اختر ٽانوري جو اصل نالو غلام عباس ٽانوري آهي، هو پھرين اپريل 1960ع تي بوزدار وڏا ضلعي خيرپور ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي سنڌي ۽ ايم. ايڊ ڪيل اٿس. هو سٺو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آهي، سندس ڪيتريون ئي لکڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. ”روپ ٻھروپ“ ڪھاڻين جو مجموعو 1992ع ۾ ڇپيل آهي. هو هن وقت خيرپور ميرس ۾ رهي ٿو.[1]