اُرمِیلا ماتونڊڪر: ڀارتي فلم انڊسٽري سان لاڳاپيل باليووڊ جي اداڪاره جيڪا مراٺي، تامل، ملايم ۽ تيلگو فلمن ۾ بہ ڪم ڪري چڪي آهي.

ارملا ماٽونڊڪر

ارملا ماٽونڊڪر ڪرن جوھر جي 40ھين سالگرہ.جي تقریب ۾، مئی 2012۔
پيدائش فيبروري 1974 (عمر 50 سال)
ممبئي، مھاراشٽر، ڀارت
پيشو اداڪارہ، ٽیلی ویژن میزبان
سَرگَرمُ سالَ 1980–ھيل تائين

تفصيلي تعارف سنواريو

فلم فيئر ايوارڊ لاءِ ست دفعا چونڊي وئي ۽ ھڪ دفعو اھو ايوارڊ بہ کيس ملي چڪو آهي. ھن فلمن ۾ شرڪت جو آغاز بطور چائيلڊ ايڪٽر 1980 ۾ مراٺي فلم زاڪول ۾ پرفارمنس سان ڪيو ان وقت ھن جي عمر ڇھ سال ھئي. 1983 ۾ نو سالن جي عمر ۾ ھن شيکرڪپور جي فلم معصوم ۾ بھترين ڪردار نڀائي مشھوري ورتي. جن ھيروئن جو ڪردار سڀ کان پھريون ملايم فلم چانڪيا ۾ ادا ڪيو ۽ بطور ھيرروئن باليووڊ ۾ ھن جي فلم 1991 ۾ ريليز ٿيندڙ فلم نرسھما ھئي.

ذاتي زندگي سنواريو

 
Matondkar in July 2010

ارميلا ماٽونڊڪر بمبئي شھر جي رھاڪو آھي ۽ سندس مادري ٻولي مراٺي آھي. 3 مارچ 2016 تي ھن ڪشمير ۾ بزنس ڪندڙ ماڊل محسن اختر مير سان شادي ڪئي[1][2]

حوالا سنواريو