درياهه جو جهول وارو -پاسو-، -جتي- جو وهڪرو ۽ -پاڻي- اونهو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن -اجهور- اهڙي ڏکي ٿي پوندي آهي، جو -ان- ۾ ڦاٿل -ٻيڙي- وغيره به ٻاهر نڪري نه سگهندي آهي ۽ اُن جي ٻڏي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي. درياهه جي ڪنهن وَر وڪڙ يا گهُنڊيءَ جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي پاڻيءَ جي سير، وچ درياهه جي بدران هڪڙي ڪپر سان لڳي ويندي آهي، انهيءَ ڪري اُتي درياهه جو -پاڻي- ايڏو اونهو ٿي پوندو آهي، جنهن ۾ ونجهه يا اولي هڻڻ ممڪن نه ٿيندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هوا درياهه جي ٻئي ڪپ يا مخالف ڪنڌيءَ کان لڳڻ شروع ٿيندي آهي ته درياءَ جو سير ۽ تيز وهڪرو ٻيڙيءَ يا ڪنهن به ٻيءَ ترندڙ شيءِ کي ڌڪي وڃي زور سان ڪپر سان ٽڪرائيندو آهي. جنهن طرف کان هوا ايندڙ هوندي اُنهيءَ طرف کي مٿار چئبو ۽ درياءَ جي ڪپر واري سير کي ’جهول‘ يا ’-اجهور-‘ چئبو.[1]

حوالا سنواريو