ھيءُ ڪتاب حافظ محمد احسن چنا جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن ۾ سندس مختلف صنفن تي مشتمل شاعري شامل آهي. جنهن جي موضوعن ۾ اخلاقيات کي اوليت آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي، جنهن ۾ 28 صفحا آهن ۽ قيمت 75 پئسا اٿس. پهريون ڇاپو، حڪيم عبدالحق ۽ حڪيم نورالله سکر مان 1944ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]