ھن مضمون ۾ تازي معلومات وجھڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي. (جون 2017ع)

سيد اختر علي شاهه ولد سيد نياز محمد شاهه بخاري، ماٿيلو مومل جي ماڙي تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ 2 فيبروري 1947 ۾ ڄائو. هن مئٽرڪ جو امتحان ڊي سي هاءِ اسڪول گهوٽڪي مان 1963ع ۾ پاس ڪيو ۽ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان بي. اي پاس ڪئي. 1970ع ۾ ايم. اي سياست ساڳي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي.[1]

خدمتون سنواريو

1966ع ۾ جي. ايس.ٽي استاد گورنمينٽ هاءِ اسڪول اوٻاوڙي ۾ مقرر ٿيو. 1966ع کان روزاني مهراڻ، سيد سردار علي شاهه بخاريءَ جي ادارت ۽ سرپرستيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعريءَ ۽ صحافت جو استاد به سيد سردار علي شاهه کي مڃيائين. 1970ع ۾ استاديءِ کي خير باد چئي، نيويءَ ۾ ڪميشن حاصل ڪيائين، جنهن کي ڪن ذاتي سببن ڪري ڇڏي، باقاعدي صحافتي دنيا ۾ آيو ۽ ذوالفقار علي ڀُٽي کان متاثر ٿي ان جي ساٿ ۾ گڏجي ويو. سيد عبدالله شاهه جي وڏ وزارت دوران سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهيو. سيد حسين شاهه راشديءَ جي چيئرمينيءَ واري دور ۾ سندس واسطو ڊاڪٽر فهميده حسين، جمال ابڙو، امر جليل، مراد علي مرزا، غلام رباني آگري ۽ تاج جويي ۽ سنڌ جي جملي ادب دوستن ۽ تاريخدانن سان رهيو. محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي زندگيءَ تائين پ.پ.پ سان نظرياتي طور تي واڳيل رهيو. سٺو شاعر مضمون نگار، نقاد ۽ صحافي آهي. سندس ٻه ڪتاب لکيل آهن، پر ڇپيا نه آهن. جن جا نالا: (1) مذهب ۽ عقل (2) چنگاريان (اردو) آهن. گهوٽڪي شهر ۾ ”وليج پرنٽرس“ نالي سان پريس هلائي رهيو آهي ۽ هفتيوار ”پرهه ڦٽي“ رسالو باقاعدگيءَ سان ڪڍي رهيو آهي. ’مومل جي ماڙي‘ ماٿيلي جي تاريخي آثارن جي بچاءَ لاءِ سرگرم رهيو آهي ۽ علم دوست، اڳوڻي ضلعي آفيسر شفيق احمد مهيسر جي سهڪار سان ميوزيم قائم ڪرايو اٿس ۽ مومل جي ماڙيءَ جي تاريخي آثارن کي چوڌاري لوهي جهنگلو ڏيارڻ ۽ ان جي اهميت تي سيمينار ڪرائڻ سندس شاندار ڪمن ۾ شامل آهي.[1]

حال سنواريو

اڄڪلهه اي.پي.پي ۽ پي. ٽي. وي سان واڳيل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع