هي دڙو ڪلهوڙن جي دور جو آهي ۽ ٽنڊي آدم تعلقي ۾ ديهه احدي، سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري لهاڻي ڍوري جي ڪپ تي آهي. اٽڪل چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي ۽ 5- 6 فوٽ اوچائي اٿس. دڙي تي ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن کان سواءِ ٻي ڏسڻ جھڙي ڪابه وٿ مٿاڇري تي نظر نٿي اچي. عوامي روايتن موجب احدي جوڻيجي جو -آباد- ڪيل شھر آھي، جنھن کي ڪلھوڙن مقرر ڪيو ھو. ھو ظالم طبع ھو ۽ روايت آهي ته سندس تڪرار لطيف سائين سان به ٿيو ھو. دڙي جي کوٽائي ٿيل ڪانه آھي.[1]

حوالا سنواريو