ادريس عليہ السلام
ادريس عليہ السلام | |
---|---|
(عربي ۾: إدريس) | |
معلومات شخصيت | |
عملي زندگي | |
پيشو | نبي |
ترميم |
ادريس الله جو ٽيون نبي ھيو. جنھن اٰل قابيل سان جھنگ ڪئي ھئي.
احوال
سنواريوحضرت -ادريس عليه السلام-، -الله- تعاليٰ جو پيغمبر هو. پاڻ انيف (مصر) ۾ پيدا ٿيو. عرب جا ماڻهو کيس هرمس، ادريس ۽ مثلث بالمغمه جي نالن سان سڏيندا آهن. پاڻ 105 سال نبوت جا فرض ادا ڪيائون ۽ عام ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ -الله- جو پيغام پهچائيندا رهيا، مٿن ٽيهه صحيفا نازل ٿيا. 65 سالن جي عمر ۾ بروفا نالي هڪ نيڪ خاتون سان شادي ڪيائون، جنهن مان کيس هڪ فرزند متوشلح پيدا ٿيو. قرآن پاڪ ۾ ٻه دفعا سندن ذڪر آيو آهي. پهرين سورة مريم ۾، -جتي- ٻين نبين سڳورن جو ذڪر ڪندي 56 -آيت- ۾ فرمايو ويو آهي ته: ”اي نبي، پاڪ ڪتاب ۾ -ادريس عليه السلام- جو ذڪر ڪر، هو راست بازي جو پيڪر ۽ نبي هو، اسان -ان- کي تمام وڏي مقام تي پهچائي ڇڏيو هو.“ ٻيو سورة الانبياء جي 85 -آيت- ۾ حضرت اسماعيل عليه -اسلام-، حضرت -ادريس عليه السلام- ۽ حضرت ذوالڪفل عليه السلام جو ذڪر آيو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ”اهي سڀئي حق جي راهه تي صبر ڪرڻ وارا هئا، اسان انهن کي پنهنجي رحمت جي سايي ۾ کڻي ورتو. هو يقيناً نيڪ ماڻهن مان هئا.“ -انجيل- ۾ به حضرت -ادريس عليه السلام- جو ذڪر موجود آهي[1]