هيءُ وڻ 8 کان 100 فوٽن تائين اوچو هوندو آهي ۽ -ان- جو -ٿڙ- 10 کان 20 فوٽن تائين -ٿلهو- هوندو آهي. جڏهن اهو وڻ 40 کان 50 فوٽن تائين اوچو ٿيندو آهي ته -ان- ۾ شاخون ڦٽنديون آهن. -ان- جي کل سڻڀي، اڇي ۽ خاڪي مائل اٽڪل اڌ -انچ- ٿلهي ٿيندي آهي ۽ -ان- جا پن 3 کان 6 انچن تائين ڊگها ۽ ڏيڍ -انچ- ويڪرا ٿيندا آهن. چيٽ ۾ هن وڻ کي پيلي رنگ جا ننڍڙا ننڍڙا گل ٿيندا آهن. هن وڻ جي کل دل جي مريضن لاءِ مفيد آهي. جديد طبي -تحقيق- به -ان- جي تصديق ڪئي آهي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته دل جي ڪمزوري، ڌڙڪي، سوڄ ۽ سور وغيره جون شڪايتون -ان- جي استعمال سان ختم ٿي وينديون آهن ۽ ڌڪ لڳڻ ڪري ٽٽل هڏين جوڙڻ لاءِ به مفيد آهي. -ان- لاءِ اندرئين ٻاهرئين ٻنهي طريقن جي استعمال سان ٽٽل هڏي به جڙي ويندي آهي. -ان- لاءِ -ارجن- جي کل کي ڪٽي ڇاڻي سفوف ٺاهي استعمال ڪرائيندا آهن.[1]

حوالا سنواريو