ليکڪ هري موٽواڻي سنڌيءَ جو ناول، ’-اجهو-‘ ڪرائون سائيز، صفحا 176، قيمت 22 روپيا، جيڪو -آگسٽ- 1988ع ۾ شايع ٿيو. ڇپائيندڙ ڪونج ۽ ديپشکا پبليڪيشن -بمبئي- آهي، هيءُ ناول ڀارت جي ورهاڱي جي موضوع تي لکيل آهي ۽ سال وار چئن بابن: 1945، 1946، 1947 ۽ 1948 ۾ ورهايل آهي. مصنف جو پلاٽ -ان- خيال تي ٻڌل آهي ته (1945) تائين سنڌ ۾ هندو مسلم محبت ۾ رهندا هئا، ليڪن انگريزن جي سياسي چال سبب مذهب تي ٻڌل ورهاڱي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ نفاق جو -ٻج- ڇٽيو. ملڪ ۾ فسادن منهن ڪڍيو، جنهن ڪري لڏپلاڻ شروع ٿي. سنڌي هندو پنهنجي عزت ۽ سؤمان خاطر سنڌ ڇڏي هندستان ڏانهن وڃڻ لڳا.[1]

حوالا سنواريو