ارسطوبيولس ڪاسندراني

(ارسطو بيولس کان چوريل)

ارسطو بيولس(انگريزي: Aristobulus ) مقدوينہ جي قديم شھر ڪاسندريا ۾ 375 ق م ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ فوجي ھيو جيڪو سڪندراعظم جي لشڪر ۾ بطور آرڪيٽيڪٽ ۽ فوجي انجنيئر[1] جي شامل ھيو ۽ ان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو ھو. اصل ۾ فونيشي نسل جو ھيو.[2][3][4]. ھي سڪندراعظم جي ويجھن دوستن ۾ شامل ھيو. ھن کي پاسرگاد ۾ سائرس اعظم جو مقبرو اڏڻ جو ڪم پڻ سونپيو ويو هو. ھن سڪندر جي حڪم مطابق سنڌ جي سڪي ويل درياهه ”هاڪڙي“ جي سروي ڪئي. هن هاڪڙي جي پيٽ جو معائنو ڪيو ۽ هڪ هزار ويران شهرن جا نشان ڳولهي ڪڍيا، جيڪي ڪنهن وقت هاڪڙي تي آباد هئا، آخري عمر ۾ پنهنجا حالات قلمبند ڪيائين. انهن يوناني ماهرن جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ”سنڌ جا رهاڪو گهڻي قدر سانوري ۽ ڪاري رنگ جا هئا، اونهاري ۾ ساريون ۽ جوئر ٿيندي هئي. سياري ۾ ڪڻڪ ۽ جَوَن جي پوک ٿيندي هئي. ڪمند به ٿيندو هو ۽ ڪمند جي رس مان ڳڙ ٺاهيو ويندو هو. هتي جا رهاڪو ڪپهه مان سُٽ ڪتي ڪپڙو اُڻندا هئا. کين مختلف قسم جي دوائن ٺاهڻ ۽ زهرن مارڻ ۾ به مهارت هئي. هو اهو فن ڌارين ماڻهن کان مخفي رکندا هئا.“ سنڌين جي سراسري عمر 130 سال هئي. منجهن ٻن زالن رکڻ جو رواج عام هو. راجائون ته گهڻيون شاديون ڪندا هئا. ٻانهن ٻڌڻ جو رواج به هو. هو پنهنجي راجائن کي ٻئي ٻانهون مٿي کڻي سلام ڪندا هئا. راجا جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، ته عورتون رٿن تي چڙهي ساڻس گڏ هلنديون هيون ۽ پويان ماڻهو دهل، شرنايون ۽ گهنڊ وڄائيندا هلندا هئا. ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ پرڻائڻ جو رواج موجود هو. ستيءَ جي رسم به رواج ۾ هئي. ڪڏهن ڪڏهن لاشن کي ڳجهن جي کائڻ لاءِ ڦٽو ڪندا هئا، جيئن ته سنڌ ۾ انگور نه ٿيندا هئا، تنهنڪري شراب پيئڻ جو رواج ڪونه هو.“[5]

حوالا سنواريو

  1. Who's Who in the Age of Alexander the Great by Waldemar Heckel ISBN 978-1-4051-1210-9
  2. Sources for Alexander the Great-N. G. L.Hammond
  3. Aristobulus the Phocian-American Journal of Philology
  4. Phokis — Delphi — 252/1 BC Epigraphical Database[مئل ڳنڍڻو]
  5. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي(قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ