ارباب نور محمد پليجو

ٺٽي ضلعي جو خاموش، مخلص، مهمان نواز، آزاد خيال، زندهه دل، -ترقي- پسند، قوم پرست، محب سنڌ ۽ ڪهنو قومي ڪارڪن ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. -ارباب نورمحمد پليجو- 30 -جولاءِ- 1915ع تي جمعي جي ڏينهن ڄائو. سندس والد جي وفات وقت هن جي عمر چئن سالن جي هئي. کيس ابتدائيءَ -تعليم- لاءِ ”-ٻني-“ جي اسڪول ۾ 9 -آگسٽ- 1924ع تي ماسٽر ”کيئل مل“ (آراضيءَ، تعلقي سيوهڻ واري) وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. هيءُ 1929ع ڌاري سنڌ مدرسي ۾ -انگريزي- پڙهڻ ويو. سياست ۾ سائين جي. ايم سيد جو ساٿي رهيو. سيد جا ڪتاب ڇپائيندي، مقامي مولوين جي مخالفت سبب -پاڪستان- جي عالمن پاران جي. ايم سيد سان گڏ ڪفر جي فتويٰ برداشت ڪرڻي پيس. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو. قومي تحريڪ جي حوالي سان ٻه ڀيرا جيل ياترا ڪيائين. بزم صوفياءِ سنڌ جو ڊپٽي سيڪريٽري به رهيو. سنڌ مدرسته -الاسلام- جي بورڊ آف گورنرس جو ڪيئي سال ميمبر رهيو. روشن خيال -انسان- هو. اولاد کي -تعليم- ڏياريائين. سندس وڏو فرزند عبدالحئي پليجو ناميارو اديب آهي ۽ ڪيترا سفرناما لکيا اٿس. مرحوم نورمحمد پليجي 25 مئي 1979ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو