اربيلو فقير ڪٽپر

اربيلو فقير ڪٽپر- ولد خليفو ڪريم ڏنو ڪٽپر، تعلقي روهڙي جي ڳوٺ بخشي ڪٽپر ۾ -جولاءِ- 1947ع ۾ ڄائو. 1965ع واري پاڪ ڀارت -جنگ- لاءِ جڏهن صدر -پاڪستان- نائين ڪلاس ۾ پير صاحب پاڳاري کان حر مجاهد گهريا، تڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 18 سالن جو جوان اربيلو فقير مرشد جي حڪم تي لبيڪ چئي، حر مجاهد فورس ۾ ڀرتي ٿيو. پاڪ رينجرز جي -ٽن- مهينن جي جنگي ٽريننگ کان پوءِ سندس قابليت کي نظر ۾ رکندي، کيس ڪمپني ڪمانڊر حر مجاهد فورس مقرر ڪري محاذ تي موڪليو ويو. فقير صاحب پنهنجي بهادريءَ جا جوهر ڏيکاريندي هندستان آرميءَ کان شاهه ڳڙهه ۽ گهوٽاڙو قلعا ۽ لونگن واري ۽ سادان چوڪيون فتح ڪيون. محاذ دوران هندستان آرميءَ جي ڪمانڊر جنرل سريش مترا -ٽن- هزارن جي وڏي مسلح فوجي جٿي سان -پاڪستان- تي زميني حملو ڪيو ته اربيلي فقير ڪٽپر فقط ڏهن حرن سان گهيرو -ٽوڙي-، سريش مترا جي پٺيان حملو ڪري کيس مات ڏئي فتح حاصل ڪئي ۽ -پاڪستان- جي بهادرن ۾ پنهنجو نالو لکرايو. انهيءَ ڪارنامي سبب صدر -ايوب خان- اربيلي فقير کي ”ستارهء شجاعت ڏنو“. اربيلو فقير هن وقت روهڙي ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو