ارباب حاجي خميسو ميمڻ

ارباب حاجي خميسو ميمڻ تعلقي ميرپور بٺوري جي دڙي ڳوٺ جو ويٺل هو. 1870ع ڌاري ڄائو هو. تعليم پوري پُني هُيس. ڪيترائي سال ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر رهيو. ڪجهه وقت لاءِ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي ميمبر به چونڊيو ويو. 27 رمضان 1347ھ/17 فيبروري 1929ع ڌاري وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو