احمد خان سهاڳ، سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب آهي. هن 21 سيپٽمبر 1959ع تي ڳوٺ الهرکيي سهاڳ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1988ع ۾ سوشيالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. ڪنھن وقت گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ سائنس ٽيچر (H.S.T) ھيو.[1] ھاڻي سال 2017 جنوري ۾ پنھنجي پيشي تان رٽائرمينٽ ورتي.

ادبي خدمتون سنواريو

احمد خان سُهاڳ جو ڳوٺ، سنڌ جي سُگهڙن جي امام حضرت جلال کٽيءَ جي مدفن ڳوٺ پير ترهي کان ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي ۽ سندس ڳوٺ جو نالو ڳوٺ الھرکيو سھاڳ آھي کيس ننڍڙي هوندي کان وٺي سگهڙپائيءَ واري فن سان لڳاءُ رهيو آهي. اڄڪلهه هي نوجوان سنڌ ۾ سگهڙپائيءَ واري فن کي سهيڙڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هرسال ڳوٺ پير ترهي ۾ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪرائيندو آهي، ان کان سواءِ ڏهن ٻارهن سالن تائين قلندر شهباز جي ميلي تي سگهڙن جون ڪچهريون ڪرايائين. عظيم سگهڙ جلال کٽيءَ ۽ سنڌ جي مشهور نڙ بيتاين عبدالرحيم ڏاهريءَ ۽ عمر فقير بروهيءَ جي فن تي ڪتاب ترتيب هيٺ اٿس. استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو سيڪريٽري به آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. پاران سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع