ڊاڪٽر اباب کهاوڙ (انگريزي: Dr. Arbab Khuhawar)، سنڌ جو سياسي ڪارڪن ۽ وطن دوست انقلابي پارٽي جو باني سربراهه هو. هي وارهه شهر ۾ 1947ع تي پيدا ٿيو، ۽ ڊگھي علالت بعد 2016ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو. هي وطن دوست انقلابي پارٽي تنظيم جي بنياد کان اڳ، جي ايم سيد ۽ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي سان پڻ سلهاڙيل رهيو.[1]

ارباب کهاوڙ
پيدائش 11 اپريل 1947ع
وارهه، سنڌ
وفات مارچ 13, 2016 (عمر 68 سال)
ڪراچي، سنڌ
مادر علمي لياقت ميڊيڪل ڪاليج
تنظيم وطن دوست انقلابي پارٽي

شروعاتي زندگي سنواريو

کاٻي ڌر جو اڳواڻ ڊاڪٽر اباب کهاوڙ، 12هين اپريل 1967ع تي وارهه شهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم سندس ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جڏهن ته 10هين ڪلاس جو امتحال شڪارپور مان پاس ڪيائين. هن ٻارهون جو امتحان گورمنٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيو. 1973ع ۾ هن چانڊيڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ان کان پوءِ ٺٽي جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪجهه وقت تائين ڪم ڪيو.[1]

سياسي زندگي سنواريو

شاگردي واري زماني ۾ هن پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، ان وقت هي ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهي رهيو هو. هي جيئي سنڌ تحريڪ جو پڻ حصو رهيو، پر بعد ۾ جي ايم سيد سان اختلاف سبب تحريڪ کان لڳ ٿي ويو. 1979ع ۾ هن کاٻي ڌر جي تنظيم وطن دوست انقلابي پارٽي جو بنياد رکيو. انهي تنظيم ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1980ع ۾ فلسطينين جي حق ۾ احتجاج ڪرڻ سبب هن کي گرفتار ڪيو ويو. نيشنل عوامي پارٽي تي پابندي کان پوءِ هن عوامي نيشنل پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. هن جيئي سنڌ قومي محاذ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جي دور ۾ هي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ پڻ رهيو، ان کان پوءِ هي جيئي سنڌ محاذ ۾ شامل ٿيو ۽ 2010ع ۾ ان جو نائب صدر پڻ چونڊيو ويو.[1]

حوالا سنواريو