مولانا احمد خان جمالي (انگريزي:Molana Ahmed Khan Jamali) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙسنڌي ٻولي جو شاعر ۽ استاد هو.

زندگي جو احوال سنواريو

مولانا احمد خان جمالي جي پيءُ جو نالو حاجي غلام محمد جماليءَ هو. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڪاڇو واري علائقي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ 1934ع ۾ جنم ورتو. مولانا صاحب سنڌي، عربي ۽ فارسي زبان جي عالم، استاد ۽ شاعر هو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جي ابتدا پرائمري استاد طور ڪئي. سنڌ جي مختلف علائقن ۾ علم ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنائين. ڪافي وقت ڳوٺ علي مراد شاهاڻي ۽ واهي پانڌي ۾ به استاد رهيو. اسلامي ڪتابن کان سواءِ عربي ۽ فارسي ادب جو گهرو مطالعو ڪيائين، ٻئي زبانون روانيءَ سان ڳالهائڻ ۾ کيس پوري دسترس حاصل هئي.[1]

وفات سنواريو

مولانا احمد خان جمالي سال 2014ع ۾ وفات ڪري ويو.

حوالا سنواريو

  1. "احمد خان جمالي مولانا : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21.