احمد حسين ولد محمد پڃل ميمڻ سنڌي فلمن ۽ ڊرامن جو اداڪار 28 آگسٽ 1965ع تي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ کان بي. اي تائين تعليم دادوءَ جي درسگاهن مان ورتي. سندس ڪيترائي سنڌي توڙي اردو ڊراما وقت بوقت مختلف چئنلن تان نشر ٿيندا رهيا آهن. هن سڀ کان پھرين مشھور ڊائريڪٽر ذوالفقار نقويءَ جي ڊرامي ’ڪيمياگر‘ ۾ پنھنجي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا، جيڪو ڊرامو پي. ٽي. ويءَ تان پيش ڪيو ويو. ان کانپوءِ هن ڪيترن ئي سنڌي، اردو ڊرامن ۾ ڪم ڪيو جن ۾ ’سوال‘، ’آئيندو‘، ’جياپو‘، ’اڄ‘، ’ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ منجهہ‘، ’سج گرهڻ‘ ۽ اردو ڊرامن ۾ ’روپ هزار‘، ’يہ جھان‘، ’نگاري‘، ’الجهن‘، ’سونيتي‘ ،’ڀڳت ڪنور رام‘وغيره شامل آهن. سنڌي چئنلن خاص طور ’ڪي ٽي اين‘، ’سنڌ ٽي وي‘، ’آواز‘، ’ڌرتي‘ ۽ ’مھراڻ‘ ٽي. وي تي سندس ڊراما ڪافي مقبول ٿيا آهن، هي اشتھاري ڪمپنين سان بہ ڪم ڪندو رهيو آهي. احمد ميمڻ جو شمار سنڌي ٽي. وي جي ڊرامن جي نامور اداڪارن ۾ ٿئي ٿو.[1]