ارنيسٽو زيديلو
ارنيسٽو سيديلو : (انگريزي: Ernesto Zedillo ) تاريخ 27 ڊسمبر 1951 ۾ پيدا ٿيو. ميڪسيڪو جو معاشيات جو ماھر ۽ سياستدان آھي. پھرين ڊسمبر 1994ع کان 30 نومبر 2000ع تائين ميڪسيڪو جو صدر رھيو. سندس تعلق انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي سان ھيو. صدرات دوران پھرين مھيني ۾ ئي ميڪسيڪو جي ڪرنسي (پيسو) جي تاريخ جو وڏو بحران پيدا ٿيو جنھن کي ھن منھن ڏنو [1][2] ھن ان بحران جو ذميدار پنھنجي پيشرو ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري جي پاليسين کي قرار ڏنو[1][3]. ھن سندس ڀاءُ رائول سئلينس ڊي گورٽاري کي گرفتار ڪرايو[4].سندس حڪومت ۾ زاپاتيستا فوج ۽ پاپولر انقلابي فوج سان حڪومتي فوج کي چڪرين جو ٻيھر آغاز ٿيو[5] ۽ ھن تڪراريفوباپارا فنڊ ذريعي ميڪسيڪو جي بينڪاري نظام کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي[6].
ارنيسٽو سيديلو Ernesto Zedillo | |
---|---|
54th ميڪسيڪو جو صدر | |
عهدو سنڀاليو 1 ڊسمبر 1994 – 30 نومبر 2000 | |
پيشرو | ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري |
جانشين | ونسيٽ فاڪس |
سيڪريٽري تعليم عام | |
عهدو سنڀاليو 7 جنوري 1992 – 29 نومبر 1993 | |
صدر | ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري |
پيشرو | مئنوئيل بارٽليٽ |
جانشين | فرننڊو سولانا |
پروگرامنگ ۽ بجيٽ وارو سيڪريٽري | |
عهدو سنڀاليو 1 ڊسمبر 1988 – 7 جنوري 1992 | |
صدر | ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري |
پيشرو | پيڊرو ايسپي |
جانشين | روھيليو گاسڪا |
ذاتي تفصيل | |
پيدائش | ارنيسٽو سيديلو پونسي ديليئن ڊسمبر 1951 (عمر 72–73 سال) ميڪسيڪو سٽي, ميڪسيڪو |
سياسي جماعت | انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي |
جيون ساٿي | نلدا پيٽريشيا ويلئسڪو (ش. 1974) |
ٻار ٻچا | 5 |
ماءُپيءُ | روڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو
مارٿا عليشيا پونسي ديليئن |
رهائش | نيو ھيون, ڪونيڪٽيڪٽ, يونائيٽيڊ اسٽيٽس |
مادر علمي | نيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ييل يونيورسٽي |
دستخط |
خاندان ۽ ابتدائي زندگي
سنواريوميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو سيديلو ھڪ ميڪينڪ روڊولفو سيديلو ڪاسٽيلو جو پٽ ھيو ۽ سندس ماء جو نالو مارٿا عليشيا پونسي ديليئن ھئي. ھن جي بھتر تعليم لاءِ خاندان ميڪسيڪو جي رياست باجا ڪيليفورنيا جي شھر ۽ گادي جي هنڌ ميڪسيڪئلي منتقل ٿيو جتي کيس ابتدائي تعليم ملي 1965 م جڏھن 14 سالن جو ٿيو تہ ميڪسيڪو سٽي موٽي آيو جتي نيشنل پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ داخل ٿيو ۽ ساڳي وقت تعليمي خرچن کي منھن ڏيڻ لاءِ نيشنل آرمي اينڊ نيوي بئنڪ ۾ ملازمت پڻ ڪيائين. 1972ع ۾ معاشيات ۾ گريجوئيشن کانپوءِ ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيائين. شاگردي واري دؤر م ھن سان گڏ پڙھندڙ نلدا پيٽريشيا ويلئسڪو سان ويجهڙائپ ٿيس جنهن سان ھن شادي ڪئي ۽ ان مان کيس پنج ٻار ٿيا [7]ھن 1974ع ۾ ييل يونيورسٽي مان ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم حاصل ڪئي. پي ايڇ ڊي ۾ ھن جي مقالي جو عنوان: "ميڪسيڪو جي پبلڪ واري ٻاھرين قرض ۽ تيل جي تازي تاريخ ۽ مستقبل جي واڌ" ھيو.
سياسي زندگي
سنواريو1987 ۾ ھي بجيٽ ۽ منصوبابندي واري سيڪريٽريٽ ۾ منصوبابندي ۽ بجيٽ جي ضابطي وارو ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1988 ۾ 36 سالن جي عمر ۾ سيڪريٽريٽ جو سربراھ ٿيو ۽ ھن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي جا سڌارا پڻ پيش ڪيا. 1992 ۾ ملڪ جي صدر ڪارلوس سئلينس ڊي گورٽاري کيس تعليم عام جو سيڪريٽري مقرر ڪيو[8]. سال گذرڻ بعد ھن نوڪري تان استعيفا ڏئي سياست ۾ شامل ٿيو. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي چونڊ لاء اميدوار ڊونالڊو ڪولوسيو جي چونڊ مھم ھلائي.ھن ميڪسيڪو جي مرڪزي بينڪ بينڪ آف ميڪسيڪو لاء انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي رڪن طور ڪم ڪيو جنھن م ملڪ جي بھتري لاءِ ھن ميڪرو ايڪانامڪ پاليسين جي حمايت ڪئي. انسائيڪلوپيڊيا برٽنيڪا مطابق 27 ڊسمبر 1951ع ۾ ميڪسيڪو سٽي ۾ پيدا ٿيندڙ ارنيسٽو ھڪ مزدور خاندان ۾ پليو ۽ 1971ع ۾ ميڪسيڪو ۾ اقتدار ۾ رھندڙ پارٽي جو رڪن ٿيو[9]. ييل يونيورسٽي مان معاشيات ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري بجيٽ ۽ منصوبابندي واري وزارت ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪندي ھن ميڪسيڪو جي ٻاھرين ڀاري قرضن تي ضابطي، ناڻي جي ڦھلاء کي گھٽائڻ ۽ متوازي بجيٽ ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو[9]. انسٽيٽيوشنل ريووليوشنري پارٽي جي صدارتي اميدوار لوئيس ڊونالڊو ڪولوسيو جي قتل بعد ھي ان پارٽي جو اميدوار ٿي صدر چونڊجي آيو. ھن غربت جي خاتمي لاء سڌارا آندا، ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ۽ چونڊ نظام کي جمھوري بڻائڻ واري ڪم کي اڳتي وڌايو. ھن 1994ع ۾ جيڪا پيسو جي قدر م ڪمي آندي ان سان ھڪ بحران جنم ورتو جنھن کي منھن ڏيڻ لاء آمريڪي امداد جو سھارو ورتو[9].
حوالا
سنواريو- ↑ 1.0 1.1 "The peso crisis, ten years on: Tequila slammer". The Economist. 2004-12-29. https://www.economist.com/node/3524948. Retrieved 2014-07-08.
- ↑ "The Tequila crisis in 1994". Rabobank. 2013-09-19. Archived from the original on 2015-04-10. https://web.archive.org/web/20150410090503/https://economics.rabobank.com/publications/2013/september/the-tequila-crisis-in-1994/. Retrieved 2014-07-27.
- ↑ "Salinas vs. Zedillo" (Spanish ۾). La Jornada. http://www.jornada.unam.mx/2005/10/11/index.php?section=politica&article=020a1pol. Retrieved 2018-03-09.
- ↑ Salinas' Brother Charged in Mexican Assassination New York Times March 1, 1995 [1]
- ↑ "Wayback Machine" (PDF). وقت 17 October 2013 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 January 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Solís, L. (comp.) (1999). Fobaproa y las recientes reformas financieras. México: Instituto de Investigación Económica y Social "Lucas Alamán", A.C
- ↑ "Archived copy". وقت 3 April 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 January 2012. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Gilbert, Dennis. “Rewriting History: Salinas, Zedillo and the 1992 Textbook Controversy.” Mexican Studies/Estudios Mexicanos, vol. 13, no. 2, 1997, pp. 271–297. JSTOR, www.jstor.org/stable/1052017 accessed 23 March 2019
- ↑ 9.0 9.1 9.2 Britannica CONCISE ENCYCLOPEDIA-© 2006 BY ENCYCLOPÆDIABRITANNICA, INC.-Encyclopædia Britannica and other fine products are available on the Internet at http://www.britannica.com. (Trademark Reg. U.S. Pat. Off.) Printed in Peru. -page#.2103 -