ارون ڌتي راءِ
سوزانا ارون ڌتي راءِ 24 نومبر 1961ع تي شيلانگ، ميگھالا (ڀارت) ۾ پيدا ٿي.
ارون ڌتي راءِ Arundhati Roy | |
---|---|
2013 ۾ نڪتل سندس ڦوٽو | |
پيدائش | سوزانا ارون ڌتي راءِ نومبر 1961 (عمر 63 سال) شلانگ, آسام (ھن وقت ميگھاليا), انڊيا) |
ڌنڌو | ليکڪا، مضمون نويس ۽ سرگرم سماجي رڪن |
دور | 1997–کان ھاڻي تائين |
مُکيه ڪم | دي گاڊ آف سمال ٿنگس (The God of Small Things) |
ايوارڊ |
|
دستخط |
مشھوري
سنواريوهوءَ انگريزيءَ ۾ لکندڙ ڀارت جي سُڄاڻ ليکڪا آهي، جيڪا هڪ سرگرم سماجي ڪارڪن به آهي، جنهن 1997ع ۾ ”بُڪر پرائيز“ (Booker Prize) حاصل ڪيو، جيڪو کيس سندس مشهور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ تي مليو. سال 2002ع ۾ کيس ”لينن ڪلچرل پرائيز“ مليو. هن ڪيترائي مضمون لکيا آهن ۽ هوءَ سماجي ۽ -اقتصادي انصاف- لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سرگرم ڪارڪن طور سڃاتي وڃي ٿي.
ذاتي پسمنظر
سنواريوارون ڌتي راءِ جي ماءُ عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عيسائڻ هئي. جنهن جو تعلق شام ملڪ سان هو. جڏهن ته سندس بنگالي پيءُ، چانهه جي باغن ۾ ڪم ڪندڙ محنتي شخص هو. ارون ڌتي راءِ ٻه شاديون ڪيون، سندس پهريون مڙس آرڪيٽيڪٽ هو، ٻيو مڙس پرديپ ڪرشن هو، جنهن سان هوءَ 1984ع ۾ ملي ۽ سندس انعام يافته فلم ”ماسي صاحب“ (Massey Sahab) ۾ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيائين. پنهنجي مشهور ناول ”دي گاڊ آف سمال ٿِنگس“ لکڻ جي نتيجي ۾ مالي طور مستحڪم ٿيڻ تائين، هن مختلف ملازمتون ڪيون.
خدمتون
سنواريوسال 1994ع ۾ کيس ان وقت شهرت ملي، جڏهن هن ڦولن ديوي جي نالي سان ٺهيل فلم ”بينڊٽ ڪُئين“ تي تنقيد ڪئي، جيڪا شيکر ڪپور ٺاهي هئي. آگسٽ 2008ع ۾ ”ٽائمس آف انڊيا“ کي ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ هن ڪشمير جي ڀارت کان آزاديءَ لاءِ وڪالت ڪئي. ارون ڌتي راءِ مدا پاٺڪر سان گڏ نرمادا ڊيم خلاف مهم به هلائي ۽ واضح ڪيو ته ان جي اڏاوت سان 5 لک ماڻهو بي گھر ٿي ويندا. هن افغانستان ۾ آمريڪي بمباريءَ کي برطانوي اخبار ”گارجين“ کي انٽريو ڏيندي دهشتگردي ڪوٺيو. کيس 2006ع ۾ ”ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ“ ڏنو ويو، جيڪو هن اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪيو ته حڪومت آمريڪي پاليسيءَ تي هلندي، صنعتي ورڪرن خلاف ظالماڻي پاليسين تي عمل ڪري رهي آهي. هوءَ گانڌيءَ جي ”عدم تشدد“ (اهنسا) (Non- Violence) واري خيال جي پوئلڳ آهي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ "Arundhati Roy". Bookclub. 2 October 2011. BBC Radio 4. http://www.bbc.co.uk/programmes/b015brn8. Retrieved 18 January 2014.
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.