سنڌ جو نامور سياستدان ، اڳوڻو اسپيڪر ۽ وڪيل احمد ميان ولد حاجي مولا بخش سومرو شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم شڪارپور مان پاس ڪري، گريجوئيشن ڪراچيءَ مان ڪيائين . هن ايل. ايل. بي. جو امتحان بمبئيءَ مان پاس ڪيو. احمد ميان سومرو شڪارپور جي سومرا خاندان جو هڪ اهم فرد هو. پاڻ بنيادي طرح هڪ زميندار هو.[1]

احمد ميان سومرو

سياست جو احوال سنواريو

سياسي زندگيءَ جي شروعات ميونسپالٽي جيڪب آباد جي صدر چونڊجڻ سان ٿيس. وڪالت سندس پسنديده مشغلو هو، پاڻ بهترين وڪيل هو. احمد ميان سومرو هڪ اعليٰ انسان ، غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. پاڻ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. کيس اعليٰ قابليت ۽ سياسي پس منظر ۽ بهترين پارليامينٽرين هئڻ ڪري مغربي پاڪستان جي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر ۽ پوءِ اسپيڪر چونڊيو ويو. اسپيڪر هئڻ واري زماني ۾ هن پارليامينٽ اندر اعليٰ سياسي روايتن جو بنياد رکيو ، جنهن کي اڄ تائين ياد ڪيو وڃي ٿو. اسپيڪر جي حيثيت ۾ ميمبرن جي لاءِ پارليامينٽ جي اصولن ۽ قاعدن جوڙڻ ۽ رُڪنن لاءِ ضابطا اخلاق ٺاهڻ شامل آهن . پاڪستان ۾ جيڪي نالي وارا اسپيڪر ٿي گُذريا آهن، انهن ۾ احمد ميان جو نالو مٿاهون آهي. احمد ميان سومرو پاڪستان جي سينيٽ جو رُڪن پڻ رهي چڪو هو.[1]

حوالا سنواريو