احمد خان ھيسباڻي

استاد ۽ تعليمدان احمد خان هيسباڻي، 27 جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ مولوي نورالله هيسباڻي، تعلقي ڪنڊياري ضلعي نوشھري فيروز ۾ جنم ورتو. ابتدائي عربي ۽ فارسي تعليم سيد مھدي شاھ جي درسگاھ مان حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ڳوٺ خداداد سامٽئي ۾ پنھنجي مامي مولوي نورالله هيسباڻيءَ وٽان وڌيڪ عربي ۽ فارسي تعليم ورتائين. جنھن کانپوءِ سنڌي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀاڳي ديري مان وقت جي قابل استادن عبدالله ميمڻ، پيرل شاهه ۽ محمد صديق چنڙ وٽان حاصل ڪيائين. پنھنجي ذهانت ۽ هوشياريءَ جي ڪري استادن ۽ شاگردن ۾ نھايت مقبول رهيو. اسڪالرشپ جي امتحان ۾ امتيازي پوزيشن کنيائين. انگريزي تعليم لاءِ اي.پي ڪلاس درٻيلي ۾ داخل ٿيو، جتي ديوان واٽومل ۽ دين محمد سھاڳ سندس استاد رهيا، ان اسڪول ۾ هڪ درجو پڙهڻ بعد لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھ ۾ داخل ٿيو، جتي بہ ذهانت سبب 12 روپيا اسڪالرشپ حاصل ڪيائين. 1944ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ مئٽرڪ پاس ڪري، استادي پيشي سان وابسته ٿيو. ڪجهہ وقت خزاني آفيس ۾ نوڪري ڪيائين، پر اتان جلد ئي استعيفيٰ ڏنائين. احمد خان هيسباڻيءَ هڪ قابل ۽ لائق استاد جي حيثيت ۾ پھنجو تعليمي سفر 23 آگسٽ 1947ع کان 27 جولاءِ 1988ع تائين جاري رکيو. استاد احمد خان هيسباڻيءَ تعليمي سفر دوران 1954ع ۾ بي. اي، ۽ 1956ع ۾ بي.ٽي ڪئي. 1969ع ۾ ايم. اي سنڌي ڪئي. سرهاڙي ۽ سانگهڙ جي اي. پي ڪلاس اسڪولن ۾ پڙهائڻ کانپوءِ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاھ ۾ بدلي ٿي آيو، جتي استاديءَ جا فرض سرانجام ڏيڻ سان گڏ شاگردن جي هاسٽل جو بہ انچارج رهيو. 10 جون 1959ع تي کيس ترقي ڏئي ٺارو شاھ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. هن نہ رڳو هاءِ اسڪول جي پڙهائيءَ جو معيار بھتر بڻايو، پر پنھنجي مدد پاڻ جي اصول هيٺ اسڪول لاءِ ڪجهہ ڪمرا، ورڪشاپ ۽ مسجد بہ ٺھرايائين. ڪجهہ عرصو سڪرنڊ، موري ۽ دولتپور هاءِ اسڪولن جو بہ هيڊماستر رهيو. ان کانپوءِ برک تعليمي ماهر ايڇ. ايم. خواجا جي رٽائر ٿيڻ بعد 7 آڪٽوبر 1992ع تي کيس ايڇ. ايم خواجا هاءِ اسڪول نوابشاھ جو هيڊماستر بڻايو ويو. هن خواجا صاحب جي روايتن تي هلندي 9 سالن تائين محنت ۽ جانفشاني سان هاءِ اسڪول جو نہ رڳو انتظام هلايو، پر تعليم جو معيار بہ بهتر بنايو. ان کانپوءِ استاد احمد خان ٺارو شاھ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ۽ آخر ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر سانگهڙ رهيو.

کيس هاءِ اسڪول نوابشاھ ۾ پڙهڻ کان وٺي شاعريءَ جو بہ شوق هوندو هو ۽ شاعريءَ جي اصلاح مخدوم امير احمد کھڙائيءَ کان ڪرائيندو هو. مخدوم صاحب جي سرپرستيءَ ۾ قائم ’بزم ادب‘ ۾ بہ شريڪ ٿيندو هو. هن شاعريءَ سان گڏ افسانا بہ لکيا، جيڪي نوابشاھ مان نڪرندڙ رسالي ’ادا‘ ۽ ’رهنماءِ طلبہ‘ ۾ شايع ٿيا. هو شاعريءَ ۾ ’تنوير‘ تخلص ڪم آڻيندو هو. ڪجهہ مقالا بہ لکيائين. سرائيڪيءَ ۾ بہ شاعري ڪيائين. پاڻ ساهتيءَ جي بھترين استادن ۾ شمار ٿيندو هو. 22 اپريل 2007ع تي وفات ڪيائين. سندس لائق فرزند بشير احمد هيسباڻي بہ سنڌي ٻوليءَ جو سٺو اديب آهي، جنھن وٽ نوابشاھ ۾ هڪ وڏي لائبريري آهي.[1]