احسان علي شاھ (وڪيل)

ناميارو وڪيل ۽ تعليمدان، سيد احسان علي شاهه ولد مظفر علي شاهه 5 نومبر 1925ع تي، ميرن جي قبن لڳ، هيرآباد، حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ سنڌي مرثيه جي باني سيد ثابت علي شاهه جي اولاد مان آهي. شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، 1943ع ڌاري، نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ ڪيائين. بعد ۾ انٽر ايس. ايم. ڪاليج مان 1946ع ۾ ڪيائين. ساڳئي ڪاليج مان بي. اي ۽ ايس. ايم. لا ڪاليج ڪراچيءَ مان 1950ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين، جنهن کان پوءِ 1964ع ڌاري، اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي ڪيائين.[1]

خدمتون سنواريو

نوڪريءَ جي شروعات صحت ۽ تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ ۽ سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت سان، 1955ع کان ڪيائين. ان کان پوءِ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد ۾ ڪنٽرولر، سيڪريٽري ۽ چيئرمئن جي عهدن تي رهيو. 1982ع کان 1984ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو ۽ 1985ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار پڻ رهيو.[1]

پاڻ حيدرآباد ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو باني ميمبر، جيمخانه حيدرآباد جو مستقل ميمبر، حيدرآباد لائن ڪلب جو صدر ۽ انجمن اسلاميه سنڌ جو صدر پڻ رهيو. 29 مارچ 1996ع تي، حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع