون  منھنجي ڌرتيءَ جون سڪي بنجر ويون بنجي.

مٿان    پنجاب    جا    شڪرا   بنائي   ڇانوڻيون   ويٺا.

انھن جي ٽارچر سيلن جون زنجيرون ٿيون رت هاڻيون.

سميع   الله   ڪلھوڙي   جھڙا    ڪيئي   ڪٺا   ڪونڌر.

جتي   منصور   ڌرتيءَ  جا  چڙهن  ٿا  روز  سوليءَ  تي.

جتي   هوشوءَ  جھڙن  جي  ٿئي  رت   ساڻ  ٿي  هولي.

جتي   ممتاز   جھڙن   کي  بمن   سان  ٿو  وڃي  ماريو.

جتي   جي    ذوالفقارن    جا   ملن   ٿا   چچريل   لاشا.

جتي  مشتاق  خاصخيلي  کائين  گوليون  ٿا  سينن تي.

جتي   رزاق   جھڙا   ٿا   ڏين   سر  گهوري  ٻوليءَ  تان.

جتي  ماجد   ۽    بابر    کي   جوانيءَ   ۾   ويو   ماريو.

اسد  عباسي  جھڙا  ڪئي  ملن  ٿا  موت  سان  مرڪي.

جتي     قربان     کهاوڙ  ،  روپلو   نادر    ۽     نور   الله،

وڌو    سلمان    ۽   مقصود   کي   جيئرو   جلايو    ويو.

جتي   بشير   کي   سقراط   جيان   قاتل   پياريو   ويو.

جتي   اعجاز    سولنگي   قتل    بي    ڏوھ    ٿيندو   آ.

جتي    منير ، صاحب    خان    ۽   ديوان    ماريا    ويا.

جتي  سرويچ  ،  افضل  ۽    مظفر  گهوٽ    گهايا   ويا.

جتي  واجد  ۽  آصف  جيان  گهڻا مقتل ۾ ويا ڪسجي.

جتي   سرهاڻ   جي   بدران   اچي   بارود  جي  بدبوءِ.

جتي  عيدن،ڏيارين  تي به  ڪن   ٿيون  مائرون   ماتم.

جتي  انصاف  اڻ  لڀ  ۽  امن  نالي  نه  ڪا ئي   شيءِ.

اها  جنت جھڙي   ڌرتي   منھنجي   محبوب  سنڌڙي  آ.

جنھن  جي  حالات کي ڏسندي مان ٿيندو غمزده اهيان.

جڏهن  احوال  هي  اوري  ٿيو   خاموش   هو   جهونو.

تڏهن هن کان پڇا مون ڪئي اوهان جو نانءُ ڇا آهي؟

چيائين   سنڌ   جو   فرزند   مان  جي  ايم  سيّد  هان.

چيائين  اي  ٻچا   منھنجو   نياپو   قوم  کي  ڏج  تون.

چيم جيءُ جيءُ فرمايو اي منھنجي  قوم  جا  محسن.

چيائين  قوم   کي  چئجان   سمهڻ  ڇڏيو  اٿو    هاڻي.

اٿو  نعرا  هڻي  سنڌ   جا  ۽   يارو   ماٺ   کي   ٽوڙيو.

لطيفي   فڪر   کي   ساٿيو  سڄيء  دنيا  ۾   ڦهيلايو.

خدارا   پنھنجي   ٻچڙن   کي   ڏيو  تعليم   جو   زيور.

ڪڌين  ريتن ۽  رسمن  مان  ڪيو  هن  سنڌ  کي آجو.

قبيلائي  فسادن   ۾   نه   ماريو   سنڌ   جا   سورهيه.

گروهن  ۾  نه  ونڊجو  پاڻ  کي  هڪ  قوم   ٿي ڏسيو.

وٺي  غيرن  کان واپس پاڻ ئي کيڙيو پنهنجون ٻنيون.

ڪوٺي  ڪاري نه  ماريو  مائرون ، ڀينر  نڪو  ونيون.

خدارا   هاڻ   نياڻين   کي  وٺڻ  وڪڻڻ  ختم   ڪريو.

بزرگن  جي مزارن  تي  ڪي   ادبي  ويھڪون  ڪريو.

ڪيو    آباد   اوطاقن    جي   اجڙيل   درسگاهن   کي.

نشي   جھڙيءَ   لعنت   کان   بچايو   قوم   جا   ٻچڙا.

ملاڻن  مذهبن  جي  سازشن  جو   ٿيو   متان   حصّو.

قبوليو   دين   محبت   جو   عقيدو   امن   تي  رکجو.

سماجي    ۽    معاشرتي    براين    کان    ٿيو    باغي.

پنھنجي  حقن  وٺڻ جي  لئه نه  هرگز جهولي ڦهيلايو.

ڪري ويڙهاند ڌارين  کان ڇني ڪيو حقّ سڀ حاصل.

صدي ايڪيھين  آزاديءَ  جي لئہ  آهي  گهڻي موزون.

اديبن   شاعرن   کي    چئج    ڌرتيءَ   لئه  لکن   ويٺا.

۽  قومي  ليڊرن  کي  پڻ   سنيھو  منھنجو    پھچائج.

ڇڏي  ٽولا  جمع  ڳاڙهي  جهنڊي   هيٺان  ٿيو  ڻسڀئي.

سمورا  سنڌ  جا   سورهيه   ڪيو  اتحاد   ڌرتيءَ   لئه.

سموري  قوم  کي  ميڙي  ڪيو  هڪ  جاءِ  تي  متحد.

غلامي     گار    آ    بڇڙي   ۽   آزادي   حسين    نعمت.

ڪري   ويڙهاند    ڌرتيءَ    کي    ڏياريو   هاڻ   آزادي.

انھيءَ  لئه  سر  گهري  سنڌڙي ته سر واري ڏجو آصف.

ڀڄائي  ڌاريا  ڌرتي  تان  سک  جو  ساھ   پوءِ   کڻجو.

اٿو  مھراڻ  جي  پارت   منھنجي  مھراڻ  جي  پارت .

اهي  جي  ايم  سيد  جا   لفظ   ٻڌندي   سجاڳي   ٿي.

ڪيم  محسوس سارو  گهر هيو  سرهاڻ سان مهڪيل.

پڙاڏو     ذهن    ۾    گونجيو   اٿو  مھراڻ  جي  پارت.

اٿو  مھراڻ  جي  پارت   منھنجي  مھراڻ  جي  پارت .






ڇا   چوان   نادان  تو کي  ڇا  چوان؟

يا ته  ٿو مون  ساڻ هي  چرچا ڪرين.

يا  ته  ٿو  تون پاڻ کي ٽوڪون هڻين.

يا   صفا    اڻ    ڄاڻ    آهين    بيخبر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.


تنھنجا  هارين  تي  ستم  جاري اڃان.

ٿو   رکين   غدّار   سان   ياري   اڃان.

ڇوڪري  بالغ  اٿئي   ڪنواري   اڃان.

ڪالھ  پنھنجي  ڀيڻ  ٿئي ماري اڃان.

ماءُ  کي  ڪوٺين  پيو   ڪاري  اڃان.

آ   طبيعت   تنھنجي   ڏوهاري   اڃان.

جاري  تنھنجو  آ   اڃان   تائين   ڏمر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.


ڪن  کولي  تون  ٻڌي  ڇڏ  اي   غدار.

ٿورو  ماضيءَ  ڏي  به  اي  قاتل  نھار.

دودو،دولھ،هوشو،هيمون منهنجو سار.

شاھ  عنايت   ۽   بلاول   کي    سنڀار.

جن  مري  رکيو  وطن  جو   هو  وقار.

جيت تن جي ٿي مسلسل تنهنجي هار.

تو  ڪٺي  هئي ڀيڻ  منھنجي بختاور.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.


ذات،مذهب،رنگ جون ڳالهيون ڪرين.

قوم  هڪ  مظلوم  سان ويٺو وڙهين.

ملڪيت  تان  وحشي ٿي ڀائر ڪھين.

رات   جي   اونداھ   ۾    ڌاڙا   هڻين.

ڏينھن  جو  ڀاڳين سان گڏ پيرا کڻين.

ڏوھ  جون  هر  پل  رٿائون  ٿو  رٿين.

ڏوھ تنهنجي کان نه بچيو ڪوئي گهر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.


هر  طرف  جنگ  جا  نغارا  پيا  وڄن.

انڌ  مان  انڌيون  پيون  گوليون هلن.

بمّ    ۽   راڪيٽ   گولا    پيا    وسن.

ڏوهي  گهٽ  بيڏوهي  بيحد  مارجن.

هر  طرف   بارود   جا   دونھان   اٿن.

ساھ    پيا    انسان    جا    ٻوساٽجن.

شھر  هت  هر  روز  ٿين  ڪيئي کنڊر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.

امن  جو   هوڏي   آن   دعويدار  تون.

هيڏي خودڪش  آن  بڻيو  بمبار تون.

عورتون ، ٻڍڙا   ۽    مارين   ٻار   تون.

ڪيڏو دهشت سان ڀريو  ڪردار تون.

دشمن   انسانيت    جو    هٿيار   تون.

ٿي   پئين   انسانيت   لئه   گار   تون.

تو  تباهيءَ  لئه  ڇڏي  ڪھڙي  ڪسر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.


هاڻي  توسان  جنگ  آ  بس   جنگ  آ.

تو   لتاڙيو   جو   اسان   جو  دنگ  آ.

۽  اکين  ميرين  سان   تڪيو  ننگ  آ.

تو   وڍيو   ٻيلو   ۽   سارو   جهنگ  آ.

۽  ڪيو   آصف   چئي  بيحد  تنگ  آ.

سنڌ  جو  پٽ  جيڪو   ڀي  اڙٻنگ  آ.

سو چوي ٿو ديس منھنجي مان نڪر.

امن  کي  ماري  چوين   ٿو  امن  ڪر.






اڃان مون وقت ۽ حالات جي آڏو.

ڪيو سر خم نه آهي ۽ نڪو ٿيندو.

اڃان اتساھ جاڳي ٿو.

وطن لئه چاھ جاڳي ٿو.

برابر هي به سچ آهي.

ته چوڏس چوطرف بيشڪ انڌيرو آ.

غلاميءَ جا ڪڪر ڪارا اڃان آڪاش تي آهن.

ڍڪي قومي تشخص جي ڇڏيو جنھن آهي سورج کي.

۽ آزاديءَ جي راهن کي انڌيرن جو به گهيرو آ.

اڃان مارن ۽ جهانگين جا،

بکن کان پيٽ پاٺا ۽ ڄڀون بيحد اڃاريون هن.

ڳڀي جي ڪاڻ مارو ٻار وڪڻن پيا.

وسيلا رهزنن هٿ کان پيا لٽجن.

حوالي چور جي پھرو.

ضميرن جون وڏي واڪي لڳن ٻوليون.

لڳل هن بندشون سچ تي.

۽ چوغو ڪوڙ سچ جو آ ڍڪي آيو.

شعوري سمجهه کي سنگهرون عقيدن جون لڳايون ويون.

حقيقت جو به سمجهي سچّ ظاهر جو ڪرڻ چاهي.

انهيءَ تي ڪفر جي فتوا.

هڻي جيلن ۾ واڙيو ويو.

يا بند سيلن ۾ واڙيو ويو.

ٿيو هو ڪالهه ڀي ايئن ئي.

۽ اڄ ڀي ريت ساڳي آ.

مڃان ٿو موت جو واسو ڀلاريءَ ڀونءِ تي آهي.

مڃان ٿو بيضميريءَ جي ڍڪي آ ليڊرن چادر.

مگر مايوس مان ناهيان.

نه ڪو مايوس آ ڌرتي.

اڃان هن سنڌ جا سورھيہ پٽ ٿڪا ناهن.

هي گوريلا.

سچا باغي.

سنائيءَ جا سپاهي ۽ هي آزاديءَ جا متوالا.

جهنڊي ڳاڙهي جي سائي ۾.

ٻڌي سر سان ڪفن پنھنجي.

ڪرڻ ويڙهاند نڪري پيا.

ڏسي ڌرتيءَ جا گوريلا.

يقين پختو ٿيو آصف،

ته سنڌو ديش ٺھڻو آ ٺھي رهندو.

۽ ڌوڪي ڪوٽ ڊهڻو آ ڊهي رهندو.

سنائيءَ جي فتح ٿيندي.

ڀٽائيءَ جي فتح ٿيندي.






غمي  آ   ،  خوشي   آ  ،  خوشي  آ  ،  غمي  آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


هتي   ڌوڪا ، مطلب   سڄڻ   عام   ڏسندين.

حياتيءَ    ۾   ڏک ، درد   تون   جام  ڏسندين.

سوين   سونھن   وارا    تون  گلفام  ڏسندين.

ڏنگا     چور    ماڻهو     تون   بدنام  ڏسندين.

خوشين    ۾     لڪل     يار    ماتام  ڏسندين.

مڪاري    ۽   مطلب   صبح  ،  شام  ڏسندين.

سٻاجها     ۽     سادا     ڦرڻ     ۽    لٽڻ    لئه.

وڇايل   شڪارين   جا   تون   دام   ڏسندين.

جتي    سادگي    آ    اتي      ئي      ٺڳي    آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


مڃيم     ابن     آدم      جو    شيطان   ويري.

لکيو    جنھن   کي    آدم   جو   قرآن   ويري.

آ     انسان     جو     سچ    ته   انسان   ويري.

رعايا      جو       يارو      آ     سلطان   ويري.

ڪڌا  ڪم  ڪري   خود  کي  نقصان ڏيون ٿا.

پنھنجي    جان    جو   جيئن   پروان   ويري.

خدا     کي   وساري    گهرون   غير   کان   ٿا.

ڪندو   ڪيئن    دردن   جو    درمان   ويري.

دنيا      مطلبي      آ       دنيا      لالچي      آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


زماني     ۾     ڏسندي     رڳو     يار     نفرت.

وڃي      خالي     نالو     رهيو     آ     محبت.

وئي     موڪلائي     آ      الفت     ۽   چاهت.

ڏسان  ٿو  ته  اڄ  ڪلھ  آ گهر  گهر  ۾ ڪلفت.

ڪري   پيءُ   کان   پيو    ڏسو   پٽ   بغاوت.

ڏيڻ  جهڻڪون  مائٽن  کي آ  پٽ  جي عادت.

جھالت    وڌي    وئي    هلي     وئي   لياقت.

آيو   ڊش   جو    ڪلچر   ختم   ٿي   عبادت.

سچي   يارو   چاهت   نه    ڪاٿي    رهي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


هتي  هر   ڪو   پئسي  کي  اهميت  ڏئي  ٿو.

ڏسي    يار     زر    نر    به    ننگو   نچي   ٿو.

رڳو    پئسو    پئسو    ڪندو    هو   وتي   ٿو.

پاپي   پيٽ    جي   لاءِ   هر   ڪو   لڇي   ٿو.

هو  جائز  نا جائز  نه    ڪجهه  ڀي  ڏسي   ٿو.

هو   چوريون  ڪري   ٿو   ۽   ڌاڙا   هڻي   ٿو.

پنھنجون    عزّتون    پڻ    وڃائي   ڇڏي   ٿو.

هتي   هر ڪو  زر  جي  ئي  پوڄا  ڪري   ٿو.

ڏسو   اڄ   ٽڪن   ٻن   تي   عزّت   وڪي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


عجب  جڳ  جون  يارو  ڏٺيون مون دغائون.

وفائون    به    پرکيم    ۽    پرکيم    جفائون.

چون   دوستن   کي    پٽيون   خوب   کائون.

ائين    کائيندا    ڄڻ    هجن    ڪي   بلائون.

ڦرڻ    لاءِ    جوڙيندا    ڪوڙيون    ڪٿائون.

۽    کائي     ڪندا     پوءِ     پرپٺ    گلائون.

زمانو     چڱي     ريت     پرکي     ڏٺو    ٿم.

تڏهن   سچ  چوان  ٿو  ناهيان  ڪوڙو  آئون.

رهيو     آهي      نالو     ڪٿي    دوستي    آ؟

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


نياڻي      سامائي      نه      مائٽن        اٿاري.

اڇا   وار   ٿي   ويا   مگر  پوءِ   به   ڪنواري.

ڪڏهن  حقّ  بخشڻ  جي ڪنھن  سوچ  ڌاري.

ڪڏهن  پوڙهي کيڪنھن ننڍي ڪنوار ڏياري.

لکيو     هو    هي   اخبار    پٽ    ماءُ    ماري.

ڪڏهن    ڀاءُ    ماري   ڪري     ڀيڻ    ڪاري.

ڏسي   حال    اهڙو    ڪئي    شيطان    زاري.

اهيا    ڳالھ    ماڻھن    آ   ڇا     لئہ    وساري.

ته  ڪارو   ۽  ڪاري   رسم   ڪيئن   وڌي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


رعايا     بکي      هو      پيو      بم       بنائي.

۽   معصوم     ماڻهن   تي   پيو   ٿو   وسائي.

ڪڏهن    نالي   مذهب    جي    ماڻهو   لڙائي.

۽     انسانيت     کي     تباهي      ڏي     لائي.

عجب   کيل   سياست   جو     ظالم   رچائي.

هو   مظلوم   ماڻهن   کي   پيو    ٿو  ڪھائي.

ڏوهاري      پيو      خود      عدالت     هلائي.

امن   جو   پيامبر   هو   خود    کي    سڏائي.

قيامت   جي   هيءَ   هڪ   نشاني   چٽي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


جھالت      ڀريا      خوب      ميلا      مچائن.

ڏسو    ڪڪڙ    شرطن    تي     ويٺا    لڙئن.

رڇن   ۽   ڪتن   جون    بڇون   ٿا   ڪرائن.

سوئر   جي   پٺيان   پيا   ڪتن   کي  ڀڄائن.

جمع    ڪيل    پونجي    جوا    ۾     هارائن.

۽  شھپر   وٽي   خود    کي   خفتي   سڏائن.

نشو       واپرائن     ،     طوائف         نچائن.

پنھنجو     پاڻ   کي   مڙس   ماڻهو    چوائن.

هي  خامي  مون  هر  مرد   ٻئي   ۾   ڏٺي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


اڇا    وار    رنگ    سان   ٿا   ڪارا   ڪرائن.

ڪراڙا   به   خود   کي   جوان   مرد    ڀانئن.

اٽو    ڪين    گهر    ۾   ۽   ڪاٽن   ٿا   پائن.

کڻي     ساڻ     ڇوڪر     پيا     ٿا    گهمائن.

هو     پنھنجا     ڇڏي     ٿا     پراوا    نپائن.

برايون    ڪري     ٿا    ضميرن   کي   گهائن.

قوم     لوط    وانگر     نرن     کي     نچائن.

ڪڌايون   ڪري   پوءِ   هي  ڳالهيون  هلائن.

فلاڻي   سان   منھنجي    وئي   دل   لڳي    آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


عجب    اڄ     زمينداري    آهي    ڏٺي   وئي.

ٿئي   قرضي   هاري   هي  سازش  رٿي  وئي.

ڏئي    يار      هيڪوڻ    چوڻي    لکي   وئي.

اڳي   چيٽ   هو   ۽   کنئي   اڄ   ڪتي  وئي.

اپت    هارين    کان    سموري     کسي   وئي.

سڄي   پوک   قرضن   ۾    يارو   ڪٽي  وئي.

ڪيو   ليکو  هاريءَ  نه  هن  جي   ٻڌي  وئي.

ڏئي  دڙڪا  هن   جي  زبان   بند  ڪئي  وئي.

تڏهن    هارپي    تان    سندس   دل   ٽٽي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


ٻڌون     ٿا      ته      ڌاڙيل      هت    ناميارا.

مگر       اصلي      ڌاڙيل      پوليس      وارا.

گهمن      ڏوهي      آزاد     جيڪي    سگهارا.

بنا      ڏوھ      مسڪين      ٻڌجن     ويچارا.

جڙن     ڪيس   ماڻهن   تي   ڪوڙا   ڪسارا.

ظلم     ۽    جبر    جا    هتي    ڪئي    نظارا.

دلاليءَ    جا    اڏا    ۽   رشوت    جا    مرڪز.

هي       ٿاڻا     ۽     انصاف       وارا     ادارا.

جتي   هلندي   پوليس   جي   هڪ   هٽي   آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


چون.     ٿا      ته     آهي     علم     روشنائي.

علم     ۾    ئي    آهي    سڀن    جي    ڀلائي.

مگر   هيءَ   به   هڪڙي   ڪڙي   آ   سچائي.

ته   اسڪول   ۾   ناهي   اڳ   جيان  پڙهائي.

ڪچھري     ڪندا      ماستر     پيا     اجائي.

نه    پيرڊ     وٺن    ڪو    رڳو     واندڪائي.

عمارت     ٺھي     ٻارڙن     جي    پڙهڻ   لئه.

مگر    ڪم    وڏيرن    کي    ڀانڊي  لئه   آئي.

هتي    ٻيڙي    تعليم    جي    ايئن    ٻڏي    آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


ننڍين    ڳالهين     تان     قبيلا     وڙهن    ٿا.

بنان     ڏوھ     مظلوم     ماڻهو     مرن     ٿا.

هو   رت   پاڻي    وانگر    وهائي   وجهن   ٿا.

ڪري    خون    پڇتاءُ   بلڪل   نه   ڪن   ٿا.

صدين   تائين   جهڳڙا   هي   هلندا   رهن   ٿا.

وري       فيصلن       لاءِ     جرڳا      ٿين   ٿا.

قسم    ڪوڙا   شاهد    وڏا    جت    کڻن   ٿا.

جتي     فيصلا    پڻ    پسند    جا    ٿين   ٿا.

ٿيندي   ڳالھ   ٿوريءَ   تان   هت   دشمني  آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.


جي  سک  هن ته  جنّت ، جي ڏک جڳ جھنم.

سرءُ ، سردي ، گرمي ،   بھارن    جا    موسم.

اڳي    عيد    ۽    پوءِ      آهي    ماھ    ماتم.

جسم    ۾    رهي   جيسيتائين   به   ٿو   دم.

ٿين    پورا     هڪڙا    اچن    ٿا    ٻيا   ڪم.

ڪڏهن   آ   خوشي   ۽   ڪڏهن  اک  آ  پرنم.

لکي   زندگيءَ    تي   ڇا    هي   جوڻو آصف.

خوشيءَ   تي   لکي  يا   لکي  قوم   جو   غم.

ڪڙي    آ  ،   مٺي   آ  ،  مٺي   آ  ،   ڪڙي    آ.

اها      زندگي     آ     ها     هي     زندگي    آ.






اڙي    سانورا    ٻڌ  ،  سڄڻ    بانورا    ٻڌ.

ته تنهنجو حسن مونکي بيحد ڇڪي پيو.

تنھنجا  زلف  پيرن  ۾  ڪڙيون وجهن پيا.

تنھنجون  دلربائي   ادائون   سڏن   پيون.

تنھنجا  نيڻ چاهت جون نينڍون ڏين پيا.

تنھنجون  ٻانهون  آهن   ٻکڻ   لاءِ  آتيون.

پيو  آڇين  خلوت  ڀريون مونکي راتيون.

تنھنجو  حسن جوڀن جواني پئي روڪي.

چميون ، ڳل  ڳراٽيون  ۽ ڀاڪر  رهاڻيون.

هي  پازيب  جي  ڇن  ڇنن  ڇن  ڇنن  ۽.

اهي    ساز    سنگيت   چاهت   جا   نغما.

تنھنجي  شھر  جون  يار  چنچل  هوائون.

مٺا  باغ  فطرت   ۽   پونم  جون  راتيون.

اهي   عيش    عشرت   جا   انمول   لمحا.

سڀئي لطف رڪجڻ لئه مون کي چون پيا.

مڃان ٿو  ته منھنجو  توسان عشق سانئڻ.

مگر   عشق   افضل  آ  هوندو  وطن  سان.

هيڏي   ڪر   نظر   سنڌ   ساري  ٻري  پئي.

رڳو     لانگ     بوٽن     جا     آواز     آهن.

وري   جي    ٿريءَ   جي    ڌماڪن   پڙاڏا.

وري  بمّ  گولن    جي    بارش   ٿئي   پئي.

سڄي  ڀونءِ  رنگجي  وئي  آ   لھوءَ  سان.

وري      کوڙ     مقتل     سجايا   ويا   هن.

ٿيل  سڏ  جو  جانم   هي  پڙلاءُ   ٻڌ   تون.

ٿيو   سڏ   آ   منصور     پارا    ڻاچو   سڀ.

ڇڏي   گهاٽ   گهر   عشق   وارا  اچو سڀ.

اهو  سڏ  ٻڌي  تنھنجو   آصف  ڇو   ويھي.

وڃان پيو ، سڏي  سنڌ پئي مان وڃان پيو.

تنھنجو  عشق  جيون  کان  بيشڪ  مٺو  آ.

مگر   عشق   ڌرتيءَ   کي   ارپي   ڇڏيو  آ.

پنھنجو  پاڻ  سنڌڙيءَ  کي  ارپي  ڇڏيو  آ.






ڪنھن  پڇيو  ڇا  رهيو  سنڌ جو الميو؟

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مون  کان  نه ٿي، يارو ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون  ڏنو،دار مون لئه سجيو.


رهبري    رهبرن    جي    وڪامڻ    لڳي.

۽  سياست   سندن  ڪوڙ ، ڌوڪو ، ٺڳي.

ووٽ  لئه  قوم  کان   هو   اچي  ٿا  پنن.

ماڻي  ڪرسي  انھن  کي  وساريو  وهن.

خلق     بيروزگاري     هٿان     پيڙهجي.

پر  مھانگائي  حاڪم  اڃان  پيو  ڪري.

قوم   ساري   اٽي   ۽   اجهي   لئه  ڏکي.

ٿي  پريشان  جڳ  پيو ڪري خودڪشي.

پئي  رنو  رات   ڀي  ٻار  ڪنھنجو  بکيو.

ڍو   ڪري   پاڙي  ۾   ايم  پي  اي  ستو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


دوستو   سنڌ   جي  امن  جو  ٿيو  قتل.

شھر  ۾   ڳوٺ   ۾   آهي   محشر   متل.

راھ  ويندن  مٿان   گوليون  ٿيون  هلن.

روز   معصوم   ماڻهو   سوين   ٿا  مرن.

مسجدن   ۾   نمازين   تي   حملا   ٿين.

ماڻهو   ماري   سري   عام  قاتل   گهمن.

جان ، عِزّت نه  ڪنھنجي  به محفوظ آ.

روز    هٿ    ٺوڪيا    ٿا    ٿين   حادثا.

ڪالھ   بازار    ۾    بم     ڌماڪو    ٿيو.

فوج  بيٺي  هئي   پر  نه   قاتل   جهليو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


اڄ  جھالت  ڀرئي   جھل  جو  هنڌ  ٿيو.

لوڪ   ريتن   ۽  رسمن   جو  پابند  ٿيو.

ماڻهو   ماريا   ويا  ڪارو  ڪاري  ڪري.

ٿيو  نياڻيءَ  مٿان  ظلم    ڳاڙهي  ڪري.

ريتون  ٺھيون  ته جيئن حل ٿين مسئلا.

ماڻهو   ابتو    انھن   ۾   ئي  الجهڻ  لڳا.

آدمي   ٿي    پيو   اڄ    جو   حيوان   آ.

ڳالهه ٿوريءَ تان  جانيون  ڪندو زيان آ.

ملڪيت   ڪاڻ   معصوم    ماريو   ويو.

ڪارو   الزام   ڪوڙو   سندس   تي  لڳو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


قوم  کي   ڪئي   گروهن  ۾  بٽيو  ويو.

ڪلفتن  جو   به  ٻج  خوب  ڇٽيو  ويو.

ذات.  ۽    پات   تي   روز   جهيڙا   ٿين.

سنڌين  جي   هٿان  سنڌ  جا  پٽ  مرن.

ٿا   ڪڏهن   مھر    ۽   عالماڻي   وڙهن.

۽    ڪٿي   سولنگي    جاگيراڻي    لڙن.

سنڌ     ۾     روز    اهڙا   ٻڌون    حادثا.

سوٽ   ماسات   ڇڏ   ڀائر   ڀائرن  ڪٺا.

ٺاھ  تن ۾ ڪجي  ڪين ڪنھن سوچيو.

۽ وڙهڻ کان نه ئي کين  ڪنھن روڪيو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


ڊيم   مھراڻ   تي   جوڙجي  ٿي  صلاح.

سوچي  دشمن  اها  رٿ  خدا  ڏئي پناھ.

سامراجي   قوت    هي   ڪيو   فيصلو.

مارجي   سنڌين   کي   اڃيو   ۽   بکيو.

ٿل ، ڪالا  باغ  گڏ   گڏ  هي  ٺاهڻ   لڳا.

ليڊرن    جا    ٻڌون    روز    نعرا    ٺلها.

سنڌي   اڳواڻ   آهن   اڃان   سڀ  ستل.

ڪين   ڪڇيا   لڳي  ٿو  ته   آهن   کتل.

هن  دفعي  ڀي  نه  هارين  فصل  پوکيو.

ڇو   ته   پنجاب   پاڻي   مٿان   روڪيو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


هت   پريمي   ٿيڻ   جي    آ   ڦھلي  وبا.

سنڌ  ۾    جنھن   کي   آ   ٽيڙيو   ميڊيا.

فوٽو    ڇپيو    خبر    پيپرنڻ   ۾   لڳي.

ڇوڪري    اڄ    وري    آ   فلاڻي   ڀڳي.

نئون  نسل هي پڙهي  خوب  گمراھ ٿيو.

سنڌ   ۾  مرض   هي  چو  طرف  پکڙيو.

ٿا   ٻڌون   روز   جوڙا   نوان   ٿا  ڀڄن.

مائٽن  جي  عزت   جو  نٿا  خيال  ڪن.

ٻن  پريمين   گڏيل   هي  قدم  جو  کنيو.

ماءُ پيءُ جو شرم کان تڏهن سر جهڪيو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.


چور ، ڌاڙيل ، ڦورو   هتي    سو   گهمن.

عام  ماڻهو  ته  ڇڏ   جج  به  اغوا  ٿين.

ڏن  مريدن  کان   مرشد  پيو  ٿو  گهري.

ڪنھن  کي  پوليس  نالي ڀتي جي ڦري.

واپڊا   جو   اچي   بل   ٿو   ڳاٽي   ڀڳو.

بي سبب بل ڊڊيڪشن جو ڪنھنتي لڳو.

ڪورٽن  ۾  ٿو  انصاف  جو   ٿئي   قتل.

آهي  محشر  کان  اڳ  ۾  ئي محشر متل.

جوڻو  آصف  جو  ظالم  کي  ظالم  چيو.

باغي  چئي   کيس   ڏاڍو   ستايو   ويو.

ڪونه ڪوئي ڪڇيو،ماٺ هر ڪو رهيو.

ماٺ  مونکان  نه  ٿي ، يارو  ڏاڍيان اٿي.

سچ  چئي  مون ڏنو،دار مون لئه سجيو.






اسان  کي  درد  جي  ڪيفيت  وراثت  ۾  اچي ملندي.

لڇڻ ، تڙپڻ  ۽  روئڻ  جي  ڪٿي  هيءَ  مند  پھرين آ.

صدين  کان  هي  اچي  هلندو  سچن لئه دار سجندو آ.

سدا  منصور  پارو  ئي  وڃي  سوليء  تي  چڙهندو  آ.

سدائين  سچّ  جو  حامي  شمر  جھڙن  کان ڪسندو آ.

يزيدي    سوچ    رکندڙ   جا   ارادا   ڪٿ   مٽيا   آهن.

حسيني  سوچ  جا  حامي  مرڻ  کان  ڪٿ  مڙيا  آهن.

ڪٿي  پھريون  دفعو  آهيون  اسان  پيا  قيد  خانن ۾.

نسل   اڳيان   به   ٿيندا   ها  اسان  جا  بند  زندانن  ۾.

ڏنڊا ٻيڙيون به لڳنديون هون ۽ ڦٽڪا اڳ به وسندا ها.

اسان جھڙن  جي ئي  خاطر هي  مقتل گاھ سجندا ها.

لکن   جا   ور  ڪٺا   اڳ   ڀي  لکين  پٽڙا  ٿيا  صدقي.

پنھنجي سنڌڙيءَ تان واري جان ڳڻجي ويا شھيدن ۾.

لکين  بي  گهر  ٿيا  ماڻهو  هٿان  ڌارين جي اڳ ۾ ڀي.

اڳي   ڀي   قوم   جا   ٻالڪ   اگهاڙي   انگ  هلندا  ها.

بکن  جي  باھ   ۾  ننڍڙا   جسم  اڳ  ۾  به  جلندا  ها.

چون  ٿا   سنڌ  جي  حالت  اڳي  کان  آ  بدلجي  وئي.

ڏسان  ٿو  قوم  پئي  ڀٽڪي  اڃان  تائين  انڌيرن  ۾.

اڃان   تائين   وڏيرن   جو   ستم   ۽   ڏاڍ   آ   جاري.

اڃان  ڀي ڀاءُ  پنھنجي  ڀاءُ  کي پيو ٿو اچي ڪھندو.

اڃان  هن   پاڪ   ڌرتيءَ  تي  وهايو  خون  آ  ويندو.

اڃان  ڪارو  ۽   ڪاري  رسم  ۾  آهيون  اسان  ڦٿل.

اڃان  ننگن  ٻين  جي ڏي  حوس  مان هون نھاريندا.

رکي  غدار  سان   ياري  ۽   پنھنجا   هون  ڌڪاريندا.

اڃان   تذليل  رشتن   جي  اچي   ٿي  دوستو  ٿيندي.

اڃان جيجل کي پنهنجو پٽ ڪري ڪاري ڪهي ويٺو.

اڃان   ڀي  ننگ   وڪجن  ٿا  سري  بازار  ٿين  سودا.

اڃان   تائين  غريبن  جا  غصب  هت  حق  ٿيندا هن.

طوائف   جي   جسم   وانگر  سياستدان  ٿا  وڪجن.

ٽڪن  ٻن  تي  وري منصف جا ميان ايمان ٿا وڪجن.

سڀئي  ڌاڙيل  ۽  رهزن   وڏن  عھدن  تي  ٿيا  قابض.

ڏسو  تعليم  جون   واڳون  ڄٽن  ۽  جاهلن  وٽ  هن.

لتاڙي  لانگ   بوٽن   سان   وئي  مھراڻ   جي   وادي.

اڃان  پيري  مريديءَ  جي چڪر کي سمجهيا ناهيون.

اڃان  چورن  ٺڳن  واري  مڪر  کي  سمجهيا ناهيون.

اڃان   تھذيب   ۽   ڪلچر   تي   ڌاڙا   پيا   لڳن  يارو.

ستابيون قومون ماضيءَ جون غلاميءَ ۾ گذارن پيون.

اڃان   تائين   وڏيرن    جو    ستم   ۽   ڏاڍ   آ   جاري.

اڃان  تائين  اسان   وٽ   ڌيءُ  بختاور  اچي  ڄمندي.

اڃان ڌارين جون يلغارون اچن هن ديش تي ٿينديون.

مگر  هن  سنڌ  جي  مٽيءَ جو هي هڪ ڪرشمو آهي.

اڃان دولهه،دودا،هوشو ۽ هيمون  هيءَ  ڄڻي ٿي پئي.

وڙهن  ٿا پيا  اڃان جيڪي وطن جي يارو عصمت لئه.

چيائون  هي   ته  ٿيڻو   آ  ختم  هي  نيٺ  ٿي  ويندو.

ڏسو  پوئين  صديءَ  ۾  علم  ڪيڏي   آ   ترقي  ڪئي.

چيائون  فخر   سان   ڪيڏو   خلا  ۾  پير  پاتو  سون.

ترقيءَ  جي چڙهي  ڏاڪڻ  وڏو  هڪ ڄاڻ ڄاتوسون.

چيم  افسوس  ماڻهن  جي  نه  جذبن کي سڃاتوسون.

اڃان  رشتن  ۽  ناتن  جي  نه  قدرن  کي  سڃاتو ويو.

اڃان  پنھنجي  به  آمد  جو  نه  آهي  ڄاڻ  ڄاتو ويو.

مڃان  ٿو  چنڊ  تي   پھچي  ويو  آهين  گهڻو  اڳ  ۾.

نه ڪنھن جي دل فتح آهين ڪري سگهيو اڃان تائين.

چوين  ٿو  علم  ۾  آهي  اضافو ٿيو مڃان ڪيئن مان.

اڃان  ڀي  بت ڪدن  ۾ هن  کتل پيشانيون تنھنجون.

اڃان  ڀي  بک ،  بدحالي  ۽  غربت  ڪٿ  گهٽي  آهي.

اڃان   آزاد   قومن    جي    نه   آزادي   مڃي   ويئي.

اڃان عورت کي  پيرن جي پئي سمجهي وڃي جوتي.

اڃان  دين  و  ڌرم  جي  نانءَ  تي  ماڻهو  مرن ٿا پيا.

اڃان  تون رنگ ، مذهب، ذات تي ماڻهو ٿو ويڙهائين.

چوين  ٿو  علم  ۽  ترقي انهيءَ کي تون ٻڌي ڇڏ پوءِ.

چوي  ٿو   جوڻو  آصف   هي  ترقي  اهڙي  مرده  باد.

منھنجي  هيءَ  سنڌ  زنده باد  ۽ سنڌي قوم زنده باد.

محبت   امن   زنده  باد   ،   محبت   امن   زنده.  باد.






ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.

سنڌ  منجهان   ڌارين   کي ڀڄايون.


ڌاريون     پنھنجو     دشمن     آهي.

ٺاھ    ٺڳيءَ    جا    جيڪو    ٺاهي.

پنھنجا      وسيلا     ويٺو     ڦٻائي.

حق   اسان    جا   غير    پيو   کائي.

حق     وڃايل     پنھنجا     ورايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.


هوڏي     حرامي      ڊيم       بنائي.

هيڏي   اسان   جي   سنڌ  سڪائي.

دين      جي      نالي     جي    اندر.

گئس  ،  ڪوئلو  ،  تيل     ۽    بندر.

ڪيسين     آخر      يارو     ڦرايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.


سنڌ    ڏکي    هر    سنڌي     ڏکارو.

واور     ڪر     وارو     ڙي     وارو.

سنڌ   سڏي    پئي    هيءٌ   پڪاري.

ڪو ته اچي منھنجي سينڌ سنواري.

سڏ     هلو     سڀ     گڏ    ورنايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.


گيدي    ناهيون     ڪانئر    ناهيون.

دولھ      دودا       ڏاهر       آهيون.

صوفي  بغاوت   جيئن   ڏسي  ويو.

هوشو   شجائت  جيئن  ڏسي  ويو.

ريت      انھن      واري    ورجايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.


ڌرتيءَ       جا      جوڌا      گوريلا.

گڏ     ٿين    پيا     سڀ    جوشيلا.

تون  به  جهنڊو  اڄ  ڳاڙهو  کڻي آ.

نعرو      آزاديءَ     جو     هڻي    آ.

ٽلٽي ، مياڻي ، دٻي   ڪا   سجايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.


گيت    وطن    لاءِ    ڳائي    آصف.

قوم       ستل      جاڳائي     آصف.

پاڻ  نه   سمھ  ۽  ننڊ  نه  ڪر تون.

قومي    هن   لشڪر  ڏي  ور  تون.

ديش      وڙهي    آزاد      ڪرايون.

ساٿي اچو  پنھنجي  سگھ  وڌايون.






ساري جڳ  جهان  جو ، تو  سان  آهي  پيار،

تنهنجي هن ڪردار،موهيو جڳ جي من کي.


موهيو جڳ جي من کي، تنهنجي قربانيءَ.

ٿي   پئي    آساني ، آزاديءَ    جي  پنڌ  ۾.


آزاديءَ  جي  پنڌ  ۾ ، ڇا ڇا  نه  سٺو آ  تو،

ساهه ڪيئي صدقو،پنهنجي مارن ماڳ تان.


پنھنجي مارن ماڳ تان،ڪيڏو ڏور وئين.

ويٺو  يار  سهين ، جلا وطني جي ڀوڳنا.


جلا وطني جي  ڀوڳنا ، ڪيڏي  اذيتناڪ.

گهر نه جت ڪو ٿاڪ،هر شي آهي اوپري.


هر  شيءُ  آهي  اوپري ، اوپرو  سارو ڏيهه،

سڪ پنهنجيءَ ساڻيهه،آهي اندر ۾ اڻ مئي.


آهي اندر ۾ اڻ مئي،سائين تنهنجي سڪ،

ڏاڍي ٿئي ٿي ڇڪ،مگر ڪوهين ڏور تون.






مان پنهنجي جوهر ۾ معرڪو هان،

سڃاڻو مون  کي مان حوصلو هان۔

اي  جنگجوؤ !  مون  کي  به  نيئو،

مان  جوش  آهيان مان ولولو هان۔


اونداهين   سان   جا  ويڙھ  ٿي  آ

انهيء ۾ منهنجو به ڪجهه حصو آ۔

توڙي  جو  سج  چنڊ  ڪي  ٻيا ها۔

توڙي مٽيء جو مان ڪو ڏيئو هان۔


هي    مقتلن   ڏي    سفر   شعوري

ڪيو    اٿم      اي    تماش   بينو۔

متان   ڪو  سمجهي  ته   ناگھاني

ڪو واقعو  هان  ڪو  حادثو هان۔


هي  زندگيء    جا   هزارين   حملا

سھي  سھي  ٿيو    وجود   زخمي۔

ٿڪو  نه  آهيان   اڃان  به  سائين

نه ڪو ڪريو   هان اڃان کڙو هان۔


جو   منزلن   ڏي   اڃان   رهي   ٿو

اهو    رهيل    يار    پنڌ   تون   آن۔

جيڏو به هيسين ڪري چڪا  هون۔

سو   طئه   ٿيل  آئون  فاصلو  هان۔


زمانا    ايڏي    ڀلا    ڇو    حيرت ؟

منهنجي ئي صحرائي  هن سفر تي۔

ديوانگيء  جو  مان   ڪرشمو  هان

۽  عشق  حضرت  جو   معجزو هان۔


مان    آس    آهيان    اميد    آهيان

جنين جي  تن  جون  دعائون  آهن۔

اڪيلي  هوندي  به   ايئن   سمجهو

اڪيلو   ناهيان   ڪو   قافلو   هان۔


مون   کوڙ   لاها   چاڙها    ڏٺا  هن

ڊٺو  به   آهيان   ٺھيو   به   آهيان۔

مان آدميء  جي  شڪل  ۾    آصف

مھين  دڙو  جيئن  مھين  دڙو هان۔






اڃان   درد    دل   م   سري   ٿو   او   جانان.        

انهي   درد   جي   ايئن   پڄاڻي   نہ   ٿيندي.

جيسين  پوري  دل  جي  ڪھاڻي  نہ ٿيندي.

اڃان   آھي    دل     جي    اڌوري   ڪھاڻي.

وهي  پئي    وڇوڙي   جو   بنواس    ڪاٽي.

حقيقت    جو     گلشن     بہ     برباد    آهي.

خوابن   جي    بستي   بہ    ويران     ساري.

اميدون  بہ  لڙڪن  ۾  لڙهيون   وڃن ٿيون.

ٽٽن    ايئن    جذبا    هجن   زرد    ڄڻ   پن.

نہ   ٿي   مند   آڇي   ڪا   جن    کي   امرتا.

اچي   رات    اوڊيم     ٿي     ڪاري    چادر.

صبح  سج  ڪرڻن   جو   ويڙهي   ڪفن  ٿو.

ائين  سمجھ  جيئرو  ڪو  لاشو   مان آھيان.

مان تنھنجي ڪري ڪين  ڪنھنجو  ٿيان ٿو.

مگر  مون  کي  ڀي تون ن پنهنجو ڪرين ٿو.

وڃي  ڏور   مون  کان  نہ  واپس  ورين  ٿو.

رڳو       درد        پيڙا       رڳو      ڀوڳنائون.

نہ  ڪو  نينھن   نبري  نہ  ڪو    ياد  وسري.

تنھنجو   ساٿ   آصف  گهري  ٿو  او   جانان.

اڃان   درد    دل   م   سري   ٿو   او   جانان.

انهي   درد   جي   ايئن   پڄاڻي   نہ   ٿيندي

جيسين  پوري  دل  جي  ڪھاڻي  نہ  ٿيندي.






انياءُ  سان   وڙھندي  اچي.

تاريخ  نئين   لکندي   اچي.

ترڪيب  سان جڙندي اچي.

ٺھندي اچي جسمم.


ديوار ٿي پنجاب لئہ  ،  سنڌوء  جي امرت آب لئہ.

جھيڙي پئي ھيء سنڌ جي آزادي واري خواب لئہ.

ھلو  ساٿ  ھن جو  سڀ ڏيون.

جسمم سان سڀ ڳنڍجي پئون.

تاريخي      سڏ        ورناييون.

پئي ٿي سڏي جسمم.


اڙٻنگ جوڌا ، نوجوان ، ھمٿ ، شجاعت جا نشان.

حب الوطن   ۽   عاشقان سنڌ  جو  ھي ڪاروان.

ڳاڙھا  ۽   ڳڀرو   گھوٽ  ھي.

بيباڪ     ۽    اڻموٽ      ھي.

وڙنھندا به چوٽان چوٽ ھي.

پئي ٿي وڌي جسمم.


ھن ويڙھ  ۾  قربانيون  آھن  وڏيون  جسمم  ڏنيون.

مائرن جا پٽ ڪيئي ڪٺا،بيوھ ٿيون ڪيئي ونيون.

پر سنڌ سنڍ ٿيڻي نه آ.

ھي جي  ويا  ايندا ٻيا.

سٻ   پار  پئبا  مرحلا.

سر پئي ڏئي جسمم.


ھن ڪاڪ جا سڀ ڪاپڙي ھن جوء سان وياسين جڙي.

برفت  ۽   ان   جا   ڪارڪن   متحد   ٿيا   آھن   مڙي.

ھاڻي   آ   ٿيڻو   فيصلو.

ھي  آخري   آ   معرڪو.

آصف اسان جو حوصلو.

آھي بڻي جسمم.






                غزل





عظيم   ليڊر   عظيم  رهبر   جي  ايم   سيد   سلام   توکي.

اي  شينھن  سنڌ جا اي ابن حيدر جي ايم سيد سلام توکي.


(جيئن ڏٺو آه مون ) (سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء) عظيم لکڻيون.

۽ (سنڌي ڪلچر) لکيئي سخن ور جي ايم سيد سلام توکي.


(ديار دل داستان محبت)  (سنڌو جي ساڃاه) جا اي خالق.

نه تنهنجي مٽ ثاني ڪو مفڪر جي ايم سيد سلام توکي.


تو   امن   عالم   ۽   اتحاد   بني  آدم   جو   سنيھو   آندو.

ويھين صدي جا منڃيل دانشور جي ايم سيد سلام توکي.


نڪو تون مسلم نڪو هندو تون نه ئي عيسائي ، يهودي ، ٻڌمت.

صوفي هئين تون  چٽو ۽  ظاهر  جي ايم سيد سلام توکي.


لٽي  پيو  سامراج  سنڌ  کي  سنڌي   سمورا  غلام  آهيون.

شعور  اهڙو  ڏنو  تو  هر   هر  جي  ايم  سيد  سلام  توکي.


تنھنجو  عقيدو  ايمان ،دين و ڌرم ،عبادت ۽  عشق  سنڌڙي.

۽  سنڌ  تنھنجو  سياسي  محور  جي  ايم سيد سلام توکي.


نظر بندين کان نه تون ڊنو ۽ نه جيل توکي سگهيا جهڪائي.

تون  سنڌ  خاطر  وڙهيون عمر ڀر جي ايم سيد سلام توکي.


آزاد  سنڌ  جو  عدم  تشدد ، غلام  سنڌ  جو   مزاحمت  دڳ.

۽  ويڙھ جي لاء لکيو تو ( رهبر ) جي ايم سيد سلام توکي.


جڏهن به سنڌ تي ڪا ڪاهه ٿي آ ته ڪوئي ڏاهر اچي وڙهيو آ.

تو   اڄ   بنايا   هزار   ڏاهر   جي   ايم   سيد   سلام  توکي.


ڏاهر،بلاول،سورهيه،عنايت،هوشو ۽ دولهه جو تون تسلسل.

تنھنجو جنم ٿيو هو سنڌ خاطر  جي ايم سيد سلام توکي.


تنھنجو  روّيو  هو  دوستاڻو ، شفيق  سادي تنهنجي طبيعت.

رهين سنڌين جي ٿو دل جي اندر جي ايم سيد سلام توکي.


هي جوڻو آصف ته ڪم فهم آ نه کيس توتي لکڻ جي طاقت.

ٻہ  شعر  سرجي  چوي  ٿو  شاعر  جي  ايم سيد سلام توکي.






پيار  ۽   پوڄا  خاطر   ڪاشي ,ڪعبو,مسجد,مندر پوکي۔

حملا  آور جي لئه  ڌرتي وک  وک  تي  پئي  محشر پوکي۔


هن مٽيءَ  جي  هيءَ  خوبي  آ رُتِ  آهر  ٿِي فصل  اُپائي۔

ٻين رُتِن ۾  سونا  سنگ ۽  جنگ ۾ سرڪش ڪونڌر پوکي۔


شاھ  ڀٽائي , جي _ايم  سيّد   انسانيت   جا  داعي , رهبر۔

غاصب,ڦورن جي  لئه  شمشيرن  سان گڏ  ٿي ڏاهر پوکي۔


مون کي مارڻ جي لئه هُو  ٿو  توپون  ۽  بندوقون ڪاهي۔

هيڏي  سنڌڙي  هِتِ  فولادي  سينا  , هٿ   لئه  پٿّر  پوکي۔


پريم جي مالها ۾ هيءَ موتي رشتن  جا  پوئڻ  جي خاطر۔

هولي,عيد,ڏياري, رڪشا   ٻنڌڻ   جا    ڏڻ   هر  هر  پوکي۔


قطرو  قطرو  رت جو هاري ريج  ڏئي  پيو  ڌرتيءَ کي هُو۔

جنگ جي ميدان منجھ شجاعت جا آصف پيو منظر پوکي۔


سنھڙا  ,  سادا  مارو   ماڻھو    ويري   ڏسي آ  ڀليو  آصف۔

وقت شجاعت  جو  سنهڙن  جي دل ۾ پيو  ٿو جوهر پوکي۔






ڪجهه گهڙيون هن ۾ رُلِي مري ويندس۔

خواب   آهيان  اک  کُلِي  مري  ويندس۔


مون  کي  واريءَ  تي  لکيو  لِکڻ  واري۔

بس   هوا   ٿوري  گهُلِي  مري  ويندس۔


هجر  جي  لئه  سانڍيو   ويو  مون کي۔

وصل جي  لئه  هوءَ  ڀُلِي مري  ويندس۔


مون   تي   نالو   زندگِي   چرِيءَ  رکیو۔

ڄاڻي   ڀي   ٿي   دادلِي  مري  ويندس۔


مان  ته  هن  جو    آهيان   ڀرم   آصف۔

ڳالھ  جي   ٿوري   کُلِي  مري   ويندس۔






تو جن کي ڏٺو سي جوش ٺريل پر مون ھڪڙا پرجوش ڏٺا.

ھيڏي  جي  نه  تو للڪار  ٻڌي  تو  بيٺي  بس  خاموش ڏٺا.


مئخاني  ۾  جيڪي  به  ھئا  گڏ  تو  سان سي مدھوش ھئا.

مئخاني  کان  ڪجهه  اڳيان  ئي مقتل ۾ مون سرفروش ڏٺا.


پڃري  کي  ڀڃڻ  تخريب چئي ٫ پر امن چئي  پڃري ۾ رھيا.

پڃري کان پري جي پنڇي ھا سي مون ته ھوا جي دوش ڏٺا.


اي راھ ڀليل رستي ۾ ويھي تون ڪيم چئہ سڀکي راھ ڀليل.

مون  منزل  ڏي  ڪئي  واڪيندي  رستي  ۾ خانه بدوش ڏٺا.


مون  وستي  وستي  باغين کي ھو درس بغاوت  ڏيندي ڏٺو.

تن  باغين  جي  ڪين  پيرن ۾  مون  منجھ سفر پاپوش ڏٺا.


ھا تون به  صحيح ٿو  فرمائين ڪجهه عمل کان رھيا پاسيرا.

پر کوڙ  عمل  جي  دوران مون ھڪٻئي جي دوش بدوش ڏٺا.


ڇو سون جي عيوض  سيڻ مٽائن وارا ٿو سڀ شاعر چوين؟

ڇا آصف جھڙا  شاعر  تو  متحرڪ ۽  نه  ڪي  روپوش  ڏٺا؟






ترس  مان   ٿورو   مچان  پوءِ  ڳائجان.

۽   بٺيءَ ۾  ڪجهه  پَچان  پوءِ  ڳائجان.

وقت  ٿو  مون  کي  اڃا  سِرِجَي  مِيان.

پورو   مان  لکجي  وٺان   پوءِ  ڳائجان.

رات   سان   ويڙهاند   باقي   ٿِي  رَھَي.

صبح   تائين  جَي   ٻران   پوءِ  ڳائجان.

ھُو   اڃا    ڪو   ٻارِڙو    سڏڪي   پيو.

ٽھڪ  ان  جو  ٿِي   ٽِڙان  پوءِ  ڳائجان.

زندگي   کاري   وجھي  ٿُو  ٿُو  ڪجان.

موت مرضيءَ  جو  مران  پوءِ  ڳائجان.

طوق  پائي  ڪيئن  تو کي  مان  ٻُڌان؟

ڳٽ  ڳِچيءَ  جا   لاھيان   پوءِ  ڳائجان.

مقتلن    مان     کوڙ       کاپِي     موٽيا.

لوڏ   ڦاھيءَ   جِي لُڏان    پوءِ   ڳائجان.

عشق جو  پھريون  سبق  پيو ٿو پڙھان.

عشق  کي   پورو   پڙھان  پوءِ  ڳائجان.

ھا   اڃا   تائين   مان    آھيان   پنڌ   ۾.

ماڳ  تي  جڏھين  رسان  پوءِ   ڳائجان.

ڪين  آصفَ  کي  اڃان  جھونگارِ  تون.

ترس   مٽيءَ    ۾   ملان   پوءِ   ڳائجان.






جرم  ھَو  ھِي ھوائن  جو  يا ھُئي ڪا ڦُوڪ پنھنجن جي؟

چراغن  جي  قتل  لمحي نه ٿي ڪا  ڪُوڪ  پنھنجن جي.

ھٿان  ڌارين   جي  سيني  تي  لڳا پئي  وار ھر  ھر  ڪئي.

پٺيءَ   تي  جا   لڳي   گولي   اھا    بندوق   پنھنجن  جي.

پَوَنِ  خبرون  به  ويڙھي  جون  الائي  ڪيئن  ويرين  کي.

وحيءَ تي سوچيان،حرڪت چوان مشڪوڪ پنھنجن جي.

ڪيان ٿو  جستجو  جن  لئہ ، سھان  ٿو گھاءَ  جن ڪارڻ.

سي  ئي  ڪوٺين  ٿا  ڪافر ، عجب  مخلوق  پنھنجن جي.

ڳجھارت    بعد   مدت   جي   ڀَڳِي   مقتول   جِي   آصفَ.

قتل   وارو   لڌو    خنجر    کلِي   صندوق   پنھنجن   جي.






پنھنجا هٿ  ۽  پير  هو  گهائي   هليو   ويو۔

رستو   منزل   تائين   وڇائي    هليو    ويو۔

سڀ ڪجهه پنھنجو  منجھ سفر ۾ ويو ھاري.

پر    ابدي    ڪردار     ڪمائي   هليو    ويو.

آزاديء     کي      جھونگاريندو     آيو    ھو.

مقتل   ڏي   ھو    ڳائي   وڄائي  هليو   ويو.

سڀ  ڪو   کلندي   کلندي  سرڙو  ڏئي  ويٺو.

رمتو     اھڙي     راند    رچائي    هليو    ويو.

ديواني  به    هوائن     وارو    ڪم   ورجايو۔

صحرا  جي   هو   خاڪ    اڏائي   هليو  ويو.

منھنجي مرڻ کان پوء رقيبن سس پس ڪئي.

بيشڪ   آصف    نينھن   نڀائي    هليو   ويو.






ايئن  هجر  ۾  ڪنهن کي مارڻ.

ايڏو  وڇوڙو  ڇا  جي  ڪارڻ؟

ڏسندي ڏسندي سال لنگهي ويا.

روز   دلاسا    روز   ڇو   ٽارڻ؟

تنهائيءَ     ۾      ڪرت    بنايم.

تو کي    سارڻ    ڳوڙها   هارڻ.

هر  هر  جي  ڄڻ  موت جيان آ.

تنھا     تنھا      جيون     گهارڻ.

محبت   ۾    ٻئي   پاسا   فائدو.

جھڙو    جيتڻ     تھڙو    هارڻ.

آصف جوڻو  کان ئي سکي ڪو.

درد  سھڻ  ته به  نينھن  نکارڻ.






ديد  هِن  جو  نظارو  ويو ٻئي طرف۔

راھ  ڀٽڪي  اشارو   ويو  ٻئي طرف۔

پاڻ  کي  ويو ڇڏي  هُو  اڪيلو  هِتي۔

ڪاڏي نڪري  ويسارو ويو ٻئي طرف۔

منزلون  هِن  طرف   يار  هيڏي  هيون۔

هوڏي ڪاڏي هِي چارو ويو ٻئي طرف۔

مون جو  موجن ۾  هٿ پير ڇڏيا هڻڻ۔

ٿِي  خفا   هَو   ڪنارو  ويو  ٻئي طرف۔

هوءَ  پري  تائين اوندھ  ۾  ٿِي روشني۔

هَو  کڙي  هڪ  ستارو  ويو  ٻئي طرف۔

ساک  موکي  جي  آصف  لڳِي  داءَ  تي۔

مئڪدي  جو   متارو   ويو  ٻئي  طرف۔






ڪين مون هو  فقط اي وطن  جستجوءَ سان لکيو انقلاب۔

ڪيترن  ئي   شھادت   ڏئي  هو   لھوءَ  سان  لکيو انقلاب۔

سٺ ڪتابن جي تخليق  هوءَ سؤ  صدين جو تعارف هئي۔

هن سڀن  جي  دلين  تي  قلم  ،  گفتگوءَ سان لکيو انقلاب۔

مصر  ،   بابل  چاهي   نينوا  يا  ميسو  پوٽيما  يا  ڪا ٻي۔

ماء  تھذيب جي سنڌ  هئي جنهن سنڌوءَ سان لکيو انقلاب۔

هوڏي پٽڪن جي قيمت ڀري پئي خريديا  ويا ٿي خطاب۔

هڪ سنائيءَ  سڀن کان پري گڏ  حشوءَ  سان لکيو انقلاب۔

مون جڏهن  کان  ٻڌو هو ´وطن آهي ايمان جو جز` ميان۔

ڏينھن ان کان وٺي مون هيو بس وضوءَ سان لکيو انقلاب۔

ڪنهن ٻڌايو ته  آصف وڃن نڪتيون ٿيون نمازون سڀئي۔

ان مھل مون پئي  ٿي خشوع  ۽ خضوع سان لکيو انقلاب۔






تنھائيءَ  ۾   هِن  سان   هُن  سان  ڳالهايو  مون۔

ڪڏهين غم سان ڪڏهين من سان ڳالهايو مون۔

ٽھڪن  مان  سنجيده ڪو ئي ٽھڪ نه هو ڪو۔

لڙڪ   وهائي   پوء   لڙڪن  سان  ڳالهايو  مون۔

ٻي ڪا  نشاني ڪا نه  هئي موجود   سڄڻ  جي۔

جيڪي  ڏنا  هن   تن  زخمن  سان  ڳالهايو  مون۔

بي  امڪانيء  جي  اهڃاڻن  سان   ڇا  ڳالهايان؟

تنھنجي  اچڻ  جي  امڪانن  سان  ڳالهايو  مون۔

هر     هڪ     جي    قسمت   ۾   ناهن   تعبيرون۔

رات   ڏٺم   جي  تن  خوابن   سان  ڳالهايو  مون۔

ڏوھ   وڏي   جا   قيدي   آهيو   قيد   تڏهن   هو۔

دل   ۾   قيد   ٿيل   جذبن   سان   ڳالهايو   مون۔

گھرائيءَ  ۾  مون    وانگر   ئي   ماٺ  سمنڊ   هو۔

ترندي   آصف   پوء   لھرن    سان   ڳالهايو  مون۔






اونداهي    من    ۾    اجالو   جاڳيو۔

سوچ   ۾   هو   تنهنجو  نالو  جاڳيو۔

سڀ ڪھاڻيء جا سمهي ڪردار پيا۔

جاڳ  جھڙو   هڪ   حوالو   جاڳيو۔

همسفر   ۽   پيچرا   پڻ  پيا  سمهي۔

پوء به پئي  منهنجو  ڪشالو جاڳيو۔

ديد  جي  چاٻي  لڳڻ  جي  واسطي۔

عمر   ڀر   هو   دل  جو   تالو جاڳيو۔

هڪ جوانيء جي خطا  جا ٿي وئي۔

پيري  تائين   ان  جو   ازالو  جاڳيو۔

هو  جو  آيو  آه  و  گريه   ٿيو  ختم۔

۽   زبان  تي  (  هو  جمالو  ) جاڳيو۔

هڪ    نرالي   ياد    جي   اميد   ۾۔

غم    پئي      آصف    نرالو   جاڳيو۔






ڪو  هنر  ڪا  ڪلا   کڻي  ٿو  اچان۔

مان  فنا   مان   بقا    کڻي  ٿو  اچان۔

هي جو  تون  معرڪه  کڻي ٿو اچين۔

مان  به  پوء  حوصلا  کڻي  ٿو اچان۔

هو  اجل  ٿو    کڻي   اچي   مون  لئه۔

مان  اجل  جي  قضا   کڻي  ٿو  اچان۔

جو    ستارو     وڻئي    اهو    رکجان۔

بس  اجهو   هوء   خلا  کڻي ٿو اچان۔

ڇڏ   دنيا   جا    مون  کي  نبيري  ڏي۔

دل  جا  ڪجهه  معاملا  کڻي ٿو  اچان۔

ڪجهه  امڙ  موڪليون  ڏکئي  پل  لئه۔

تن  منجهان  ڪا   دعا   کڻي  ٿو اچان۔

ڪوڙ     تو    وٽ     سڀئي    خرافاتي۔

سچ  مان  هن  دور  جا  کڻي ٿو  اچان۔

ترس  ڪجهه  ڏات  سڏ   ڪيو  آصف !

ڪجهه غزل ڪجهه قطعا کڻي ٿو اچان۔






بي  خبر   جي    پٺيان   با  خبر   يانحسي۔

چاڪي  جي   ڏاند   وانگر  سفر   يانحسي۔

مان  ته  هن  جي  بقا   ڪاڻ   جهاڳيا  سفر۔

هو    فنا    جي    پٺيان    دربدر   يانحسي۔

هي  ڪو   پڃرو  ايئن   آهي   ٿورئي  ڀريو۔

ڪارڙو    هو    ڪو    ڦاٿل   تتر   يانحسي۔

ڪي ٻه ٽي تهمتون گهاو ڪجهه درد ڪجهه۔

ڪجهه  غزل   زندگيء  جو   ثمر   يانحسي۔

ريج  لڙڪن   جو   ڏئي  مرڪ   پوکي  هيم۔

ڀيلي   ويو    درد    جو     جانور   يانحسي۔

ڳوليندي    پاڻ    کي   تو   ڏي   آيو   هيس۔

پاڻ   کي   پر    نه    آيس    نظر    يانحسي۔

ڪنهن   هنن   کي    ڇني   ڌار   آهي   ڪيو۔

ڪين     آصف    دعا     ۾     اثر     يانحسي۔






اڇلي  پري  اچان  ٿو  هيء رات  دل نه لاھ۔

پريان  کڻي  وران  ٿو   پرڀات   دل  نه  لاھ۔

دلدل  ۾   بيھي  ان   تي  رستو   پيو   رکان۔

ڏيندو  اچان  رڪاوٽ کي  مات  دل  نه  لاھ۔

منظر   پيو   بدلجي   هن    مند   جي   وئي۔

مٽجن  پيا  اجهو  هي  حالات   دل  نه   لاھ۔

قرباني  مان ڏيان  ٿو  تون جستجو  ڪجان۔

بگڙيل  به  پوندي   بنجي هر  بات دل نه لاھ۔

هي  جو  لھو   شھيدن  جو   آ   وهي  چڪو۔

آڻيندو  سو   بقا   جي  سوغات   دل  نه  لاھ۔

منهنجا   غزل  ،  نظم   پيا   جاڳائيندا   ستل۔

جاڳي  پئي  ٿي  آصف  جي  ڏات  دل نه لاھ۔






هي ان  پراڻي  ئي سلسلي جو  نئون  ستم  آ  شناس آهي۔

اسان جي ئي قافلي  مان هڪڙو  ٿڪل  قدم آ شناس آهي۔

هو لفظ ساڳيا لکي پيو  ٿو مگر  انهن ۾ ڪو روح ڪونهي۔

لکيل   عبارت    پئي    ٻڌائي   کتل    قلم   آ   شناس   آهي۔

شھيد جي سيني جا زخم سڀ ته دشمنن جي هٿان رسياها۔

هي ڪنهن ته پنهنجي هنيو پٺيء ۾ گهرو زخم آ شناس آهي۔

پري هجڻ جا  اي طعنا  ڏيندڙ تو کي ڇا ان جو شعور ناهي؟

غلام   هوندي   رهڻ  گهرن  ۾  ڪيڏو  جرم  آ  شناس  آهي۔

جيڪا به قيمت طلب  ڪيائين اها  ئي قيمت ادا ڪنداسين۔

هي  انقلابن  جو   ليکو  چوکو  ته  بي  رحم  آ  شناس  آهي۔

ادا ڪفارو ته ڪرڻو  پوندو  تاريخ  وٽ تو  کي هن جرم جو۔

شھيد  ساٿين  سان  گڏ  کنيل  تو ٽوڙيو قسم آ شناس آهي۔

جو  ٻن  ٽڪن تي وڪاميو  آ اهو ٿو آصف تي اڄ ڳالهائي۔

اي سائين  ڪيڏو  هو    معتبر  آ  ۽  محترم  آ  شناس  آهي۔






خاموشيء جو  شور گهٽايو ڪجهه ڳالهايو۔

زخمؤ !  دل کي ڇرڪ ڀرايو ڪجهه ڳالهايو۔

لڙڪ  اوهان  جي  ڳالھ  ٻڌڻ  لئه  آيا  آهن۔

درد ! انهن  کي حال  ٻڌايو  ڪجهه  ڳالهايو۔

هن جي ديدن جو ڪو  خالي وار نه رهجي۔

هاء نشانا !  هيء  دل گهايو  ڪجهه ڳالهايو۔

ديوارون  ٽوڙي  به  جسم  جون ٻاهر ايندو۔

ڇو  ٿا  دل ۾  عشق  لڪايو  ڪجهه ڳالهايو۔

هيڏي   ستم   تي   نادانو   ڇو   خاموشي۔

ظالم  جي  همٿ  نه  وڌايو  ڪجهه ڳالهايو۔

آصف  نيٺ  ديوانو  آهي  سو  ڇا سمجهي؟

لوڪ  سياڻي  کي  سمجهايو ڪجهه ڳالهايو۔






هي   ڪٿي    اهلِ   سخن   ۾    ٿو    رهي۔

تنھنجو     آصف     مقتلن    ۾    ٿو   رهي۔

روبرو    جي    لاءِ     ڇو     رکيو   نه   تو؟

پيار    تنھنجو   بس   خطن   ۾   ٿو   رهي۔

منزلون   ڊوڙي     ٿيون     ان    ڏي    اچن۔

پير    جنھن   جو    کرڪڻن   ۾   ٿو   رهي۔

ڇو ٿيان خوش مرڪي جي مون ڏي  ڏٺئي۔

هٿ   ته   تنھنجو   ٻين   هٿن   ۾  ٿو  رهي۔

ڇا    پياري     تو    ڇڏيو    درويش    کي؟

هوش   ھوندي    پڻ    نشن   ۾   ٿو   رهي۔

هن  صديء  جو   ڀوڳ    هي    سڀئي   ٻڌو۔

باغي    آهي     پر     گهرن    ۾    ٿو    رهي۔

شھر     آيون    جهنگلي     سڀ   وحشتون۔

امن    اڄ    ڪلھ    جهگلن    ۾    ٿو   رهي۔

مون  کان  وسري   پاڻ   ويو   ڪاٿي  الئي۔

هي   ٻيو   ڪو   منھنجي  من  ۾  ٿو  رهي۔

سڏ   ڪري   مون   کي   پتنگن   هي   چيو۔

عشق    هيڏي    ڏس   مچن   ۾   ٿو   رهي۔

ڪجهه  اکين  ۽  ڪجهه  چپن  ۾   هو  عيان۔

جام    هڪڙو    ٻن   حصن   ۾    ٿو   رهي۔

وقت   جا    سڀ    وار    آ   سھندو   رهيو۔

پوء    به    آصف    حوصلن   ۾   ٿو   رهي۔






سمجهبي   آهي   ڇو    جو   ناهي   نظر  جي  آرسي۔

گفتگو     انسان     جي    آهي    اندر    جي    آرسي۔

پئي  خبر هن جي ملڻ  سان  شھر  جو  ڇا  هي مزاج۔

ڇو  ته  هو  ئي  شخص   آ  ساري   شھر  جي  آرسي۔

پير  جو  هن  جا  ڏٺم    پئجي  سفر  جي  ڄاڻ  وئي۔

ڇو   ته   پيرن   جا   زخم   آهن   سفر   جي   آرسي۔

ها   مڃيم   بيشڪ   فرق   آ   پر   فرق   ٿورو   سفا۔

جي   حشر   ناهي   ته   دنيا   آ   حشر   جي   آرسي۔

رات  جا  پاڇا  ٿو  زلفن     منجھ   ويڙهي  هو  رکي۔

خوبصورت   رخ   سندس   آصف   سحر   جي  آرسي۔






مڃيم   آهي   ناز  و   ادا   جو  قبيلو۔

حسينن   جو   ناهي   وفا   جو  قبيلو۔

وڌي  وئي  آ  ڏيئي  جي گهر ۾ اداسي۔

وريو   آ   ستمگر     هوا    جو    قبيلو۔

ڪٺو   دين   خاطر   سدائين   بشر  آ۔

هيو ڪو نه  ڇو  جو  خدا  جو  قبيلو۔

اوهان  جي  دعا ڇو نه واعظ اگهامي؟

اسان  جو   ته   آهي  خطا  جو  قبيلو۔

انهي  درد  محبت اڳيان هي به بيوس۔

دعا   جو   گهراڻو  ،  دوا    جو   قبيلو۔

اسان  هن  جي ڏسيل ڇڏي واٽ ناهي۔

هليو   گڏ   نه   بس   رهنما  جو  قبيلو۔

رڪاوٽ  وڌڻ  کان  وڌي  هئي عقيدن۔

نه   آصف   رڪيو   ارتقا   جو   قبيلو۔






وقت    گذاريو    ڪيڏو    سوايو    ويراني۔

تو  کان  پوء  ھو مون  سان  نڀايو   ويراني۔

ماڻھن    جڏهين    زهر   ملايو    لھجن   ۾۔

مون   سان  ويھي    ٿي   ڳالهايو    ويراني۔

پاڻ پنهنجي کان جنهن پل ورچي ويٺس ٿي۔

مون   کي    ويھي    ٿي   وندرايو   ويراني۔

لوڏي  وجهي  ها  عرش  اگر نڪري ها هتان۔

آھ    جو    ڪيڏو     شور    دٻايو   ويراني۔

تنھنجو منھنجو  ڀرم رکيو هن دوست جيان۔

دل   جو    هر   هڪ   راز   لڪايو   ويراني۔

تو  هو  سدائين  دوست  روئاڙيو   درد  ڏئي۔

روئندي     آصف     کي    ريجهايو    ويراني۔






عشق  ۾   جو  جان  پياري  ٿو  رکي۔

پنهنجي  دل ۾ سو مڪاري  ٿو  رکي۔

سو  اچي  بيھي  گڏ  مون سان رهي۔

جو   وطن   لئه   جانثاري   ٿو   رکي۔

غور سان جي ٽھڪ منهنجا ڪو ٻڌي۔

ٽھڪ  هر   هڪ   آھ  زاري  ٿو  رکي۔

سمنڊ جيڪا ٿو سھي سج جي تپش۔

جهڙ  به  ان  تي   اشڪباري  ٿو رکي۔

هيسيل   دل   جو   پکي  آهي   گهڻو۔

ڇو  ته  ڪو  اکيون شڪاري ٿو رکي۔

عشق  جي  درياھ   ۾   سوئي   گهڙي۔

جو   ترڻ    جي   بردباري   ٿو   رکي۔

ڪلھ  پگهر  ۽  اڄ   لھو   آصف  ڏئي۔

قول  ڪنھن   جي   آبياري  ٿو  رکي۔






اڻپورو   هڪ   افسانو  آ   منھنجو  جيون۔

سو به  ته تو بن بي معنو آ منھنجو جيون۔

ڪير  نه  ايندو  آهي  هاڻي هن  صحرا ڏي۔

ويرانو    ئي    ويرانو   آ    منھنجو  جيون۔

تو   پڻ  درد  سھيڙي  سڀئي  مون  ۾  رکيا۔

الماريء  جو  ڄڻ   خانو  آ  منھنجو  جيون۔

آزادي  ۽  عشق  ڪڍي جي ڇڏجي هن مان۔

سمجهان ٿو پوء ڄڻ طعنو آ منھنجو جيون۔

موت  به آصف وٽ   پھچي  آ  موٽي پوندو۔

ڪنھن  ته  دعا  جو نظرانو آ منھنجو جيون۔






جي   کڻي  آيو    آهين  ٻڌا  ڪٿي  رکجي؟

زخمي  من  آهي   مرهم  ڀلا  ڪٿي رکجي؟

گُهٽَ  به  آهي  ته   اونداھ  ڀي  گهڻي آهي۔

هيڏي  ڏيئا  ٻرن   پيا    هوا  ڪٿي  رکجي؟

هن  ملاقات  ۾  مان   هجان  فقط   توسان۔

ترس ڪجهه هي حجاب و حيا ڪٿي رکجي۔

بندگيء  جو   هُتي  عشق  جو   هِتي  رکيم۔

وقت  باقي   ٿيو   جو  قضا  ڪٿي  رکجي؟

حرف خود دار دل تي  اچي  نه  ڪو  آصف۔

ڪين ٿي  وصل جي  ڪا صدا ڪٿي رکجي۔






قبر    هوءَ    ڪتابي    صدين   جو    شعور۔

پڙهو      انقلابي      صدين      جو    شعور۔

هَو درياه ڪنڌيءَ تي ويھي جهوني جوڳيءَ۔

پکيڙيو      تُرابي     صدين      جو     شعور۔

ڇنڊِي   ڪاري    دز    هُن  جو   تاريخ   تان۔

چٽو     ٿيو    گلابي     صدين   جو   شعور۔

علم   ،  فھم  ،  ادراڪ   جي   کاڻ   هَو  هُو۔

سندس   هر    صحابي   صدين   جو  شعور۔

شعوري  ڪچھريون  جنم  ڏينھن  هُن  جي۔

۽     ميلو     ڪتابي     صدين   جو   شعور۔

هي  سوچڻ ، هي   لوچڻ ، جدوجھد  آصف۔

سبب     اضطرابي     صدين     جو    شعور۔

رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي آخري آرامگاھ تي لکيل





ڪو    وڃايل    جھان    ڳولي  ٿو۔

مون   ۾   پنھنجو  نشان  ڳولي  ٿو۔

هڪ   ستارو    زمين    تي    کڙيو۔

۽     هِتي      آسمان      ڳولي   ٿو۔

ماٺ  ،  ويرانين   جي   ويڙھي   ۾۔

روح    دار   ال _ امان    ڳولي   ٿو۔

هي  مسافر  اکين  جو  هڪ ڳوڙھو۔

ڪو     پَلَوُ      ميزبان    ڳولي    ٿو۔

خواب   ڳوٺاڻو    شھر   ۾   ڀٽڪي۔

تعبيرن    جو    دڪان    ڳولي    ٿو۔

هاري ان جي ڪڻن  جي لئه  ڊوڙي۔

رازو  گهر    لئه   مڪان   ڳولي   ٿو۔

دل لڳي   ٿو   ڪرڻ   گهري    آصف۔

وقت    جو    ڄڻ    زيان  ڳولي  ٿو۔






هو   ملڻ    لئه    اچي   ٿو    جدائي   کڻي۔

هجر    ويندو    منھنجي   آ   خدائي  کڻي۔

خواب !  پورو  ڏسڻ  ڏي  تون  اڄ  پاڻ کي۔

روز   جيئن   ننڊ   اچي    ٿئي  ڦٽائي  کڻي۔

پاڻ    کي    پاڻ    ئي    ياد    ڪرڻو    اٿم۔

وقت     ٿوري    ته    آ    واندڪائي   کڻي۔

هن  پڇيو مون کان پوء ڪير گڏ ٿو رهئي؟

مون   رکي   هن    اڳيان   هيکلائي   کڻي۔

گڏ   اٿئي   جو  انهيء   کي   ٻڌائين  ته ها۔

خوش  ٿئي  پيو  خوشي  هو   پرائي  کڻي۔

مون  چيو  زخم   دل  جو   ويو  ناسور  ٿي۔

هن  چيو  ڀوڳ  مان  مون  هئي گهائي کڻي۔

ڪي وفائون  سچايون  ته  مون ۾  به هون۔

بيوفائي    هئي     تو    وٽ   سوائي   کڻي۔

هوء  آصف   ٽڪي  هئي  فقط   رات  هڪ۔

عمر     ڀر      جي     وئي    پارسائي   کڻي۔






هِتان  جو  شامل  هُنن  صفن  ۾۔

وطن  کان  غافل  هُنن  صفن  ۾۔

هي   وقت   پيرو   کڻي   ٻڌايو۔

اوهان  جو  قاتل  هُنن  صفن  ۾۔

نياپو  ڪنهن   ڏي  اٿس  اماڻيو۔

اچي مون سان مل هُنن صفن ۾۔

جي راند مقتل ۾ ڪن  اچي ڪن۔

ضمير    کاتل     هُنن    صفن   ۾۔

جگر  رکن  جي   اچن  اسان  ڏي۔

۽  ڊپ  ۾   ورتل  هُنن   صفن   ۾۔

اجاڙ   بستين    چيو   ڪري   رڙ۔

ته  وحشي   پاڳل  هُنن  صفن  ۾۔

وري  به   آصف   هِتي ئي ملندي۔

ڪٿي  آ   ھلچل   هُنن  صفن  ۾ ؟






ساڀيان  لئه   بيتاب  پيا  ٿئي  ميڙي  اچ  تون۔

ڪمري ۾ ڪجهه خواب  پيا ٿئي ميڙي اچ تون۔

اونداهين  جهڳين   کي   روشن   ڪرڻو  آهي۔

اڀ  ۾  ڪئي  ماهتاب  پيا  ٿئي ميڙي اچ تون۔

مان به ڪھاڻي جيون جي ٿو سھيڙڻ چاهيان۔

تو  وٽ پڻ  ڪجهه  باب پيا ٿئي ميڙي اچ تون۔

جنّت خاطر  جنّت  دخلي  ڏئي  هي  چيو ويو۔

دنيا   منجھ   ثواب  پيا  ٿئي  ميڙي  اچ  تون۔

ديس  جا  مون  منصور  ڪيا  گڏ  آهن سڀئي۔

ڏيھ  تنهنجي  ۾  قصاب پيا ٿئي ميڙي اچ تون۔

ڌار  ٿيڻ    جو  آصف   هڪڙو  سبب  پڇيو  آ۔

ذھن  ۾  کوڙ  جواب  پيا  ٿئي  ميڙي  اچ  تون۔






غزل جو ڪافيو وصالُ جانان وڇوڙي جو غم رديف سائين۔

هجر هو هرڻيءَ جو ڇالُ جانان وڇوڙي جو غم رديف سائين۔

بحر  اکيون  هون  سمونڊ وانگر وزن هو دل تي پھاڙ غم جو۔

رڳو  هو  رنج  و  ملالُ  جانان  وڇوڙي جو غم رديف سائين۔

غزل  جو  مطلع  وچن  وفا  جو مگر وڇوڙي تي پھتو مقطع۔

ڏٺو  هو  تعلقَ  زوالُ  جانان  وڇوڙي  جو  غم  رديف سائين۔

سخن  اسان  جو بنيو  تماشو ، تماشائي  ها اهلِ سخن  سڀ۔

رنو  غزل  جو  عيالُ  جانان  وڇوڙي  جو  غم  رديف سائين۔

اوجاڳا بيتن کي ٿا گهرائن اکين جي لڙڪن سان جي لکان ٿو۔

هي ڏس هجر جو ڪمال جانان وڇوڙي جو غم رديف سائين۔

اوهان  سان  پڻ  هو  نڀايو آصف ۽ ڏات سان پڻ نڀائي ويٺو۔

جهڙو به  هن  جو آ حال جانان وڇوڙي جو غم رديف سائين۔






غم   کي    گذارِ    مون   مان   تنھائي  مات کائي۔

هيء   ماٺ   هارِ   مون   مان   تنھائي  مات کائي۔

بيزار   ٿي    پيو    هان   مان   پاڻ   سان  گذاري۔

مون   کي   ئي  مارِ  مون  مان  تنھائي مات کائي۔

مون  منجھ   ماٺ   جا  هي جيڪي  رهن پکي ٿا۔

سي   سڀ   اڏارِ   مون  مان    تنھائي  مات  کائي۔

اي بت شڪن مان پنهنجي آهيان خدا خوديء جو۔

اچ !  بت  هي  ڏارِ   مون  مان  تنھائي  مات  کائي۔

مون   ۾   اونداهين   جو   سالن   کان   آ    بسيرو۔

ڪو    سج    اڀارِ    مون   مان   تنھائي  مات کائي۔

مون   کي   اچي    پڙهائي   حافظ    بناءِ   پنهنجو۔

آصفُ    وسارِ     مون    مان   تنھائي   مات   کائي۔






زندگيءَ  کي  ڪا  ته  معني  ڏي  کڻي۔

گهاوَ    ڪي   گھرا    زمانا   ڏي  کڻي۔

ڏاهپون   ڳولين    ٿيون     راهِ     فرار۔

مقتلن   کي    ڪي   ديوانا   ڏي  کڻي۔

ڏانءُ جيڪو تو کي سو ٻئي کي ڪٿي؟

درد  ڪي  تون  ئي  اي جانان ڏي  کڻي۔

دل ، جگر  يا  هي اکيون  حاضر  ميان۔

نگھ   پنهنجيء   کي   نشانا  ڏي  کڻي۔

گڏ  رهڻ   جا  سؤ   بھانا  ٿي   ڏسيئي۔

ڌار     جا     ڳولي     بھانا    ڏي  کڻي۔

هر  غزل  کي  هڪ   زخم  آهي  ڄڻيو۔

مون  کي  زخمن  جا  خزانا   ڏي  کڻي۔

راڻو    ۽   ميھار    ٿيا    آصف    قديم۔

هاڻي  ڪي    تازا    فسانا     ڏي  کڻي۔






مڌ  اکين  مان، چپن  مان  ڪوثر ڏي۔

هن  دفعي  هر  دفعي  کان  بھتر  ڏي۔

برف  جي ڏيھ  جو  مان  ماڻهو  هان۔

باھ   جھڙو    گرم    ڪو   ڀاڪر  ڏي۔

لذّتن   جي   افق   ڏي    اڏري   جيئن۔

شوق    شھباز    کي    نوان   پر   ڏي

حفظ  توکي  ڪيان   صحيفي  جيئن۔

باقي  هر   خيال   گذري    ويسر   ڏي۔

واعظ ڪن تنهنجون اکيون محبت تي۔

کين   منهنجي     اکين   جو منبر   ڏي۔

ڄاڻ     مدهوشي    هوش    ۾     آئي۔

عشق  جي  جام  کي  نه  ايئن  ڍر  ڏي۔

طاق  دل  جا  اي  جانان !  ڇڏ   کولي۔

هيڏي اچ ! هيڏي  ڪمري  جو  در  ڏي۔

هر   چمي   تو   کي  موٽائي   ڏيندس۔

چميون  آصف  کي  اڄ  ڪي  اوڌر ڏي۔






روح   نڪري   ويو    نيٺ   اڄ   سور   جو۔

ڪيئن   گذارو    ٿئي   عشق    مزدور    جو۔

ڪا  نه  گونجي  انا  الحق  سندي  ڪا سدا۔

لاش   لڙڪيو   نه  آ   اڄ  جي  منصور  جو۔

هر   زخم   مان   ڦٽي   آهي   نڪتو    نظم۔

هر   غزل   دان   آ    دل   جي    ناسور   جو۔

مون کي مون مان ڪڍي ڪو کڻي من وڃي۔

پاند    آجو    ڪرائي    ڪو    محصور   جو۔

جي  نه  موسيٰ  ڪا  تجلي  ڏسڻ  ها  گهري۔

ڇا  ذڪر  ڪو  ڪري  ها  ڪڏهن  طور جو ؟

مون  اکين  جي  صحيفي   تي   آندو  ايمان۔

مان  نه   قائل   ٻئي  ڪنهن  به  دستور  جو۔

آهي    آصف     پڙهيو    حسن   مغرور   کي۔

آئون   شاگرد     هان    عشق    مشھور   جو۔






چُمِي  سانوڻِي  وئي  ڀِٽُنِ  جي  چپن کي۔

ڍڪيو   سائي   چادر   اگهاڙن   پَٽنِ  کي۔

ڇڻيا   زندگيءَ   جو   ثمر   بنجي   قطرا۔

هوائن  هو  ڌوڻيو  جُهڙنِ  جي  وَڻنِ  کي۔

فضائن   ۾    انڊلٺ    نمودار    ٿي   پئي۔

پيو  کيڏي  هولي  ڪو  ٽيڙي  رنگن  کي۔

پِپون   ،  ماما  موري   ،   لُلُر   ۽    مرِيڙو۔

کُنڀي ، ڏؤنرا ، پُسِيون ۽ کائون پَڪنِ کي۔

چُريو   چنگ   آهي ،  وڄِي   بانسري  ڪا۔

ڌنارن   ڪڍي   ڌڻ  آ   ڇيڙيو   سُرنِ  کي۔

وطن بهشت مون لئه ، وطن  منهنجو داتا۔

پري   ڪر   خيالي   تون   باغِ  عدن  کي۔

پڳيون آسون آصف ٻڌيون موڙون گهوٽن۔

هنئي  ماءُ   ميندي  ٻچن  جي  هٿن  کي۔

پپون،ماما موري =ٿر جي مشهور ۽ لذيذ ڀاڄين جا قسم آهن۔





منهنجي اندر ۾ ڪير  سڏي ٿو عشق ستل جي ننڊ  ڦٽائي۔

ڪو  ته  ٿو  دل جو در  کڙڪائي من  پاڳل جي ننڊ  ڦٽائي۔

سڏڪن جي هي لولي  ٻڌندي مس مس  ننڊ  ستو  آ هاڻي۔

ڪير  پٿر  ٿو  سار  جا  اڇلي  اکين  جل  جي ننڊ   ڦٽائي۔

سڪ ۾ سڪندي جاڳي جاڳي راھ تڪيندي راڻي  جي ئي۔

مومل  ننڊ  سان  ڀاڪر  پاتو  ڪاڪ محل جي ننڊ  ڦٽائي۔

هو  ئي  فنا  کان  عاري  آهي  باقي  ڪنهن کي ڪين بقا آ۔

هو  ئي  بقا  کي  ڪرڻ  فنا  لئه  هاء  اجل  جي ننڊ ڦٽائي۔

ڪنهن  ۾  همت  ڪين  رهي جو  نعرو لڳائي انًا الحق جو۔

ڪو  ته  درازا  کي جاڳائي ، ڪو  ته سچل  جي ننڊ ڦٽائي۔

سُولِي گهرندي يار ڳچي ڪا، ڪنڌُ  اڏِي  ڪو گهرندِي ٻيهر۔

جو  هي  شرط  نڀائي  آصف   سو   مقتل  جي  ننڊ ڦٽائي۔






نئون هي جو دستور  لکجي  پيو ٿو۔

اسان لئه  نئون سور  لکجي  پيو ٿو۔

قلم آ جلادن  جي هٿ ۾   اچي ويو۔

غلامي  جو  منشور  لکجي  پيو  ٿو۔

ڇو شاطر کي چالاڪ لکجي پيو ٿو؟

ڇو   بدنام  مشھور  لکجي  پيو  ٿو؟

وري  تاڻي  بندوق  بيعت   گهرن  پيا۔

نئون  ڪو  ته  عاشور لکجي  پيو ٿو۔

وري  دار  رونق  گهري  وحشتن کان۔

لڳي  ٿو  ڪو  منصور  لکجي پيو ٿو۔

پراڻو    اڃا  گهاء    ڀريو   نه   آصف۔

وري  هيء  ناسور    لکجي   پيو  ٿو۔






گلن جي بدن کي  خزائن    آ    گهايو۔

پکين   آکيرن    ۾    تڏو    آ   وڇايو۔

نه ڪو  رنگ رهيو ، نه  سرهاڻ باقي۔

پئي    پوپٽن    کي     هجر    آزمايو۔

هوائن جي سازش ۾  شامل  رهيا  ها۔

غدارن پنهنجي گهر جو  ڏيئو  اجهايو۔

وِڄُنِ  ساز   ڇيڙڻ   وساري  ڇڏيو  آ۔

نه ڪڪرن ئي ٿر  جي مٿان  گنگنايو۔

اڃا   خوابِ   غفلت   ۾  اهلِ  چمن  آ۔

اسان جو وهيو ڄڻ  لھُو    هو  اجايو۔

ٿا  قاتل جي  تحرير  سمجهن صحيفو۔

نئون  جيئن   قاتل  هو   خنجر  ٺپايو۔

وڍيو وڻ نه آصف  ڪليجو ٿو وڍجي۔

اسان    وڻ   آ    اولاد    وانگر   نپايو۔






لِڪي    ٿِي   نھاري   نظر  سان  ڪَکي  ٿِي۔

چريءَ دل جي خواهش اکين سان ڏَسي ٿِي۔

نه سوچن جي سورش،نه ڪو شوقِ سازش۔

هتي  دل  کي چقمق  جيان دل  ڇِڪي ٿِي۔

اکين ڏي اکين جون هي جهاتيون نه ڪافي۔

اها   عشقِ   آتش   ته    خلوت   گُهري   ٿِي۔

لکيائين   جو    نالو    محظ     نالو    ناهي۔

پني    تي    نيون    ڪائناتون    اڏي    ٿِي۔

تڏهن   شوق   ڇڙواڳ  ٿي  ڇو  نه  نچندا۔

جڏهن  سونهن  جوڀن   هندوري  لُڏَي  ٿِي۔

ڇڄون  ٿا  ته  خواهش  ملڻ جي اُٿَي ٿِي۔

ملون  ٿا  ته  محبت  مچي  ٿِي  مچَي ٿِي۔

ڦُٽن  پن   پيا  هي   نوان   پيرسنيء   جا۔

حياتيء  جي  وڻ  مان  جواني  ڇڻَي ٿِي۔

ملي  ٿِي جواني  جوانيءَ  سان جنهن پل۔

تڏهن   ڏات   آصف  غزل   کي  ٻکي  ٿِي۔






جيون   بن    ۾   روح  مسافر جوڳيئڙو  ٿي جهاڳي  ويٺو۔

ڪھڙي ڪارڻ ، ڇا  جي خاطر  جوڳيئڙو ٿي جهاڳي  ويٺو؟

هر وک تي هڪ ستم نئون ٿو  گڏجي هن سان جيون ۾ئي

وک وک تي ڄڻ ڪو هڪ محشر جوڳيئڙو ٿي جهاڳي ويٺو۔

منهنجي  من  ۾  جهونگاريندو  گيت  وتي ٿو شعر چوي ٿو۔

مون  ۾  مونکي  هڪڙو   شاعر جوڳيئڙو ٿي جهاڳي  ويٺو۔

مورت  مورت  ۾  ٿو  ويٺو  تو   کي   ڳولي ڪافر سڏجي۔

گرجا    گرجا      مندر     مندر جوڳيئڙو ٿي جهاڳي   ويٺو۔

ميري  مھاڻيء  ۾   هئي  نوري  طور  تجلي  ڪا  پوشيده۔

موسي من ڪو تماچي ڪينجهر جوڳيئڙو ٿي جهاڳي  ويٺو۔

سونھن نگر۾ ڦرجي دل جو سودو سستو ڪري ويو آصف۔

نينهن  نگر  جو  هي  سوداگر  جوڳيئڙو  ٿي  جهاڳي  ويٺو۔






اڄ سڄڻ دل جي جهڳي ڊاهي ويو۔

ملڪيت منهنجي سڄي  ڊاهي ويو۔

يادگيريون  ئي  ويون مٽجي سڀئي۔

ليڪا   پائي    ڊائري    ڊاهي    ويو۔

جهونڙي   پل  پل ڪري  ميڙي  عمر۔

موت  هڪ  پل  ۾  صدي ڊاهي ويو۔

ڪا  ته  لھجي ۾ لڪل تخريب هئي۔

جو   اچي   شائستگي   ڊاهي   ويو۔

آ   سڄو   اهل  چمن   آصف  اداس۔

آکيرو   وڻ   تان   پکي  ڊاهي  ويو۔






هوائن  مان  به  ڳولي  ٿو وٺي ڪئين گام  پنڇي ڪو۔

اڏامي  ماڳ  پنهنجي  ڏي  وڃي  پيو شام  پنڇي ڪو۔

ڪنول ڪوئي غزل ٽڙندو يا ڪوئي گيٿ موتئي جيئن۔

اجهو  هي  ڏات  جي  وڻ  تي  لٿو  الھام   پنڇي  ڪو۔

هوائون  مھڪيون  آهن  جهڪيو  آ  چند   رستي   ڏي۔

اچي  محبوب  پيو  شايد   لنوي  پيو  لام   پنڇي  ڪو۔

هي  ڪعبو  حسن جو جنهن ٿي تقدس ديد  جو چاهيو۔

طواف    يار   خاطر   پيو   ٻڌي   احرام    پنڇي   ڪو۔

نچن پيون رهزنيون وک  وک حوس جا شوق پلجن پيا۔

حوس جي وحشتن جي ور چڙهي ويو سام پنڇي ڪو۔

رويا     باز      ٿيا     آهن  ؟    زهر    آواز     ٿيا    آهن۔

ڦٽي   دل    جو  ٿيو  آصف  وري  گگدام   پنڇي   ڪو۔






سڳيء  ۾  رات  کي   ويڙهي  پئي جانان۔

نھاري    نور    کي     ٽيڙي   پئي   جانان۔

کلي   پئي  ننڊ   گھريء   ۾  مٺي  هر  هر۔

لڳي  ٿو  خواب  ڪي  کيڙي  پئي  جانان۔

ڀڃي   بيتاب   آرس   هوء   نھاري   پئي۔

ڏسو   ايمان   کي    ٿيڙي    پئي   جانان۔

ڀڳل  چوڙي  جا ٽڪرا  ميڙيندي  ٿي  گم۔

ٽڙيل ڪنهن عڪس کي ميڙي پئي جانان۔

لڳي  ٿو  ڄاڻ  ڪو  الھام  ٿيو  مون  تي۔

ستل  اڄ   ڏات   کي  ڇيڙي  پئي  جانان۔

پٽر  پاڻيء   ۾    اڇلي   ايئن پئي  آصف۔

لڳي  ٿو  پاڻ  سان   جهيڙي  پئي  جانان۔






وطن تان وارِجِي  پيا   ٿا  چڙھن  سِرَ  يار  نيزن تي۔

پچارون  انقلابن  جون  ٿا  ڪن  سِرَ  يار  نيزن  تي۔

لطف ايڏو  هندورن  جي  ڀلا   لوڏن  ۾  هوندو  ڇا؟

نچِي جُهومِي  پيا  لوڏون  لُڏن   سِرَ   يار  نيزن  تي۔

هڻي تعذير  ڪا  بيشڪ  ڪڍو  فتويٰ   ديوانن  تي۔

نمازون عشق   واريون  پيا  پڙھن  سِرَ  يار نيزن تي۔

اڳي  زلفن  سان  جن  کيڏي  پئي  ٿي پاڻ   وندرايو۔

اهي  پيا عشق  سان رانديون  رَهن سِرَ  يار نيزن تي۔

پسي شمشير جون ضربون  اڃان  جولان ڀڙڪي پيا۔

ڌڙن  کان  ڌار  ٿي  ڪيئن  پيا  وَرن سِرَ يار نيزن تي۔

ڏسو گهوٽن جو هي سرگس آ قومي ڪاڄ بنجي پيو۔

ٻُرَنِ پيا  گيت  آصف  جا  ،  نچن   سِرَ  يار  نيزن  تي۔






ڇڻيو جو  زرد  پن  آهي  نه  ان  جو   ڪو  وطن آهي۔

نه  ان  کي رت جياريندي  ،  نه ان جو  ڪو چمن آهي۔

اڏارون  پيو  ڀري  ڪيڏو   مگر  کيس   موٽڻو  پوندو۔

ٻڌايو  ڪهڙي  پنڇيء   جو  آکيرو   منجھ  گگن  آهي۔

صدائون عرش سان ٽڪرائي  واپس   موٽيون   خالي۔

چيائون :  خود   خدا   پنهنجي  عبادت   ۾   مگن آهي۔

ڀلي  ڪڪرن  جي  رنجش آ  ،  ڀلي  پياسو  آ هر  ذرو۔

اڃارو   ٿر   اسان    جي  لئه    مگر   باغ   عدن   آهي۔

ازل کان ڀٽڪندي گذري  ڪو  ڄڻ بنواس پيا ڪاٽيون۔

حياتي   ڪنهن  مسافر  جيئن  ۽ دنيا ڄڻ ڪو بن آهي۔

نه سنگهرون پير جون ٽوڙين،نه سوچين ٿو غلامي تي۔

مري   ويو   روح   تنهنجو  آ  قبر  ان  جي   بدن   آهي۔

هلو  مقتل  مجهان  گذري  ،  صليبن  تان  به  لنگهڻو  آ۔

وڌو   منزل   طرف   آصف   سفر   توڙي   ڪٺن   آهي۔






اڀ   ۾   ڏيئا   ٻرن  ٿا  مندر  لڳي  ٿي  اڀ  ڄڻ۔

هر  رات  هڪ  ڏياريء  منظر  لڳي  ٿي اڀ ڄڻ۔

مھتاب ڏي جهڪي ٿا  ڄڻ تارا ڪن  پيا سجدا۔

هيء سونھن جي عبادت ڪافر لڳي ٿي اڀ ڄڻ۔

موتي  ٿي  روز  ميڙي  منهنجي  نگاھ  هن مان۔

بيحد   وشال   اونھو   ساگر  لڳي  ٿي  اڀ  ڄڻ۔

هي   چنڊ  ڄڻ   ته  بنديا  ،  تارا   لڳن  موهيڙا۔

ڄڻ  ڦوھ  جواني  پھتل  دلبر  لڳي  ٿي اڀ ڄڻ۔

اسرار  ڪي   ڪروڙين   هن   پيٽ    ۾   لڪايا۔

مانگر  لڳي  ٿي اڀ ڄڻ ،اجگر  لڳي ٿي اڀ ڄڻ۔

ڌرتيء  کي  سڀ  خزانا  هن  کان  ئي  دان مليا۔

بيشڪ  سخي  ۽  آصف  تونگر لڳي ٿي اڀ ڄڻ۔






زندگيء   ڪي    نيون    آنديون  تلخيون۔

ڪي  ٻه  ٽي  ڪين  هيڪانديون تلخيون۔

منهنجي   پيراندين   کان   ڪنڊا   ها رڳو۔

۽    هيون     يار     سيرانديون    تلخيون۔

ڪسرتون  ٻيون  اڃا ڪهڙيون مان ڪيان۔

مون سان رهنديون اچن رانديون تلخيون۔

هڪ اڃان  پيو سھان ٻي ٿي پھچي وڃي۔

ڄڻ ته مون  لئه  هجن   مانديون  تلخيون۔

ڪنهن  ٻئي  ڏي   وڃن  ڪئين  آصف ڀلا؟

مون  وٽان  ڪين ٿيون  وانديون تلخيون۔






هن  تنهنجي  ڪهاڻيء  ۾  مان  پاڻ  پيو ڳوليان۔

ٿي  پاڻ  پنهنجي  کان ئي  اڻ  ڄاڻ  پيو ڳوليان۔

ماضيء  جي  جهروڪن  ۾  مون پاڻ وڃايو هو۔

ماضيء  ۾  وڃي  خود کي ان ڪاڻ پيو ڳوليان۔

هر  رات  اماوس  جيئن  آ منهنجي حياتيء جي۔

ڪو   چنڊ   پيو   ڳوليان ، چانڊاڻ  پيو  ڳوليان۔

جز جز سان ملائي ڪو تشڪيل ڏجي ڪل کي۔

جولان  سھيڙيان  پيو  ، ڇڪتاڻ   پيو  ڳوليان۔

ڳوليان  پيو  سمبارائون  ۽   ڪنگ  پريسٽ کي۔

موهن  جي  دڙي   واري  مھراڻ   پيو   ڳوليان۔

هيء   سنڌ   ٻيھر   آصف   آزاد    ڪرائڻ     لئه۔

سرويچ   پيو   ڳوليان  ،  سرواڻ    پيو   ڳوليان۔






هيل  پڻ  دل کي  جهير پھتا۔

هن دفعي ڪجهه  ڪثير پهتا۔

آجيان      لاءِ     لڙڪ      آيا۔

درد     بنجي     سفير    پهتا۔

ٿي  گداگر  اوهان جي در تي۔

نيڻ    منهنجا    فقير    پھتا۔

ڳوٺ   تنهنجي    ٿيا    پڇاڻا۔

ڄڻ  ته  منڪر   نڪير  پھتا۔

لفظ    پھتا     سماعتن    تي۔

ڄڻ   ته  دل ۾  ها   تير  پھتا۔

هوڪو وڪجڻ جو جيئن آيو۔

سڀ   وڏيرا   ۽    پير    پھتا۔

تخت  تي   بي   ضمير   پهتا۔

دار    تي     با   ضمير   پھتا۔

ڳوٺ  ڊاهڻ  لئه دشمنن سان۔

ڀاڙيا     ڪي    وزير    پھتا۔

مقتلن ۾  جو سڏ ٿيو آصف!

سنڌ  دوست  سڀ وير پھتا۔






ڏينهن   ٿورا   رَهِي    وهِي   ويندي۔

ڏانهن  پِيريءَ  ڪَھِي   وهِي  ويندي۔

جا    به    اڀري     اها     لَٿِي   آهي۔

نيٺ   هيءَ   بي  لھي  وهِي  ويندي۔

شوق   جا    ڌڪ  وڏا  هي  ڪاپاري۔

ڪا نه   سهندي  ڊهِي  وهِي  ويندي۔

ڪو   اجل کان  ڪٿي بچي سگھيو؟

ڪين   ابدي    کَھِي ،   وهِي  ويندي۔

دل  آ  دردن   جي  گھر  جيان  آصف۔

درد   دل   جا   سهي    وهِي   ويندي۔






ٻه سارون به تو کان سنڀاريون نه  ٿيون۔

اڪيلايون   توکان   گذاريون   نه  ٿيون۔

اسان  جو  ته سچ  پڻ صليبن  تي  ٽنگيو۔

مگر  ڏوهي تنهنجون مڪاريون  نه ٿيون۔

اچو   سنڌ   اڏيون   سمبارا   جي   ساڳي۔

جتي ناچڻيون ڪڏهن  ڪاريون نه ٿيون۔

هيڏي  عشق  ۾  ڪي  صليبن  تي  ٽنگيا۔

۽   توکان  وفائون  به  واريون  نه  ٿيون۔

ڪيون    بيوفايون    اسان   درگذر    پر۔

اوهان  کان  انائون  به  ماريون نه ٿيون۔

قضا   ڪربلا   وئي  ڪري   سنڌ   آصف۔

هتي  هيل   عيدون ،  ڏياريون  نه ٿيون۔






عداوت    شوقيه    ناهي ،  عداوت   هيءَ    شعوري   آ۔

سفاڪي ، جبر   سان  پنهنجي  بغاوت  هيءَ   شعوري آ۔

ارادو  ڇا  آ  ٻيجل جو ، نه ڪَلَ هئي راءِ  نه سورٺ کي۔

اسان  جي  ارپيا  هي  سِرَ ،  سخاوت  هيءَ   شعوري آ۔

نه  جذبو  سمجِهجَو  وقتي ، نه  ڪو  جُولان  هي ٺرڻو۔

وڙھڻ  جو   ولولو  ابدي  ،  شجاعت   هيءََ   شعوري آ۔

صليب  ۽  دار  ، گهاڻي  تي  متان  پنهنجو  ميارون ڏئي۔

قتل  هي   حادثاتي   چئي  ،  شھادت  هيءَ  شعوري  آ۔

اسان  جو   موت  آزاديءَ   جو   آصف  سج   اڀاريندو۔

تڏهن  ٿا  سِرَ  ڏيون   پنهنجا  سعادت هيءَ   شعوري آ






لُڙڪَ  روڪِيم  شعر  پَر نروار ٿيا۔

هِجر  جا  سانڍيل  ثمر  نروار ٿيا۔

ڪو وري  تعلق ٽوڙي وڻ کان ويو۔

هاءِ،  پکيءَ جا جيئن پَرَ نروار ٿيا۔

ڇو ٿيا ها اڻ پڙهيل  قِصّا  دفن؟

ڌرتي مان پوريل  کنڊر نروار ٿيا۔

ٿيا   پراڻا   هنر  مند  بي  روزگار۔

جيئن  نوان جڳ ۾ هُنر نروار ٿيا۔

جو کنيو هو نانءُ آصف  سنڌ جو۔

ڪئي پڇاڻا ، ڪئي حشر نروار ٿيا۔






ڇا  هي  رازق  ايڏي  مفلسي  ٿو لکي؟

ٻار   بکيو   خدا   ڏي   چٺي   ٿو  لکي۔

صبح بک کان شروع،رات بک تي ختم۔

ڪير  تقدير  هيء   اڌرنگي  ٿو  لکي؟

ڪو  حرامي  چئي  ڍير تي ويو ڇڏي۔

ڪير آ ، گار  جيڪو  ڇَسِي  ٿو  لکي؟

هي  ڄڻي  پاڻ  ئي ، پاڻ ماريو ڇڏي۔

ڇا ڪنهن جي زندگي  آدمي ٿو لکي؟

رب  (  لَکُمۡ  دِیۡنُکُمۡ  وَلِیَ  دِیۡنِ)  لکيو۔

( ڪافرن سان وڙهو )  اُمَّتِي ٿو لکي۔

سوچ تو جي ڏني ، مون به پڇيو کڻي۔

پوء  ڇو فتويٰ ملو ڪفر جي ٿو لکي؟

تو  ته  آصف  کي  پيدا ڪيو پيار لئه۔

ڪير  ماڻهن ۾ هيء دشمني ٿو لکي؟






هوچي منه ، ٽيگور ، بِسملِ، سارِتر جي شاعري۔

انقلابي   ويڙھ   ۽   ان   جي  ثمر جي شاعري۔

شعر  جو  هر  لفظ  بنجي  روشنائي  راھ  جي۔

بينائي  بنجي  پوي  هر  هڪ نظر جي شاعري۔

جو پڙهي ان جي رڳن ۾ ڊوڙي رت سان انقلاب۔

جيئن هجڻ  گهرجي حقيقي راهبر جي شاعري۔

وقت  ۽  تاريخ جي  گهر  سِرجِجَي اهڙو  ادب۔

پوء  ڪجان  پيو  دلربا  ۽  ديدوَر جي شاعري۔

زلف،لب،رخسار تي  آصفَ  پڙِهي افسوس ٿيو۔

محترم  جي  شاعري  مون  معتبر جي شاعري۔

{نوٽ:هوچي منه ويٽنام جو شاعر به ۽ رهبر به هو۔ ٽيگور بنگال جو انقلابي شاعر ۽ عظيم ليکڪ هو۔ بسمل چندر شيکر آزاد ۽ ڀڳت سنگھ جو انقلابي ساٿي ۽ شاعر هو۔ سارتر فرانس جو عظيم شاعر هو۔جڏهن الجزائر تي فرانس جو قبضو هو تڏهن سارتر فرانس جو شهري هوندي به الجزائر جي آزاديء جو کلم کلا حمايت ڪندو هو جنهن ڪري فرانس جي فوجي اسٽيبلشمينٽ فرانس جي جنرل ڊيگال کان سارتر جي گرفتاريء جو مطالبو ڪيو پر جنرل ڊيگال اهو چئي سارتر کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته (سارتر فرانس آهي ۽ فرانس سارتر آهي۔)}





عاشقيء    جو     سفر   آ   اڃا   اڳڀرو۔

هل   ،  وفا    جو    ثمر   آ   اڃا  اڳڀرو۔

مقتلن   کان  پريان  پنڌ  پنهنجو  پرين۔

نينهن    وارو     نگر    آ    اڃا    اڳڀرو۔

جنهن جڳھ تي فرشتن جا ٿي پر سڙيا۔

پهتو   ان   کان   بشر   آ   اڃا    اڳڀرو۔

سنگ باري ،  ستم   هي  اڃا  راھ  جا۔

دل  ربا   جو    شھر   آ    اڃا    اڳڀرو۔

توڙي   تاريخ   آصف   ڦٽيل   آ  گھڻي۔

پنڌ    هن  جو    مگر    آ   اڃا   اڳڀرو۔






مڪلي مڪلي  من  ۾  دردن  جي  ڪا   کاڻ  رکي  ٿي۔

قاتل    ۽    مقتول  سندي   هر   ڄاڻ  رکي  ٿي۔

مئلن  جي  هيء  بستي مئل نه سمجهي ڪوئي۔

جڳت   جڳت   جا   تاريخي   اهڃاڻ   رکي  ٿي۔

ڪير   وفا   جو ، ڪير   جفا   جو   قصو   بڻيو۔

مدفن  وير   ۽  ڪانئر  جي  ڇنڊ  ڇاڻ رکي ٿي۔

ڪنھنجي  بدبو  دار  بدن   کي   سانڍيو   تڙپي۔

ڪنھنجي وهيل رت جي هيء سرهاڻ  رکي ٿي۔

عبرت  واري ، عظمت  واري  جيڏي   هئي ڪلھ۔

اوڏي   عبرت  ،  اوڏي   عظمت   هاڻ   رکي ٿي۔

ڪيڏا    لاها    چاڙها     هن    تي    آيا    آصف۔

پوء  به  وجود  سلامت  هيء  مھراڻ  رکي  ٿي۔






وقت  جي  اڄ  واڳ  موڙي  پوء  اٿون۔

ڪي  وفا  جا   علم   کوڙي  پوء  اٿون۔

ھا اڃان ڪجهه   شام    ڍلجي  رات   ۾۔

هوء   پنهنجا   وار   ڇوڙي    پوء  اٿون۔

سونهن  وٽ  آ  عشق  جي  اڄ  حاضري۔

سو  انا  جو  ڪنڌ  مروڙي   پوء   اٿون۔

ھا    اڃان   بي  چينيون   ڀڙڪن   ڀلي۔

۽  هجر  ڪجهه  ماس روڙي  پوء  اٿون۔

ھوء  اڃان  تائين   ڪري  ويٺي حجاب۔

ترس  دل سان  دل کي جوڙي پوء اٿون۔

ترس  ڪا   سھڻي   وري   لوڙھي  متان۔

سمنڊ      ۾     درياھ   ٻوڙي  پوء  اٿون۔

پير     جا    زنجير    آصف    ويا    ٽٽي۔

ذھن   جا   زنجير   ٽوڙي    پوء    اٿون۔






جيون  ساري  ۾   ھيء  ھڪڙو ڪم  ويٺي ٿي  ورجايو  مون.

عشق لکيو مون،عشق پڙھيو مون،عشق کي ھر ھر ھو ڳايو مون.

مون ھي سوچيو مون جھڙو ڪو مون کي مليو ان وٽ رھبو.

مون جھڙو بس مان ئي ھيس سو پاڻ ۾ پاڻ کي ترسايو مون.

پاڻ  کان  مان  ناراض  ٿيس جو سڀني کي ناراض ڪيو مون.

پرچائڻ  سان  ڪير  نه  پرچيو  پاڻ کي پاڻ پوء پرچايو مون.

جنھن جنھن پل ڪم ڪونه ھيو ڪو بس فرصت ئي فرصت سمجھيم.

ان   پل آصف  پاڻ کي  ويھي  الجھائي  ٿي  سلجھايو   مون.






نيزي  تي  سر  حسين  جو ،  عيسي  صليب  تي۔

پر  پوء  به  ڪلما  حق  جا  ها هوڪا صليب تي۔

مارڻ گهريو  ٿي جن کي تو سي ٿيا مري نه مات۔

قاتل   جي   چڙهي   دنيا   ۽   عقبي  صليب  تي۔

اي  ڪاش  خدا  مونکي  تون ڏاهو نه ڪرين ها۔

ڏاهپ     تي     آزمائشون     ڏاها    صليب   تي۔

خود  غرض  مفادن  جي  دنيا  جي  هي  رسم آ۔

هر   روز   چڙهن   ٿا   هتي   رشتا   صليب  تي۔

پر  پوء  به  ڏسڻ  ڪونه  ڇڏيون  روز ڏسون ٿا۔

حالانڪه   چڙهن   روز    ٿا   سپنا   صليب   تي۔

توکي  جو  ستم  ڪرڻو  آ  آصف  تي  ڪندو رھ۔

حق  سچ   جا  پيا   هڻنداسين  نعرا  صليب  تي۔






ٿجي  ڪيئن  درشن  کان  غافل  او جانان۔

نه  ئي  نيڻ  چئي  ۾ نه ڪي دل او جانان۔

سڄو  ڏوھ  منھنجي  به  دل  تي نه  ڌريو۔

اوهان جي به هئي ڪا ته کينچل او جانان۔

ايڏي   عشق   شھرت   نه  هرگز  ها  ماڻي۔

اگر  سونھن  ٿي  پئي  ها  عادل  او جانان۔

حسن   ئي   خدا   آ   ۽   هي  عشق  پوڄا۔

ٻيا   سڀ   عقيدا   هي   باطل   او  جانان۔

سڀن  چاهيو  منصب ، گهري  خادمي مون۔

زمانو    سياڻو    مان     پاڳل    او   جانان۔

نه ڪي جيت منهنجي نه ڪي هار تون مڃ۔

هلي  آ  ته  وچ  جو  ڪڍون  حل  او جانان۔

سندي  مرضي  آصف  کي   آندو  هو  مقتل۔

اوهان  کي  سڏيان  ڪيئن  قاتل  او  جانان۔






تڙپي اڃاري لھر سمنڊ جي راھ  تڪي ٿي سنڌوء جل جي

تڙپ هئي جيئن ڪاڪ محل ۾ راڻي خاطر ڪلھ مومل جي۔

دنگ  لتاڙي  ننگ  تڪي ٿو ، اڄ  به چنيسر  خوش  آمد ۾ ۔

ڪوئي   دودو   آهي   جيڪو  لڄ  بچائي  اڄ  ٻاگهل  جي۔

منصوري  ڪا  مام بچايون ، سرمد جي ڪا  سنت پاريون۔

عشق اجاريون ، سرڙو واريون ،وٺجي تياري هل مقتل جي۔

سو پڻ  ديش دروهي آهي،منھنجي  قتل جو  ڏوهي آهي۔

موت منھنجي تي جيڪو چپ آ سمجهو سو آ ڀر قاتل جي۔

مون ڌرتيء جي پٽڙن جي قربانيء جو جيئن قصو ڇيڙيو

منھنجي نياڻيء ڳالھ  ڪئي هئي حاڪمزاديء  ۽ زيبل جي۔

اڄ  ڀي سن ۾ ساز  ڇڙيو  آ ، راء  ڏياچن ٽوليون گڏ ٿيون۔

هلڙي آصف گڏجي انهن سان پوري سدا ڪر ڪا ٻيجل جي۔






هي  مذهب  ماٺ  ۾  سارا  اسان جي عشق ڳالهايو۔

عقيدا   ڪيڏا   ويچارا   اسان   جي  عشق  ڳالهايو۔

ڪري  طاغوت  جي  بيعت  رهيا  چپ صاحب منبر۔

انا  الحق  جا  هڻي  نعرا  اسان  جي  عشق ڻڳالهايو۔

ڀلا   هي  علم    درباري   سجاڳي   ڪھڙي  آڻي  ها؟

اسان  وٽ  ڏات  جي  ڌارا  اسان  جي عشق ڳالهايو۔

هتي  جا بحر  بر جهاڳي هون نڪتا ڪھڪشائن ڏي۔

ڇڏي  اوري  هي  چنڊ  تارا  اسان  جي عشق ڳالهايو۔

هنن  وٽ  ڏند  ڪٿائون  ۽  اسان  وٽ  تجربا  اڄ جا۔

هو بيوس مون لئه سؤ چارا  اسان جي عشق ڳالهايو۔

مصيبت،مرض سان وڙهندا  رهيا آهيون،وڙهون ويٺا۔

ٿڪا   ناهيون  اڃا  پيارا  اسان  جي  عشق   ڳالهايو۔

وڃي  ڏس   جهوڪ،ڀٽ شاه ۽ درازا،سن،چوٽياريون۔

اسان   هر   جاء   سوڀارا  اسان  جي  عشق   ڳالهايو۔

اسان کي موت جون ڌمڪيون ڏئي ڊيڄاري ٿو آصف۔

اسان  خود  موت  جا  مارا  اسان  جي  عشق  ڳالهايو۔






ڪاشي ، گرجا ، ڪعبو   مندر  بند  آ۔

هاء    مسلم     توڙي   ڪافر   بند  آ۔

جي اڃا ڪجهه سمجھ ۾ آيو نه ٿئي۔

سمجھ  تنھنجي  سمجھ جو در بند آ۔

ڇو  مصيبت  ۾   اڃا  ظاهر  نه  ٿيا؟  

ڇا    مسيحا    ۽     قلندر    بند  آ؟

ڏوھ  ڀي  گهٽجي  ويا ڏس ڏيھ مان۔

ڇا   چوان   ابليس   ڀي  گهر  بند  آ؟

ڪاڏي  وئي  مرشد  ڪرامت  ۽ شفا؟

ڇا  معجزن   جو   به   مظھر  بند  آ؟

عشق  کان  فلحال  آصف  ماٺ ڪئي۔

هي   هتي   ۽   هوڏي    دلبر    بند  آ۔

ڪرونا جي وبا جي وقت لکيل غزل





مُنھِنجِي  هُن  سان  ڪيل  وفا  پڙھجو.

ديد  هُن  جي  جا  سڀ  صحفا  پڙھجو.

جيسين  سارَي   حياتِي   ڄڻ   هوندس.

جي    وسارَي     ته    فاتحه     پڙھجو.

مان  به  ڪردار   هُن   جي  قصي  جو.

ڪين  هُن  کان  مون  کي جدا  پڙھجو.

منھنجي   آوارگيءَ   جا   شاهد    سڀ.

ڳوٺ   هُن   جي   جا    پيچرا   پڙھجو.

اي    سزا    عشق     جي    ڏيڻ    وارؤ.

جرمِ   محبت   جا   سڀ   دفعا  پڙھجو.

سونھن.   ۽    سنڌ    تي   لکيا    آصف.

دوست سامهون سي سڀ قِطِعا پڙھجو.






اسان   جا   گيت ڀي  باغي   اسان  جي   ڏات  ڀي   باغي۔

پنھنجي  جوهر  ۾ جي  ڏسندي  اسان  جي  ذات ڀي باغي۔

ڀٽائيء    جو    رسالو    موڪلي   مون   ڏي     ڏنو   دلبر۔

اماڻي    باغي    باغيء    کي    وري  سوغات    ڀي    باغي۔

اڻي    ٿي     ننڊ   جي سپنا     اهي    ڀي    انقلابن    جا۔

سڏي  ٿو تون  سگهين  بيشڪ  اسان  جي  رات ڀي  باغي۔

روڪي  پئي  راھ  دشمن  جي  ۽  منھنجا  پير پئي ڊاهي۔

پسي سوچي   پيو   ويري    ته   هيء   برسات   ڀي  باغي۔

اهي ڪنهن ٻئي نسل مان جن جي من ۾ ڪجهه زبان تي ڪجهه.

اسان  جو   هر  عمل    باغي   ته   آصف   بات   ڀي.  باغي۔






پٿون  ها  پير  پانڌين  جا  ويا  منزل  ڏي واڪيندا.

اندر  ۾   سنڌ   جا  الڪا  ويا   منزل  ڏي  واڪيندا.

ٿڪاوٽ  پنڌ  جي  ٿڏيو ، رڪاوٽ  راھ  جي ٽوڙي.

اکين   جا   ماري   اوجاڳا  ويا  منزل  ڏي  واڪيندا.

ٻڌايو  راهگيرن  پئي   ڪري   واڪا  هي  دنيا  کي.

هيون  ڪي  ٻاگهلون ، دودا  ويا منزل ڏي واڪيندا.

اکين  مان   عزم   هو   ظاهر ، ارادا  ها  اٽل  بيحد.

وطن سان  عشق  جا  جذبا ويا  منزل ڏي واڪيندا.

ڪڏهن  آزادي  جا  نغما ، ڪڏهن للڪار دشمن کي.

اسيرن  لئه   ڪڏهن   نعرا  ويا  منزل ڏي واڪيندا.

دنيا جو ڌيان ڇڪرائڻ هيا نڪتا هو ڀٽ شاھ کان.

ڪلاچيءَ  شھر  ڏي  پيارا  ويا  منزل ڏي واڪيندا.

هلو  آصف  هلي  شامل  ٿيون  ان  قافلي  ۾  سڀ.

محافظ  يار  مٽيءَ  جا   ويا   منزل  ڏي  واڪيندا.






پنھنجي  ڌرتيءَ  کان  پري  جي  درد  کان  تون بيخبر.

ڇا ته  ٿو  تڪليف  ،  پِيڙا  ،  غم   سھان   تون  بيخبر.

مارئي   ٿِي   جي  ڏِسين   ها  يا  هجين  ها  بي  وطن.

ڪيفيت   ان   کان   بچيل   آهين   اڃان   تون  بيخبر.

عيش   عشرت   جا   هنيا   بھتان   تو   مون  تي  مگر.

مان  ته   هر  پل   قوم   لئه   ويٺو   لڇان  تون  بيخبر.

ڪيئن   مون     ماضي    گذاري    دربدر    ڃاڻين   نٿو.

حال   ڪھڙي   ۾   پيو   اڄ   مان   جيئان   تون  بيخبر.

جنھن   تي   ٿو   آئون  هلان  سا  ڀي  پرائي.  آ.  زمين.

۽   پرائو     سِر     مٿان     آ     آسمان     تون     بيخبر.

منھنجي  زخمي   روح  جي  زخمن  کي   تو  ناهي  ڏٺو.

مان  ڪنڊن  جي  بستري  ڪيئن  ٿو سمھان تون بيخبر.

منھنجي ماضيءَ حال جي هلچل جو بس ڪارڻ هڪئي.

قومي     مستقبل     سنھرو    من    لڀان    تون   بيخبر.

هڪ   دفعو   انصاف   ڀريو    ويھي   وٺ   تون  جائزو.

ڪيئن   پرائي   ملڪ   ۾    مان   ٿو  رهان  تون  بيخبر.

جي  ڏِسِين  منھنجي  نظر  سان  تون  وطن  ۽ قوم کي.

تون  به  چئين  آئون  به  برفت  ٿي  پوان ، تون  بيخبر.

عشق   جي   هن   انتھا   کي  هاڻ  آصف  سمجھ  تون.

جيترو   سمجهين   سکيو    ٿو  ،  ناهيان ، تون   بيخبر.

سنڌ وطن جي قومي آزاديء جي لاء جدوجھد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ جبري طور جلا وطن بنايل جيئي سنڌ متحدا محاذ جي چيئرمين محترم شفيع محمد برفت ،محترم سجاد شر ، محترم شاھنواز ڀٽو سميت جلاوطن اڳواڻن جي جلا وطنيء واري اذيتناڪ زندگيء کي نظر ۾ رکندي لکيل غزل.





شڪست کائي  ٿيون لڄي ستمگريون ۽ وحشتون.

نه  زير  هو   ڪري   سگهيا  دليريون  ،  شجاعتون.

وري   زندان   واسي  ڪو   لھو   لھان   ٿي   وريو.

بچائي    وِير    موٽيو    ايمان. ،  عشق  ،  چاهتون.

گلاب   جي   قتل   ٿيا  ڪليون   وري  ڄمن  پيون.

نگر    نگر    ڦٽن    پيون    نيون    نيون   بغاوتون.

هوا    سنيھو   نئون   کڻي     نويد   آ    اچي   ڏني.

مبارڪون !  جو  مقتلن  ۾   ٿيون  نيون   شھادتون.

بخاري    کي    ٻڌائجو    پچون    پيا  ،  نچون   پيا.

۽ عشق سان نڀاءَ جون اسان جون  ساڳيون عادتون.

متان   چئو  وفا   وئي ،  ضمير    ويو  ،  خمير   ويو.

رکون   وطن   ۽   قوم   جي   ڪري   اڃا  عداوتون.

نصيحتون   اي    ناصحا    ٻيون  سنڀال   پاڻ   سان.

جدوجھد وطن  جي  لئه   اسان  جون  ٿئي عبادتون.

ڇو   جان   کي  مٺو  ڪيو   مقابلي  تو  سنڌ  جي !

گذاريندي  تون  زندگي  کڻي   هي  ڪيئن ندامتون؟

اماس   رات    هئي   ڊگهي   ضرور   پر   کٽي   پئي.

نئين   صبوح   جون    نظر   اچن   پيون   علامتون.

هلو   ته   آصفا    هلي   سلامي   سّن   جي   ڀريون.

جتي   شعور ،  علم   جون   ٿيون   هيون   عنايتون.






قدم  قدم  تي رڪاوٽون  پر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

ها گهات ۾ ڪئي کپر،ڪاريهر، وکون اسان جون وري به اڳتي.

ڳليءَ  ڳليءَ  ۾  مرون  گهمن پيا ، نڪڙ  نڪڙ  تي  بگهڙ بکايل.

۽  وردين ۾  انهن مان اڪثر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

هوائون  چغلي  هڻن   پيون  ۽  ستارا  جاسوسيون  پيا  ڪن.

لڪي لڪي ڪا ڪيون ٿا چرپر، وکون اسان جون وري به اڳتي.

.هي  بستيون  ڄڻ  شڪار  گاهون ۽  شهر مقتل بڻيا اسان لئه

زمين ٽانڊا ، تتل سڄو تر ، وکون  اسان  جون  وري  به اڳتي.

وطن جا وارث لڇون ڪڇون ٿا اگر پڇون ٿا ته سڏجون باغي.

۽ هاءِ،  پنھنجا  سڏين  لوفر ، وکون اسان جون  وري به اڳتي.

اسان  مان  ڪي  ئي اسير  اڄ ڀي  وجود  گهايل وڙهن پيا ٿا.

اسان لئه ڄڻ روز يومِ محشر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

جي راهِ  حق  ۾ شھيد  ٿيون  ٿا وري نئون ڪو جنم وٺون ٿا.

جيئون مرون ٿا اي سنڌ هرهر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

ڪلاچي ، هٽڙي ، باکوڙي ، وارهه ، بڊاڻي ،ميهڙ ۽ گهوٽڪي ۾.

نظر اچن ڪربلا جا منظر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

هلي هلي  ڪٿ ڪري  پئون ٿا، وري  اٿون ٿا ، اٿي ڊڪون ٿا. .

وڃون ٿا منزل طرف مسافر ، وکون اسان جون وري به اڳتي.

رڳو  نه  آصف   لکي   پيو   پر  عمل  جي  ميدان  ۾  به  آهي.

متان سڏي بي عمل ڪو شاعر،وکون اسان جون وري به اڳتي.






تنھنجي  جورو  جفا  سامهون وفا ماتم ڪري ويٺي.

منھنجي معصوم چاهت جي خطا ماتم ڪري ويٺي.

قويءَ جو دستِ بيعت ڪئي وڃي دربارِ حاڪم جي.

غزل جي  لاش جي سامهون ڪلا ماتم ڪري ويٺي.

ڪليون  چيڀاٽيون  ويون  ۽  لتاڙيو ويو گلابن کي.

چمن   ۾   سوڳواري   آ ، هوا   ماتم   ڪري   ويٺي.

کڻي ڪنھن  عشق زادي کي ويا گهلي هو مقتل ڏي.

لڏي  ويو  عرش  سارو  ۽  قضا  ماتم  ڪري  ويٺي.

وري  اڄ  راڄ  وحشت  جو  رڳو  بارود  جي بدبوءِ.

مٽي  ريٽي  ٿِي  روئِي  پئِي،فضا ماتم ڪري ويٺي.

سوين ڪي سال گذري ويا،رهيو قاتل نڪو مقتول.

اڃان  ان  ظلم  تي  پر  ڪربلا  ماتم  ڪري  ويٺي.

وڃائي  هوش آصف جا  هتي جنھن کيس پھچايو.

اهائي   بيوفا   تنھنجي   ادا   ماتم   ڪري   ويٺي.






ننڊن  جي  وادين  مان  چنڊ  اچي  مون  کي  اٿاريو آ.

ستارن    روشنيون    آڻي   اڱڻ.  منھنجو   سنواريو  آ.

گلن  کي  پئي  ٿِي  جهومائي  ۽  پوپٽ  پڻ  خمارن  ۾.

گھلِي پئِي مست ٿِي ڪيڏو ، هوا کي ڪنھن  پِياريو آ؟

ٻڌي    آ   ڇير    واچوڙن    ۽   بادل   افق   ۾   رقصان.

هوائون  گيت  پيون  ڳائين ، لِکي  مون   جو  اڏاريو  آ.

وکيري  رنگ   پئي  انڊلٺ ، ڪري  ڇڻڪار  پئي   شبنم.

نڇاور    چنڊ   چانڊوڪيون   ڪري   منظر    نکاريو   آ.

ٿيسِ   ساڻيھ   لھرون   ۽   ڪنن   آڻي   ڪنڌيءَ  لاتس.

معجزو   عشق   جو   هوندو   ٻڏيءَ   کي   تار   تاريو  آ.

رٺل   اڄ   لفظ   پرچي   پيا ، غزل   ۽   نظم  ويا  جڙندا.

ٻري   پيا   ڏات    جا    ڏيئا   لڳي   ٿو   عشق   ساريو  آ.

ڪيومون سونهن کي سجدو،پڙهيو مون عشق تي ڪلمو.

عقيدو   باقي   باطل   هو   سو   آصف   سڀ  وساريو  آ.






رازداري        رهي     ناهي.

ڳالھ    نيڻن    رکي   ناهي.

چاھ   ڪيڏو   لڪايون  پر.

يار    دنيا     چري     ناهي.

هاڻ    ڳالهاءِ ، پٽِ   ساهي.

هيءَ   چمي   آخري  ناهي.

خوف   ۾   زندگي   جيئڻ،

ڇا اهيا خود ڪشي ناهي؟

بند    ديدار     جا     رستا.

هوءَ  کڙڪي    کلي  ناهي.

نيٺ  آصف   هليو   ويندو.

پر   اڃا  سحر   ٿي  ناهي.






بيوفائي    ڇڏي     با   وفا   ٿي   پوي.

دلربا   دردِ   دل   جي   دوا   ٿي   پوي.

بهشت بيشڪ فرشتي کان وسري وڃي.

کانئس  آدم  جيان  جي  خطا  ٿي پوي.

سير   سائي   تري ، جهاڳي   ڏوگر   اها.

عشق  کان  جا  به   دل  آشنا  ٿي  پوي.

اچ   ته   انجام   جي  لذتن  ڏي  وڌون.

شوق   جي   اڄ  پرين  ابتدا  ٿي  پوي.

منهنجا احساس ڀٽڪڻ کان پوندا بچي.

تنھنجي   معصوميت   رهنما  ٿي  پوي.

ڏات آصف به چمڪي پوي چنڊ جيان.

عشق ۽ سونهن کان جي سخا ٿي پوي.






چريو  ويٺو  سوچي   چمتڪار  ٿيندو.

پنھنجو  پاڻ  تي  ڄڻ  وڃي بار ٿيندو.

تضادن  جو  ٽڪراءُ  ٿيندو نه جيسين.

نئون  ڪوئي  جوهر  نه   نروار  ٿيندو.

ڪڇان ٿو ته ڪافر ، رهان چپ منافق،

ٻنهي   پاسي    آهيان   گنھگار   ٿيندو.

نڪو  ڏات  پرچي ، نڪو گيت سرجن.

سڄڻ جيسين تنھنجو نه ديدار ٿيندو.

اگر ديش ڀڳتي جرم ٿو تون سمجهين.

جرم پوءِ  هي آصف کان صدبار ٿيندو.






سوچ    تي    پابنديون  ، اظھار    تي   پابنديون.

اڄ  لڳي  ويون  سنڌ  تنھنجي  پيار تي پابنديون.

ڪالهه سيد جي  ڪتابن تي لڳيون هون بندشون.

اڄ  ته   سيد   جي   ڏنگي  هر  ٻار  تي  پابنديون.

بي  ضميريءَ   جي  سلي  سڻڀي  وزارت  منتظر.

سنّ  جي سائينءَ  جھڙي   ڪردار   تي  پابنديون.

ڇوٽ   دهشتگرد   کي   حاصل   هميشه   آ  رهي.

پر   حفاظت   لئه    کنيل    هٿيار   تي   پابنديون.

گاهه  ،  واري ، ڀيل  تان  ماريو ، مرو  موڪل اٿو.

صرف   آهن   سنڌ   لئه    تڪرار   تي    پابنديون.

هي   دروهي  ديش  جو  قانون  جوڙي  ٿو  چوي.

هاڻي  پاڪستان    جي    انڪار    تي    پابنديون.

ڪنهنجي پابندي هڻڻ سان ڪين جسمم رڪجندي.

ٽوڙبيون  ،  توڙي    پڄائن     دار    تي   پابنديون.

اي مھذّب  ملڪ  نوٽيس  ڪو  وٺو  هن  ڏوھ تي.

۽   هڻو     پنجاب   جي   واپار     تي    پابنديون.

هيءَ شفيع  برفت  کي  آصف  جي  نماڻي  آ  اپيل.

تون  به  هڻ  ڪي  قوم  جي  غدّار  تي  پابنديون.






پرديسين  سان  اٽڪن  نيڻن  جو  دين ڪھڙو؟

جاڳيو  پون  اچانڪ  جذبن  جو  دين  ڪھڙو؟

ڏک ۾  وهي اچن ٿا  خوشِن  ۾  پڻ نه  رڪجن.

سوچي ٿڪي پيو هان  لڙڪن جو دين ڪھڙو؟

هر روز عيد جنھن وٽ  ان  ڏي نه ڀلجي ويندا.

غمگين ڏي ئي ڪاهون  سورن جو دين ڪھڙو؟

مسلم    پيا    سڏائن    پر   پيار   جا    مخالف.

مفتي  ٻڌايو   اهڙن   ماڻهن   جو  دين  ڪھڙو؟

سمنڊن  تي  خوب  برسن  ۽  ٿر رهي ٿو پياسو.

واريء ذرن پڇيو ٿي ڪڪرن  جو دين ڪھڙو؟

احساس    ٿا    جاڳائن  ،  ارمان   ٿا     جاڳائن.

ساڀيان  نه  پر  ٿين  ٿا  سپنن  جو دين ڪھڙو؟

دل   کي   يقين   آهي   هرگز    نه   يار   ايندو.

پر پوء به ڌڙڪي ان لئه ڌڙڪن جو دين ڪھڙو؟

آصف   هي   آزمايو   عاشق    وفا    ڪري   ٿو.

پر  هو  جفا  ڏين  ٿا   سھڻن  جو  دين  ڪھڙو؟






دل ۾ اصول  عشق  جو  جوهر  ڀري ويو.

نيڻن ۾ يار سونھن  جو  منظر  ڀري  ويو.

هي  عشق  جو ڪمال  آ  يا ڏات جو هنر.

لفظن  ۾  ڪيئن  ساھ  آ  شاعر  ڀري ويو.

ها هو  ڇنو  ضرور  پر  ويو  ايترو  ڪري.

پر  لطف  يادگيرين  سان  گهر  ڀري  ويو.

ماحول واسجي  ويو  سامي  اندر  سڄو.

منھنجيءَ  قبر  تي حاضري دلبر ڀري ويو.

تصوير جا چٽي  هئي مون يارو پيار جي.

ان  ۾  وفا  جا  رنگ  ڪو  ماهر ڀري ويو.

هن کان به پاڻ روڪيو آصف ٿيو ڪٿي؟

سپنن  ۾  يار  جهاتيون  اڪثر  ڀري ويو.






ٿا  چاهيو  اگر  سوجهرن  ۾  رهون.

هلو  پوءِ   هلي   عالمن   ۾   رهون.

اٿو  قوم  کي  ڏيون  علم  ۽ شعور.

سمهي  ڇو  اجايو  گهرن  ۾  رهون.

ٽري  مشڪلاتون  سموريون  وڃن.

ڏکيءَ  ويل  جي  حوصلن ۾ رهون.

علم  کان  پري   ٿا   رهون   ساٿيو.

تڏهن   ٿا   رڳو   مسئلن   ۾  رهون.

ڏيون  زندگيءَ  جا  ٿا  هوڪا اسان.

بحر   ۾   ترون   يا   برن   ۾  رهون.

ڪٺي رهبو پنهنجن سان آصف سدا.

ڏکن   ۾   رهون  يا  سکن  ۾  رهون.






جي ويڙھ  جي لئه اپاءُ  ٿيندو  ته  پوءِ  وطن جو دفاءُ ٿيندو.

۽ سيني سامهون جي گهاءُ ٿيندو ته پوءِ وطن جو دفاءُ ٿيندو.

ايڪا ملي ئي ڏهاڪا ٿيندا ڏهاڪي مان سو سون مجهان لک.

سپاھ  جو  ايئن  جڙاءُ   ٿيندو  ته  پوءِ  وطن جو دفاءُ ٿيندو.

رڳو  نه  نعرا رڳو نه  ڳالهيون وطن بچائي سگهن ٿيون ڪانئر.

هوا  ۾  رت  جو   هڳاءُ   ٿيندو  ته   پوءِ وطن جو دفاءُ ٿيندو.

هي چاهه جيون سان ،موت جو ڊپ بقا جو بلڪل اصول ناهي.

شھادتن   سان   لڳاءُ  ٿيندو  ته    پوءِ   وطن  جو دفاءُ ٿيندو.

بندوق،رائفل،ڪلاشنن سان  ٿي ليس جنگ لئه قدم وڌاءِ تون.

۽  تيز  هل  مينھن  واءُ  ٿيندو  ته  پوءِ  وطن جو دفاءُ ٿيندو.

هندو ، ٺڪر ، ڀيل،اوڏ ، مسلم ، صوفي ، عيسائي باگڙيءَ مان.

نه ڪو  به ڀاڙي  جي ڀاءُ  ٿيندو  ته پوءِ وطن جو دفاءُ ٿيندو.

آ  وقت  ٿورو ، ڊگهو  سفر  ۽  پري  آ  منزل  هي  سوچ  آصف.

نه  راھ  ۾   جي  پڙاءُ   ٿيندو  ته   پوءِ  وطن جو دفاءُ ٿيندو.






وڏو ٿي رکجان وطن جي چاهت سجاد سنڌ جي تون سار لھجان.

وطن  پرستي  آهي  عبادت   سجاد  سنڌ جي تون سار لھجان.

تنهنجي ذهن ۾ جي ٻج ڇٽيان پيو انهن کي رت جو مان ريج ڏيندس.

ضرور  ڦٽندي  اها  بغاوت  سجاد  سنڌ  جي  تون  سار لھجان.

ملو ، مشائخ  رڳو  مڪر آ انهيءَ مڪر جي چڪر کان بچجان.

متان وسارين منھنجي هدايت سجاد سنڌ جي تون سار لھجان.

حوس ، شجائت  ۽  بزدليءَ  جا  جنم  وٺن دل ۾ ٽئي ٿا جذبا.

تون چونڊ تن مان ڪجان شجائت سجاد سنڌ جي تون سار لھجان.

هي  سنڌ پنھنجي  آ  ماءُ  پٽڙا ، ۽ ماءُ تي ڪاهه ڪا ٿئي جي.

وڙهي وطن جي ڪجان حفاظت سجاد سنڌ جي تون سار لھجان.

سبق هي آصف جو ياد رکجان،حقن جي خاطر هميشه وڙهجان.

آ  راهه  حق ۾  ڀلي  شھادت سجاد  سنڌ جي تون سار لھجان.

شاعر آصف جوڻو پنھنجي پٽ سجاد آصف کي مخاطب ٿيندي.





زمين  جي  تھن   مان   خزانا   لڌاسين.

عقل  کوجنا   ڪئي   علم   جي  ذريعي.

اتاهان    اڏامون   پيا   چنڊ    کان   ڀي.

هي  پرواز  ڪئي  وئي  علم جي ذريعي.

هي شمس و قمر ۽ سوين ڪھڪشائون.

انھن  جي  به  سڌ پئي علم جي ذريعي.

هي   دنيا   جا   اسرار    آصف   سمورا.

جي  ڳولي  لڌا  ٿئي   علم  جي  ذريعي.






محبتن  جي  ملڪ   ۾   اڄ   نفرتون  ڪاهي  پيون.

هر  طرف  هر  گهر  ۾  آهن  ڪلفتون  ڪاهي پيون.

ديس  جا  سڀ  روڊ  رستا  خون  سان  رنگين  ٿيا.

پيا ڪسن معصوم ڪاٿئون وحشتون ڪاهي پيون.

ڪير ڀي  ڪونهي وڙهي  جو  ظلم سان ۽ ڏاڍ سان.

سڀ ستل   آهيون اسان  ۾ غفلتون  ڪاهي  پيون.

ڪوڙ کي  ثابت  ڪري  سچ  حق ڇنن  حقدار کان.

ڇا   ڪجي  آفيسرن  ۾    رشوتون  ڪاهي   پيون.

علم  کان  باغي   پيو  ٿي  آھي   اڄ  جو  نوجوان.

فحش فلمن جي ڏسڻ جون  عادتون ڪاهي پيون.

زال   گهر   ۾   آ   اڪيلي   مرد   ٻاهر   موج  ڪن.

لوط واريءَ قوم جون  هت  قربتون  ڪاهي پيون.

حاڪمن  اڄ  پيٽ  ڀريا  بک  مرن   مسڪين   پيا.

ٿي  مھانگائي  وطن   ۾  غربتون   ڪاهي   پيون.

قلم   جي  بدران  ڪلاشن  آھي    شاگردن   کنئي.

جاهلن  واريون  انھن  ۾  حرڪتون ڪاهي پيون.

هر  گهٽي   بازار    آهي     اڄ   گناهن    جو   اڏو.

پاڻ  سينگاري  شھر   ڏي  عورتون  ڪاهي  پيون.

ديس  تي  آصف  سڀئي  هي  آفتون ڪاهي پيون.

وقت  کان اڳ  ۾  هتي ڄڻ قيامتون ڪاهي پيون.






ڪٿي ڪهن ٿيون ڪٿي ڪسن ٿيون عجيب آهن جناب اکيون.

ڪٿي ته  آهن شڪار  ٿينديون ڪٿي شڪاري عقاب اکيون.

کلي نھاري  هليو ويو هو  نه مون پڇيو ڪجهه نه هن ٻڌايو.

هيڏي هيون هڪ سوال اکيون ۽ هوڏي هون هڪ جواب اکيون.

لکي رکيو هو مون راز الفت لڪائي اک جي صندوقچيءَ ۾.

رهيو نه سو راز راز هاڻي پڙهي ويون ڪي ڪتاب اکيون.

حسين  اکيون  حسين  چھرا   ملن ٿا  دنيا جي هر خطي ۾.

مگر  ملن  صرف  سنڌ  ۾  ٿيون هي با حيا با حجاب اکيون.

ڀريءَ محفل جو هن نهاري گڏي ويهاري ڪيون ڪچهريون.

رقيب منظر پسي  ڏسن  پيا  ڪري اسان ڏي خراب اکيون.

ڏسان ته کسجن  ٿا هوش  آصف سرور طاري ٿيو وڃي ٿو.

ٿئي ٿو محسوس ڄڻ ته آهن صنم جون بحر شراب اکيون.






گهور  سان  گهائي  ويون  دل  دلربا  تنھنجون اکيون.

باز  وانگر  ويون  جهٽي  دل  باخدا  تنھنجون اکيون.

ڇڏ  عقيدت   مان   چمي   ايمان  کي   تازو  ڪريان.

آسماني    آيتن     جھڙيون   مٺا   تنھنجون   اکيون .

جنهن ڏي تو گهوري ڏٺو ٿيو شوق تنهنجي جو شھيد.

شھر  کي  پل  ۾ ڪري  ويون ڪربلا تنهنجون اکيون.

چين دل جو ويون لٽي جي ۽ کسي ويٺيون سڪون.

ها  سڃاتيون  هون هي  آصف بارها تنهنجون اکيون.






چپ  ھيس  آداب   محفل ، رازداريء   جي   ڪري.

ھاء تون سمجھي سگھين  ھا ڪاش نيڻن جي زبان.

ھر  غزل  بي    پھچ    ماڻھوء    جو   بنيو    آواز  آ.

منھنجو  ھر  ھڪ  نظم  آھي  يار  گونگن  جي زبان.

جي  به  تو  گفتا  چيا  ھا   سي  ته  سڀ  گونگا  ھئا.

ڇو  ڪٽي  آخر  ڇڏي  ھئي  تو  ھي  لفظن جي زبان.

تون نه  ڀلجين  ۽  نه ڀٽڪين  ھا  ڪڏھن ايئن پنڌ ۾.

اي  مسافر ! تون  اگر  ڄاڻين  ھا   رستن   جي   زبان.

ھي  اڳي  ماڻھن  جي  اڃ  لاھيندا  ھا خوش ٿيندا ھا.

خشڪ  ٿي  وئي  آھي  اڃ  کان ھاڻي کوھن جي زبان.

جسم  جي  زخمن  جي ٻولي سمجھي ٿو آصف طبيب.

ڪير سمجھي ڪو نه ٿو بس دل جي زخمن جي زبان.






ھر نفعي  نقصان  کي پاسي رکو.

ڇو   پيا  ايمان  کي  پاسي  رکو.

عشق آھي  آزمائش ڪا ڏيو ڏکي.

ھر  خفي  آسان  کي  پاسي  رکو.

درد مان ئي ٿو  ڦٽي نڪتي غزل.

درد ڏيو   درمان  کي  پاسي  رکو.

ھن دفعي باغي شھادت ٿو گھري.

ھن دفعي  زندان  کي  پاسي رکو.

منھنجي  ڏاھپ  ۾  به آ ديوانگي.

بي ڪلي  وجدان  کي پاسي رکو.

بزم  فقراء  منجھ  آصف  آ  محو.

شاھ جي  فرمان  کي  پاسي رکو.






              قطعا/چوسٽا





اسان جي پنڌ جي قدم قدم جا ڪئي قصا ھا ڪئي ڪھاڻيون.

۽ زخمي پيرن جي ھر زخم جا ڪئي قصا ھا ڪئي ڪھاڻيون.

اسان جي دل جي ته ھڪ ڪھاڻي ھئي وفا سو انھي کي ڇڏ تون.

ٿيل انھيءَ  دل مٿان ستم جا ڪئي قصا ھا ڪئي ڪھاڻيون




اڄ صبح  پڻ  رات  جون ڳالھيون ھليون.

پئي ھجر جي مات جون ڳالھيون ھليون.

سڀ  ٿري   ٻھڪيا   پئي   ڳالھيون  ٻڌي.

ھون جڏھن برسات جون ڳالھيون ھليون.




ڌيان   ھڪدم   غم    وڇوڙي   ڏي   ويو.

جيئن ئي  سڪرات جون ڳالھيون ھليون.

ذڪر   منھنجو   پڻ  ڇڙي   پيو   بزم   ۾.

شاعريء  ۽   ڏات   جون ڳالھيون ھليون.




ڪنھن کي ڪنھن سان جنھن پل جو ٿو ٿيئي عشق.

ڊڄڻي   کي    پڻ   بي   خوفيء   ڏي   نيئي   عشق.

عاشق   کي  ٿو    ھوريان    ھوريان   ماري   آصف.

پر   عاشق   جي   رڳ   رڳ   ۾   ٿو   جيئي   عشق.



تو  ختم  شد  لکيو منهنجي نالي پٺيان۔

مون ته ساهي  پٽي پئي ڪشالي پٺيان۔

منهنجو  نالو   ئي اتساھ  جو  هو سبب۔

قافلا   پيا   جڙي   مون  حوالي   پٺيان۔



هو گهري ٿو  سنڌ  ساري  خوف ۾ ورتل هجي.

همسفر اچ خوف جي راڪاس جو ڳاٽو ڀڃون.

هو ٿو چاهي  انقلابي  ڪاروان رڪجي وڃي.

انقلابي  اچ  هلون ، اڳتي وڌون ، منزل پڄون.




جسم جي ٻولي لڳي ۽ جان جي ٻولي لڳي.

ٿي وکر وانگر  هتي انسان  جي ٻولي لڳي.

سربسر سودا ضميرن  جا  ٿين آصف هتي.

لوئي،لڄ ،شرم و حيا ايمان جي ٻولي لڳي.




قرضٰ  لاهي  ڪير  ڪيئن  استاد  جو.

آهي   درجو   پيءُ   جيئن  استاد  جو.

کيس  ٻيو  ڪنھن  ساڻ آصف ڀيٽجي.

جيئن سخيء جو شان ايئن استاد جو.




قادر  جي  هيءَ  قدرت  حيرت  جھڙي  آهي.

رب جي ڏاهپ ، حڪمت  حيرت جھڙي آهي.

جيئن ورهايون تيئن وڌي ٿي ڪين کٽي ٿي.

بيشڪ  علم جي  دولت  حيرت  جھڙي آهي.




سيکارڻ،سکڻ کي بڻاءِ پنھنجو مقصد.

پڙهائڻ،پڙهڻ کي بڻاءِ  پنھنجو مقصد.

ڀلو صرف پنهنجو نه تون سوچ آصف.

ٻين لئه جيئڻ کي بڻاءِ پنھنجو مقصد.




علم  جي  لاٽ  ٻارڻ   ڪم  اجر  جو  آ.

ڪنھنجو جيون سنوارڻ ڪم اجر جو آ.

سيکارڻ  ۽  سکڻ  آصف   بڻاءِ   مقصد.

سکڻ  سان  گڏ سيکارڻ ڪم اجر جو آ.




علم جي لئه جستجو جاري رکو.

ڪجهه سکڻ جي آرزو جاري رکو.

ماٺ آصف موت ، ڀڻڪو زندگي.

ڪا  شعوري   گفتگو  جاري رکو.




ٻار مستقبل اسان  جو ٻار  جي پارت اٿئي.

قوم جا  استاد  هن  هالار  جي پارت اٿئي.

هيءُ مڪتب آه گلشن ۽ تون آصف باغبان.

اي چمن جا  باغبان  گلزار  جي پارت اٿئي.




دشمنن سان اچو ڪو ته پاڻي ڪيون.

ڀونءِ  ٽلٽي ، دٻي  يا  مياڻي  ڪيون.

ديس  جي  دنگ  تي  دنگ ۽ ننگ لئه.

ڪا  لڙائي  لڙي هڪ هڪاڻي ڪيون.




هاڻي  ماضيءَ  تي  ڇڏيو  روئڻ  کڻي.

قوم   کي   مظبوط    مستقبل    ڏيو .

سوچيو   ۽    لوچيو    آصف    سڀئي.

سنڌ جي خوشحالي جو  ڪو حل ڏيو.




بي رخي ٿي  طويل  ڪيڏي وئي.

هيءَ وٿي ٿي طويل ڪيڏي وئي.

گاھ  تان ٿو  وڙهي نسل چوٿون.

دشمني  ٿي  طويل  ڪيڏي وئي.




جسم جي ٻولي لڳي ۽ جان جي ٻولي لڳي.

ٿي وکر  وانگر  هتي انسان جي ٻولي لڳي.

سربسرسودا  ضميرن  جا ٿين  آصف هتي.

لوئي،لڄ ،شرم و حيا ايمان جي ٻولي لڳي.




ڇو  لساني   باھ    کي    ويٺو   هوا   درويش   ڏين؟

پنھنجي  گهر  ۾  ڇو  ڪرائڻ  ٿو  گهرين  آخر  فساد؟

تنھنجو دشمن آئون ناهيان،منھنجو دشمن ناهين تون.

پنھنجي سورن  جو  سبب  آصف  فقط  قومي  تضاد.




ھلو پکين ۽  وڻن سان عذر ڪو  ڪيون.

ٻج  ڇٽيندي   نوان  ڪو   ڪراڙو   مئو.

ھڪ گھڙي ھڪ صديء کي ڳھي آ وئي.

سو  ورھ  جو  ميان  ڪو  ڪراڙو   مئو.



ڪي    گذاري    ھزارين    ويا    تجربا.

تون ڀلي سمجھان  ڪو   ڪراڙو   مئو.

اڳ مرڻ  کان  ڪا  تخليق  جوڙي  ويو.

ڪا  زنده  جاودان  ڪو   ڪراڙو   مئو.



روح  رھندو ٿو  اچي ھن جسم  جي زندان ۾.

جسم  ڦاٿل  ٿو   رھي  مانيءَ   ڳڀي  يا نان ۾.

ھڪ طرف ھو آ پري  ۽  ٻئي طرف ڌرتي غلام.

تون چوين ٿو صبر ڪر آصف تون رھ ايمان ۾.




رات  جي   پوئين  پھر    تائين  پڳا.

خواب رلندي تنھنجي در  تائين  پڳا.

تي نگھ مون ڏي کنئي  مرڪي مٺي.

حال  سڀ  زير   و  زبر   تائين   پڳا.



مون صحيح سڃاتو آھي آب  و  تاب جو رستو.

مقتلن   مان   گذري   ٿو    انقلاب   جو   رستو.

آزاديء ،  بقا  جو    آ   بي  شعور   ھيء  ضامن.

ڪوٺين ٿو پيو جنھن کي تون عذاب جو رستو.



ستم ٿو  سھيڙيان  ،  زخم ٿو سھيڙيان.

اوھان جون نشانيون صنم ٿو سھيڙيان.

ھيء   صحرا  جي  واري  اڏائي  اڏائي.

ديوانن  جا  لٽيل   قدم   ٿو   سھيڙيان.




اڄ صبح  پڻ  رات  جون ڳالھيون ھليون.

پئي ھجر جي مات جون ڳالھيون ھليون.

سڀ  ٿري   ٻھڪيا   پئي   ڳالھيون  ٻڌي.

ھون جڏھن برسات جون ڳالھيون ھليون.




وري تاڻي بندوق  بيعت گھرن پيا.

نئون ڪو ته عاشور لکجي پيو ٿو.

وري دار رونق گھري وحشتن کان.

لڳي ٿو ڪو منصور لکجي پيو ٿو.






              اردو نظم





جو    خون   بہا   مظلوموں   کا

مظلوموں    کا    محکوموں   کا

اس  خون  نے  رنگ  تو  لانا  ہے

ظلمت   کو   ستم  کو  مٹانا  ہے

جس  دھرتی  پر  تھا  خون  بہا

وہ   دھرتی    لاوہ    اگلے    گی

ہر   قاتل   کو  جب  ہوگی  سزا

اور   ان   کی  لاشیں  لٹکیں گی

گلیوں   میں  اور  چوراہوں  پے

اک   صبح   نئی  پھر  نکلے  گی

جو     آزادی     کا     نور     لیے

  دھرتی   پر   آصف    اترے  گی

تب   کوئی  آنکھ   نہ  نم   ہوگی

اور   لوٹینگے    سب    پردیسی

اور   چومینگے   اس   مٹی  کو

جس    مٹی  پر  تھا  خون  بہا

جو   خون   بہا   مظلوموں   کا

مظلوموں    کا   محکوموں   کا

اس  خون   نے  رنگ  تو  لانا ہے

اس  خون  نے  رنگ   تو لانا   ہے






فقط وه شخص  تو نہیں۔

وه  دوست  ہے  وه  دلربا۔

فقط وه شخص تو نہیں۔


سدا   ہے   انقلاب   کی   ،   بقا   ہے   انقلاب  کی۔

امید     انقلاب    کی   ،    نوید     انقلاب     کی۔

اسے   سنو   شعور   ہے  ،  وه  مرد  ہے  غیور  ہے۔

وه ظلمتوں میں نور ہے ۔ وه چاہے ھم سے دور ہے۔

مگر وه دل میں ہے بسا ۔ فقط وه شخص تو نہیں ۔

جدوجھد   وه   جستجو  ،   محافظ    وه    آبرو۔

وه ایک ہوکے بھی دکهے ہاں ھر طرف ہاں چارسو۔

مزدور   کا   خلیل   ہے  ،  مظلوں   کا  وکیل ہے ۔

وه  عالم  و  عقیل ہے ،  ھم سب کی وه سبیل ہے۔

سراپا      پیکر       وفا ۔ فقط و شخص تو نہیں

یه  جابروں  سے  جو  لڑا  ڈٹا  رہا  جھکا   نہیں۔

کئی   بکاؤ   بک   گئے   يه   آج   تک  بکا  نہیں۔

یه  ایک  وه  کثیر  تھے وه  شاطر و شریر تھے۔

یه آج  بھی عروج  پر  وه کم ظرف حقیر تھے۔

یه ان  سبھی  سے ماورا۔ فقط وه شخص تو  نہیں۔

جو  اسکے  ساتھ  ہے چلا وه کامیاب و کامران۔

یه  همت  و  بھادری  شجاعتوں  کا  ہے  نشان ۔

ای  نوجوان  بزرگو  اسی  کے  پیچھے چل پڑو۔

بڑھو  بڑھو  بڑھے  چلو  نہ  راه میں کہیں رکو۔

وه   منزلوں   کا   راسته۔ فقط وه  شخص تو نہیں۔


اے  آصفہ  یه  جان  لو ، اور  بات میری مان لو۔

اراده میں نے کرلیا اور تم بھی سب یه ٹهان لو۔

یه   کارواں    ہمارا   ہے ،  نجات  کا  اشاره  ہے.

چلو  کے  اسکا  ساتھ  دیں  ہمارا  جو  سہارا ہے۔

اسی  میں  دیس کی بقا۔ فقط وه شخص تو نہیں۔

سنڌ جي قومي آزاديء جي تحريڪ جي روح روان محترم شفيع محمد برفت جي نانء.





یہ وحشتوں کا بسیرا کیوں ہے؟

جگہ جگہ پہ یہ قتل و غارت.

یہ آدمیت سے کیوں حقارت؟

دلوں میں نفرت کا ڈیرا کیون ہے؟

یہ وحشتوں کا بسیرا کیوں ہے؟

یہ لوگ گھر سے اٹھا لے جانا.

بھری بسی بستیاں جلانا.

یہ نوجوانوں کی لاشیں آنا.

یہ کربلا کے یہاں مناظر.

یہ تیش اتنا جنون کیوں ہے؟

بتائو سستا یہ خون کیوں ہے؟

ضمير مرده يه تيرا کیوں ہے؟

یہ وحشتوں کا بسیرا کیوں ہے؟


ہر شہر ماتم کدہ بنا ہے.

ہر شخص ہی غمزدہ بنا ہے.

اے ناخدا کیوں خدا بنا ہے؟

قہر خداوندی سے ڈرو تم.

جگہ جگہ احتجاج دیکھو.

بکھرتا سارا سماج دیکھو.

اور اپنا وحشی مزاج دیکھو.

مزاج تیرا یہ ٹہرا کیوں ہے؟

یہ وحشتوں کا بسیرا کیوں ہے؟


یہ نفرتوں کے نہ بیج بونا.

یہ چیخیں آہ و بقا سنو نا.

یہ آصف قوم ہے نہ کہ کھلونا.

نہ ان کے جذبات سے یوں کھیلو.

انیس سو ستر سے کچھ تو سیکھو.

آواز حق کا نہ ایسے کچلو.

ذرا سنو اور ذرا سا سوچو.

کہ ان کو تم نے یوں گھیرا کیوں ہے.

یہ وحشتوں کا بسیرا کیوں ہے؟






یہ   جل   رہا   ہے   آشیاں   قتل   فساد   کا   سماں.

ہے  ہر  طرف  دھواں  دھواں  قتل  فساد  کا  سماں.


ابھی  تو  نو  بہار  کی   ہوا   چلی   ہی   تھی   ذرا.

ابھی تو  شاخ  میں  کہیں  کھلی  کلی ہی تھی ذرا.

اجاڑ    بیٹھے    گلستاں     قتل    فساد   کا   سماں.


سدا   نہ    کوئلوں   کی   بلبوں   کی    چہچہاہٹیں۔

صیاد   کی  مکاریاں    یہ    پھولوں   سے   عداوتیں.

نہ  رنگ  و  بوءِ  کا   سماں   قتل   فساد   کا   سماں.


ٹکے  کے  بھاؤ بک  گئیں  دیوار  و  در  کی  عصمتیں۔

گھسیٹ  کر  وہ  لے  گئے  سسکتی گھر کی عصمتیں۔

لٹی   حوا   کی    بیٹیاں    قتل    فساد    کا   سماں.


وہ   گندگی   کے  ڈھیر  پر  جو  ننھی  جان  مر  گئی۔

جو   چند   پل  گذار   کر    جھان    سے    گذر   گئی۔

تھی  کس  کے  پاپ  کا  نشاں؟  قتل  فساد  کا سماں.


سسکتے  بھوکے  بچوں  کی  یہ  چیخ  اور  پکار سن۔

اے  حاکم   و  رئیس  مستیوں  میں  ہو  کہاں  مگن؟

رقم   نہ   کر   یہ   داستاں   قتل    فساد   کا   سماں.


خدا  تیری  زمین   پر   یہ   تیرے   ہی  تو  لوگ  ہیں۔

دکھوں کے مارے لوگوں کے یہ کیسے کیسے روگ ہیں۔

نہ  روٹی ، کپڑا   اور   مکاں   قتل   فساد   کا  سماں.


وہ  تیش  میں  جو  آگئے  تباہی  کی  یوں  ٹھان  لی۔

چلائی   گولیاں   تو    گولیوں   نے   جان   جان   لی۔

مرے  مکیں ، گرے  مکاں     قتل    فساد   کا   سماں.


وہ   جاہلانہ    سوچ    ہے  ،  فساد    ہی   فساد   ہے۔

یہ  بکھری  لاشیں  بے سبب  یہ  کون  سا  جہاد  ہے۔

یہاں   وہاں  ،  وہاں   یہاں   قتل   فساد   کا   سماں.


یہ  چیخیں  بہنوں  کی  سنو پہٹے کلیجے ماؤں کے۔

جو  وردی  پوش  لے  گئے  تھے  بیٹے شھر گاؤں کے۔

نقیب   جیسے     نوجواں   قتل   فساد   کا   سماں.


وہ  امن  کہو گیا  کہیں  یہاں  تو خوف و خون ہے۔

یہاں  تو  ہر   طرف   ہی   مار  دھاڑ  کا  جنون  ہے۔

یہاں   لہو   سے    ہولیاں   قتل   فساد   کا   سماں.


بلوچوں  پہ  بمباری  اور  سوات  ،  وانا   پہ   ستم۔

جگہ جگہ پہ سندھ میں بہی خونی کہیل اور ظلم۔

یہ  دشت   دہشتِ    بیاں   قتل   فساد   کا   سماں.


یہاں  پہ  آصفہ   ظلم   کو   روکنے   پہ    بندشیں۔

یہ  کیا ہوا؟ وہ کیوں ہوا؟ یہ پوچہنے  پہ بندشیں۔

جو  پوچھہ  لو  تو  پهانسیاں  قتل فساد کا سماں.






               اردو غزل





جو  منزلوں  پر نگاہ  ہو پہر  مسافتوں  پہ  یوں سوچنا کیا؟

جو تھاما دامن ہے حوصلوں کا تو آفتوں پہ یوں سوچنا کیا؟

جو جنگ تھونپی ہے دشمنوں نے وہ بحرِ صورت پڑیگی لڑنی.

زخم زخم  کو یوں  دیکھنا کیا؟شہادتون پہ یوں سوچنا کیا؟

رفیق   کل  کا   رقیب  ہے   اور  رقیب  کل  کا  رفیق  ہے  تو.

یہ  اب کا  تعلق  نبھاؤ،کل  کی رفاقتوں  پہ یوں سوچنا کیا؟

بہت  ہوا   ہے  یہ  جبر  ہم  پر  اب   جابروں  سے  مقابلہ  کر.

مکاریوں سے بھری یہ ان کی وضاحتوں پہ یوں سوچنا کیا؟

جو خود شناسی رہے نہ باقی  تو  زہد تقوی بھی سارا دھوکہ.

قضا یہ خود کو ہی کر کے دیگر  عبادتوں پہ یوں سوچنا کیا؟

جو حق ہے اس کا ہے ساتھ  دینا ، مٹانا باطل ہے فرض آصف.

جزا سزا  سے  یہ  ڈرنا  کیونکر،قیامتوں  پہ یوں سوچنا کیا؟






رنج  و  ملال  پر   آنسو  ہیں  رقص  میں .

ميرے دل کے حال پر آنسو ہیں رقص میں .

سينه  زنی  ميری  يه  سنگيت  بن رہی ہے.

سسکيوں کی تال پر آنسو ہیں رقص میں .

کرنے  فنا  يه  خود  کو کيسے تڑپ کے نکلے.

ديکهو  رومال  پر  آنسو  ہیں  رقص   میں.

دل  کے  مزار  میں  اور ارمانوں کي قبر پر.

غم  کی  دهمال  پر آنسو  ہیں  رقص  میں.

آصف چهپا نه پايا ، لوگوں سے غم کا عالم.

پلکوں  کے  ڈال  پر  آنسو  ہیں رقص میں.






شرک   کا   اعتراف    کرتا   ہوں۔

تیرے  گہر  کا  طواف  کرتا  ہوں۔

خونِ  عاشق  یہ  چیخ   کر  بولا۔

حسنِ  قاتل  کو  معاف  کرتا ہوں۔

کیوں میں اچہا  نہیں انہیں لگتا۔

باتیں  دو  ٹوک  صاف  کرتا  ہوں۔

اپنے   آنسو    بہا   بہا   کر   میں۔

شیشہ  من  کا  شفاف  کرتا  ہوں۔

بات  دل  کی   ہوں   مانتا  آصف۔

کب میں کس کے خلاف کرتا ہوں۔






آ  رہا  ہوں  میں  پہر  سے  بتا  دو  انہیں۔

اجڑے  مقتل  ہوں  جتنے  سجا  دو انہیں۔

جاں  ہتہیلی  پہ  جن  کی  ہے آگے بڑھیں۔

جان  پیاری  ہے  جن  کو  بھگا  دو  انہیں۔

دار   گہنے.  سمجھ   کر  سبہی   پہن.  لو۔

طوق  باقی  ہیں  جتنے   گرا   دو   انہیں۔

روکنے   سے   کہاں   یہ   رکیں   گے  یہاں۔

باغی   ہیں  وقت   کے  راستہ   دو  انہیں۔

بول   بالا   ہو   حق   کا    یہاں   ہر   جگہ۔

اور   باطل   ہو   جو   بہی   مِٹادو   انہیں۔

ان کو چھوڑو ہیں جن کے بہی مردہ ضمیر۔

جو  بہی  سوئے  ہوئے  ہیں  جگا دو  انہیں۔

کون    رہبر    یہاں  ،  کوں    رہزن     یہاں۔

آج    بے   خوف   ہو   کر   بتا   دو    انہیں۔

یہ  جو  محکوم  و  مظلوم بہوکے ہیں لوگ۔

انقلابی      اٹہو       آسرا      دو       انہیں۔

آج     محشر     بپا     ہوگا     آصف   یہاں۔

ظالموں   سے  لڑو   اور   سزا    دو   انہیں۔






ابھی  یہ  بغاوت  کی  شروعات   سمجہو.

اسی  میں  چھپی  ہے  تیری مات سمجہو.

اسی   میں   سے  طوفان   اٹہنا  ہے  باقی.

اسے  تم  محظ  یوں  نہ  برسات  سمجہو.

پڑیں  ٹھوکریں  جو  کہاں  اٹھ   سکو  گے.

ابہی  جو  لگی  ہے   پہلی   لات   سمجہو.

سمجہنے   نہ   سمجہانے   کا   وقت   ہوگا.

ابہی   سمجھ   جاؤ   میری  بات  سمجہو.

محظ یہ  جنم دن کی  خوشیاں نہیں ہیں.

اسے   تم    آزادی    کی    بارات   سمجہو.

وہ    ڈھاکا     ورسٹی     ذرا    یاد    کرلو.

یہاں اس سے بڑھ کر ہیں خطرات سمجہو.

ستم تم نے جو جو  بہی ڈھائے ھیں ھم پر.

ستمگر  یہ  اس  کے  ھیں  ثمرات  سمجہو.






کہاں  یہ  اُن  سے  جدا ہے رستہ؟

یہ   منزلوں  سے  جُڑا  ہے  رستہ.

لڑو  کہ   لڑ  کر   بنے   گا   ممکن.

کہ  جیت  کا  معرکہ   ہے   رستہ.

پہاڑوں   پر  وہ  کھڑا  ہے  دیکہو.

وہ  دلدلوں  پر  بِچھا  ہے   رستہ.

افق  سے  پوچھو   بہٹکنے   والو.

ستاروں  کو   بھی  پتا  ہے رستہ.

اکیلا   چلتا   تو  تھک  میں جاتا.

یہ  ساتھ  میرے  چلا  ہے  رستہ.

وگرنہ   یوں   تو   فضول  جاتی.

یہ  جستجو   کی  بقا  ہے  رستہ.

کسی نے تو نقش چھوڑے ہونگے.

تبھی   تو   آصف  بنا  ہے   رستا.






ہاں  ذرا  تاخیر   سے  آگے  بڑھی.

جستجو  تدبیر   سے  آگے  بڑھی.

ابتدا  تحریر  سے  کی تھی مگر.

بات  اب  شمشیر  سے آگے بڑھی.

خطرہ  لاحق ہے شناخت کو ہوا.

بات  ہے  زنجیر  سے  آگے  بڑھی

یہ  جو   ہے  جدوجہد آگے بڑھی.

خون کی تشہیر  سے آگے  بڑھی۔

کب  ہوئی  تخریب سے ہے ارتقا؟

ارتقا  . تعمیر    سے   آگے  بڑھی۔

امن ، آزادی  کی  آصف  جستجو.

کچھ قلم،کچھ تیر سے آگے بڑھی۔






ذرا دیکھ تو لو کہاں سو گئی ہے؟

سخن مر گئے یا زباں سو گئی ہے؟

اسے خوابِ غفلت سے بیدار کر لو.

جو ہمّت سفرِ درمیاں سو گئی ہے۔

جہاں آخری جنگ لڑنی تھی باقی۔

ہماری  بغاوت   وہاں  سو گئی ہے.

وہاں پہ لہو  کے ذرا  چهینٹے مارو.

میری قوم آصف جہاں سو گئی ہے.






انکارِ   وطن    مسلم   اور   محبِ   وطن  کافر.

پھر  کیوں  نہ  کہوں  تیری  فتویٰ کا متن کافر.

خودکش بھی جہادی ہے،دہشت بھی تیری نیکی.

ہر   جنگ   تیری   مسلم   اور   میرا   امن  کافر.

کلیاں  بھی  گئی  مسلی ، اور  پھول  قتل ہوئے.

کیا  تیری  نظر  میں  تھا  سارا  ہی  چمن  کافر؟

ان   تخت   نشینوں   کا  ہر   حکم  جیسے  آیت.

ہر   بات   باقی    مشرک ، ہر  ایک   سخن   کافر.

گر   تیری   نظر   میں   ہے    تخلیقِ    خدا  کافر.

پھر   ٹہرا   خدا   کافر  ،  قرآن   کا   (کُن)   کافر.

تخریب  تیری  نیکی  مانے  تو  یہ  آصف  کیوں؟

یہ   سوچ   تیری    منکر   اور   تیرا   ذہن   کافر.






خراج     عقیدت     کوئی    کارگر     دیں ۔

شہیدوں    کو   کیسے   فراموش   کردیں ۔

ابھر  آئیں  ایسے   کہ  جیسے   ہو   آفتاب۔

کہ  اس  گلستاں  کو  نئی  اک  سحر  دیں۔

يوں  اک  دن  غلامی  سے   پا لیں   نجات۔

وطن   کے   لیے  گر   ہم   اپنے   سر   دیں ۔

غلاموں  کو   آزادی   کا   دے   کے   تحفہ ۔

ہم دامن سبھی کے خوشی سے یہ بھر دیں۔

یہ  حق  اور  باطل  سمجھنے  لگیں  سب ۔

کہ  لوگوں  کو  ایسی  نظر  اور  ہنر   دیں ۔

امن   اور   علم   تھا   جو    موہن  دڑو  کا.

وطن  کو  ایسے  گائوں  ایسے   شہر   دیں۔

جو  لوگوں  کو  منزل  پے  پہنچائے  آصف۔

آؤ   قوم   کو    ایسی    اک   رہگذر   دیں۔






دشت  میں  ساگر  کو  لا  کر  رکھ دیا.

پیاس   کو  صحرا  سے  باہر  رکھ  دیا.

توڑ  کر  روزہ  سبھی  نے   پی   سبیل.

آنکھوں میں اس نے جو کوثر رکھ دیا.

سب سوالوں  کا دیا کچھ یوں جواب.

کوزہ  میں  لا  کر   سمندر  رکھ   دیا.

پھر  قوی   لکھتا   رہا  دن  بھر  غزل.

پیٹ  پر  پھر  اس  نے  پتھر رکھ دیا.

جب بھی  آصف نے حقیقت  کی بیاں.

نام  اس  کا  سب  نے  کافر  رکھ  دیا.






جو  بہی  رکہا   ہو   اندر   باہر   نکال   دو.

اس  نا  خدا  کا  دل  سے  سب ڈر نکال دو.

یہ  بتکدہ  نہیں  ہے یہ تو ہے رب کا مسکن.

دل   سے   یہاں   وہاں  کا  تصور  نکال  دو.

جنت   کے  طالبو   آؤ   جنت    یہیں   بنالو.

اپنے  خیالوں  میں  سے  بس  شر  نکال دو.

آزادی   کے   اے    داعی   پہر  انقلاب   لانا.

پنجروں   سے   اپنے   پہلے   طائر  نکال  دو.

کیسا  مذاق  ہے  یہ  کہ  کفر دل  میں ان کے.

اور  کہہ  رہے  ہیں  کہ  سب  کافر  نکال  دو.

وعدہ شکن ہو جو بہی اس کا نہ کر بہروسہ.

رفقاء   میں   سے   ایسا   شاطر   نکال   دو.

آصف  ہے ادنی خادم اے دوست تیرے در کا.

میرے  نام  میں  سے  اب تو یہ سر نکال دو.






.ہماری   جیت   سے   پہلے   تمہاری   ہار   سے   پہلے.

مٹی  کو  چوم   ہی لونگا  ميں  تختہ  دار  سے پہلے.

تمہیں  کیا نام دوں  آخر ؟  حسب اپنا  بتا  خود  ہی.

تیرہ  شجرہ   نہیں   ملتا   گورے   بدکار   سے   پہلے.

یہ  کیسی  لڑ  رہا  ہے جنگ  کوئی جاہل کو سمجھائے.

شکست  کھاتا  ہے   وہ  ہر   بار  اپنے   وار   سے  پہلے.

کئی فرعون مٹ   گئے   ہیں نہ ان کو  فوج  بچا پائی.

اٹھا    تاریخ      کے      پنے   تو     آہنکار   سے   پہلے.

میرہ ہر ایک قدم   تاریخ  پہ کئی  نقش   چھوڑی   گا.

بیشک   مر  ہی  نہ   جاؤں پہر  میں کوء یار سے پہلے.

اس کی اوقات ہی کیا جو  که اس سے  واسطه رکهوں.

ہمیشہ   ہی   بکا   آصف   جو    ہو   بازار   سے   پہلے.






جھکے سروں کے درمیاں جو سر اٹھا اسے سلام.

سبھی  کو  آ  کہ جس نے حوصلہ دیا اسے سلام.

یہ  سرخ  انقلاب  یونہی  چل  کے  آتے  تو نہیں.

جو  اس  کو  لانے  کے  لیے  لہو  بہا  اسے  سلام.

ہاں  جنگ  تھی ، ستم  ہوئے ، زخم  لگے ،لہو بہا.

مگر  جو  زخم  کھا  کہ  بھی  ڈٹا  رہا اسے سلام.

نہ  بتکدے  رہے ، نہ  بت ، نہ  کفر  کی  روایتیں.

جو  روشنی  کے  راستے  دکھا   گیا  اسے  سلام.

وہ  آبرو  کی  جنگ  تھی ، بقا  کا  وہ  سوال تھا.

وہ  آبرو ، بقا   کی   جنگ   جو  لڑا   اسے   سلام.

نقوش  ایسے  چھوڑ  کے  گی کہ مٹ نہ پائیں گے.

اسیروں  کا ، شہیدوں  کا  تھا  قافلہ  اسے  سلام.

گلے  کے  طوق  گر   گئے  سبھی  کے  اب  آزاد  ہو.

انہیں   گرانے   کے  لیے  جو  سر  کٹا  اسے  سلام.

یہ  انقلاب  کے   افق   کے   جگمگاتے   تارے   ہیں.

اے  آصفہ  وطن سے  جس  نے  کی وفا اسے سلام.






تباہی  ڈیلٹا  کی  ایسی  دیکھ  کر  خوب  روتا  ہے.

دریا  کو  روکنے  پر  اب  سمندر   خوب   روتا   ہے.

جہاں دہکان بھوکا ہو اور خود ساگر بھی ہو پیاسا.

چمن  کی  ایسی بربادی  پہ دل اکثر خوب روتا ہے.

بہار ہوتے  ہوئے بھی پھول کھلتے ہیں نہ ہی کلیاں.

اجڑتے  اس  گلستاں  کا  ہر   منظر  خوب  روتا  ہے.

جہاں  پہ  آنے  کی   خواہش  شہیدِ  کربلا  نے  کی.

وہاں  کی  تشنگی   پہ  شاہِ   کوثر  خوب  روتا  ہے​​.

دیارِ   دلبراں    آصف    اجڑنے    پہ   سب   افسردہ.

اداس   ہے   شاھ  کی  وائی  قلندر  خوب  روتا  ہے.






اے  کاش  وطن  میں  ہی  میرا  بھی  اک  گھر  ہو.

پانی  کو   نہ   میں   ترسوں   اور  کھانا  میسّر  ہو.

شاید   یہ    کبھی    پوری    امید    نہ   ہو   میری.

ظالم   نہ   حکمراں   ہو ، اور   چور   نہ   افسر  ہو.

وحشت  بھی نہیں  ہوگی  دہشت  بھی نہیں ہوگی.

سیاست میں نہ ہوں فتوے ریاست میں نہ منبر ہو.

دیکھا  ہے   یہاں   جو   کچھ  کہتا  ہے  وہی  آصف.

پھر  لوگ  کیوں  کہتے   ہیں   تم  ہو  گئے  کافر  ہو.






اب  کے  جو   نظروں کو  پھیرا مر جائوں گا.

مجھ کو چھوڑ کہ مت جا ، تنہا مر جائوں گا.

تیرا جُنوں ہی مجہہ  کو زندہ رکھے ہوئے ہے.

اور  جُنوں  یہ  مجھ سے روٹھا مر جائوں گا.

تجھ سے جُڑا ہوں تو آندھی سے لڑ جائوں گا.

پتّا ہوں  ،  ٹہنی   سے   ٹوٹا   مر   جائوں  گا.

تیری  گلی  میں سانسیں اٹکی رہتی ہیں اب.

تیری  گلی  کو  آصف  چھوڑا  مر  جائوں  گا.






اس  طرح  ہم  جُنوں  سے  نبھاتے گئے.

خود  تو  مٹتے  رہے  تجھ کو پاتے گئے.

آگے نسلیں نہ بھٹکیں گی اب راہ میں.

ہم   بقا   تک  نشاں   ہیں   بناتے   گئے.

دعوتِ   عشق   کی  تھی  تقاضا  یہی.

زخم    کھاتے   گئے   سر   کٹاتے   گئے.

مقتلوں  تک   سفر   آصف   ایسے  کٹا.

گنگناتے      گئے    ،     مسکراتے    گئے.






آبِ   زم زم   ،  آبِ   کوثر   تم  رکھو.

میرے سندھو کی روانی  چھین مت.

تیرے سپنے سب سنہری  تو ہی رکھ.

ہم سے فطرت کی نشانی چھین مت.

تھا  ہڑاپا  کو  جنم    جس   نے   دیا.

اُس سے اُس کی زندگانی چھین مت.

ہونے  دے فطرت  کا فطرت سے ملن.

دریا ، ساگر  کی  کہانی  چھین  مت.

لاکھوں غازی اٹھ کھڑے ہونگے یہاں.

اے   یزیدِ   وقت   پانی  چھین  مت.

لینے  کے  دینے  نہ  پڑ  جا​ئیں تمہیں.

بند  کر  یہ  چھيڑخانی ، چھین  مت.






بے  سبب  کا  سبب  تلاش  کر.

کچھ  نیا دوست اب تلاش کر.

مسجدوں  میں  نہیں  واعظہ.

لوگوں میں آ کہ رب  تلاش کر.

دشت  دہشت  زدہ  کیوں  ہوا؟

اس کے اسبباب  سب تلاش کر.

اب  لہو  یوں بہانہ چھوڑ دے.

یوں نہ رب کا غضب تلاش کر.

زنگ  آصف  دلوں  کا  اب اتار.

کچھ تو ایسا  عجب تلاش کر.






مانگا    تھا    پیار   جتنا    اتنا   ملا   نہیں۔

کیوں کہ وہ مجھ سے اب تک تنہا ملا نہیں۔

کیسے  کروں  وہ حاصل ,  پالوں وہ قربتیں۔

تعبیر   سے   ابہی   تک   سپنا     ملا   نہیں۔

سب  کچھ  بدل  بہی  دیتا  ، ہمّت بہی تہی۔

پر  کچھ  بہی  کر  نہ  پایا  موقعا ملا نہیں۔

خونِ  جگر  سے    لکھ کر   لاغر  ميں ہوگیا۔

لیکن  جواب  ایک  بہی  خط   کا  ملا نہیں۔

کیسے یہ چھین  لینگے  محنت  سے جو ملا۔

خوش  آمدوں  سے  مجھ کو  رتبا ملا نہیں۔

چاہا نہیں جو میں  نے   وہ سب  مجہے ملا۔

ليکن  جو  میں   نے  آصف  چاہا   ملا  نہیں۔






عشق    میرا    اب      مکمل    ہوگیا۔

آج    میں    پورا   ہی    پاگل   ہوگیا

بیقراری  نیند  میں   بہی   بڑہ   گئی۔

نیند  میں  جب  خواب  شامل  ہوگیا۔

کیوں ادھورا سا تھا لگتا خود کو میں۔

یہ    معّمہ    تو    مِلا     حل     ہوگیا

پہر    کَٹی    فردِ   جرم    مقتول   پر۔

پہر   بَرِی   ایک    اور     قاتل   ہوگیا۔

حسرتیں   باقی  نہیں   کوئی    وہاں۔

جب تو  آصف  دل  میں  داخل ہوگیا۔






اس شہرِ  خموشاں  میں  کوئی  تو  صدا دے دے.

لاشوں  کو   ہنر   جینے  کا  میرے  خدا  دے  دے.

گھر  آگ  لگی   میرے   اس  کو  نہ   بجھانا   اب.

لوگوں کو اندھیرے میں کچھ پل تو ضیا دے دے.

وہ   حسنِ   مجسم     ہے   وہ   چہرا  گلابوں  سا.

اب  میرے  خدا  اس  کو  کچھ   ہنرِ  وفا دے دے.

کوئی تو  سبب  ہو جو تجھے بھول نہ میں پائوں.

کچھ  زخم  نئے   آصف  ،  کوئی روگ نیا دے دے.






            اردو اشعار





اے رات  نہ  یوں لائو  تنہائی ،اندھیرا.

کھا جاتا ہے یہ میری پرچھائی اندھیرا.

الزام جو دیتے ہیں  ناکامی کا مقدر پر.

مقدر  ہے  بنا  ان  کا  پسپائی، اندھیرا.


شامِ  غم  کا لطف  اٹھاتا  ہوں.

روز   ہی مئکدہ  کو  جاتا ہوں.

آبِ    انگور    ہے    شفاءِ   غم.

پیتے ہی سارے غم بھلاتا ہوں.


کل  تھا  شامی  سامنے  اور  آج  پنجابی  یزید.

وہ  امیہ  کا  نسل  اور  یہ   نسل   رنجیت   کا.

وہ بھی ہارا تھا یہاں بھی ہار اس کا ہے نصیب.

سہرا  مظلوموں  نے  باندھا  ہے ہمیشہ جیت کا.


گھر  کا  گندم  بھیج  دو  باہر   کہیں.

بھوکے رہنے دو سبھی یہ تھر کے لوگ.

لے  آئو  ساری  ہی  دنیا    کے.   یتیم.

مار دو  اپنے یہاں  سب  گھر کے لوگ.

ہکمراں پر خبط طاری ہوگیا.

ملک یہ اب تو بھکاری ہوگیا.

اب گذارہ بھیک پر ہوتا نہیں.

چوری کا فرمان جاری ہوگیا.


چندہ ، چوری اب بتائو کیا کریں؟

پار  کیسے  ملک  کا  بیڑا   کریں؟

پھر مدرسے  سے  سدا ہوئی بلند.

آئو   دہشتگرد   پھر  پیدا   کریں.


ہے میرے پاس جو کچھ  بھی محبت کی عنایت ہے.

اسی لیے  میں  متاعِ  غم  سے  بیحد پیار کرتا ہوں.

طائروں سے کیوں اڑانیں چھین لیں؟

لوگوں سے تیر  و  کمانیں چھین لیں.


میں ہر پل ہی گذرتا ہوں نئی پلِ صراط سے.


کبھی جنت نہیں  ملتی جہنم  ہے  سماج ی



ہ.


سورج سے کہہ دو اب وہ کہیں اور ہو طلوع.

اندھیروں کے ہیں عادی  ہوگئے یہاں کے لوگ.


افراد  کی  وہ  لاشیں  مدفون  کر  ہی  آئے.

انسانیت کی لاش تو اب بھی وہیں پڑی ہے.


میری زمیں ہے کب سے نوحہ کناں اے مولا.

یزیدِ  وقت  نے    ہے  اسے  کربلا    بنا   دیا.


اب خاک میں ہی مل کر پائوں گا میں سکوں.

مٹی کے  لوگوں  نے  ہے  میرا  سکون  چھینا.


جس نے ہیں مجھ سے چھینے میرے حقوق مولا.

تیری    رزّاقی    پر    وہ    الزام   دے    رہا   ہے.






              ختم شد