ارگون

صهيوني نيم فوجي تنظيم (1931-48)

ارگون(انگريزي: Irgun) جو مڪمل نالو نيشنل ملٽري آرگنائيزيشن آهي. ھڪ صيھوني تنظيم جو نالو آهي جنھن مينڊيٽري فلسطين م 1931 کان 1948 تائين يھودي رياست جي قيام لاءِ ڪم ڪيو. اھا ھگانا کان بہ وڌيڪ شدت پسند تنظيم ھئي جيڪا اصل ۾ ھگانا جو حصو ھئي پر 1931 م ھگانا جي اڳرائي واري پاليسي م نرمي ھجڻ ڪري ڌار ٿي شديد اڳرائي واري پاليسي تحت ڪم ڪيو. ھيء تنظيم يھودي رياست لاءِ نہ رڳو مينڊيٽري فلسطين پر ان سان گڏ موجوده اردن جي بہ دعوا ڪندڙ ھئي. اسرائيل جي قيام بعد اسرائيلي ڊفينس فورسز جو حصو بڻجي پوء اسرائيلي فوج ۾ ضم ٿي وئي.ھي تنظيم يھودين جي دھشتگرد تنظيم سمجھي ويندي هئي .[1]

ארגון
ارگون • ايتزل

ارگون جو نشان. نقشي ۾ مينڊيٽري فلسطين ۽ ٽرانس جارڊن جي امارت جنھن لاء ارگون مستقبل جي يھودي رياست جي وعوي ڪئي ھئي. ايتزل ان گروپ جي نالي جو اڪرونم آھي
سرگرم 1931–1948
تحليل 11 جون 1948
ملڪ مينڊيٽري فلسطين ۽ اسرائيل
نوعيت نيم فوجي تنظيم (اسرائيل جي قيام کان اول)
يونيفائيڊ آرمڊ فورسز (اسرائيلي قيام بعد)
ڪمانڊر
مشھور ڪمانڊر Ze'ev Jabotinsky, Avraham Tehomi, Menachem Begin

حوالا سنواريو