اثر، داٻو يا اِنفلوئنس (Influence) لفظ، لاطيني ٻولي جي لفظ يا ٻولَ influentia مان ورتل آهي. هي اصطلاح ڪنهن به فرد، تنظيم، سگهاري قوت وٽ موجود سگهه کي پڌرو ڪري ٿو، جنهن ذريعي اُهو ڪنهن ٻئي شخص، تنظيم ۽ رياست جي فيصلن، ورتائن، راين ۽ لاڙن تي اثرانداز ٿي کيس پنهنجي مرضيءَ مطابق هلڻ تي مجبور ڪري سگهي. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ان صلاحيت يا سگهه کي اثرجي دائري (Sphere of Influence) جي ذريعي بيان ڪيو وڃي ٿو. يعني اهڙو علائقو يا خطو، جنهن تي ڪنهن به رياست، تنظيم يا اختياريءَ کي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ فوجي حوالي سان اثر حاصل هجي. عام طور تي اهڙو اثر رکندڙ ۽ اثر قبول ڪندڙ وچ ۾ ٿيل ڪن رواجي معاهدن هيٺ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هروڀرو ڪنهن خاص معاهدي يا انتظام جي ضرورت نه آهي. ان قسم جو لاڳاپو بنا ڪنهن لکت ۾ ٿيل انجام جي به ممڪن آهي. ان هوندي به، ان قسم جو لاڳاپو جڏهن چوٽيءَ تي پهچندو آهي، ته اثر هيٺ آيل رياست جي حيثيت ڏَنَ- ڀرو، بيٺڪ يا نيم ٻانهي رياست جهڙي ٿي ويندي آهي. هيڻين رياستن مٿان سگهارين رياستن/قومن جي اثر وارو معاملو ڏاڍپ پراڻو آهي ۽ اڄ به ’سپر پاورز‘،’گريٽ پاورز ۽ ’مڊل پاورز‘ جي نالي ۾ قائم آهي. ’اثر‘ يا داٻي جا مختلف قسم ٿيندا آهن. ٻي مها-ڀاري لڙائيءَ واري دور ۾ جاپان ڪوريا 1910 کان 1945ع تائين ، ويٽنام، منچوريا، تائيوان ۽ چين تي پنهنجو اثر سڌي سنئين حڪومت قائم ڪرڻ ذريعي رکيو (جيتوڻيڪ جاپان 1895ع کان تائيوان تي قبضو برقرار رکيو ، پر 1945ع ۾ ٻيهر چين پنهنجي حڪومت قائم ڪئي)، جڏهن ته ڪيوبا سوويت روس کان پري هوندي به سندس اثر هيٺ رهيو. ٻئي طرف ايران ۽ ٿائيلينڊ وري اهڙا ملڪ آهن، جيڪي ’بفر رياستون‘ هجڻ ڪري هڪ ئي وقت ٻن سگهارين طاقتن ترتيبوار سوويت روس، برطانيا، فرانس ۽ برطانيا جي اثر هيٺ رهيا. ساڳي طرح جرمني ٻن حصن ۾ ورهائجي ٻن عالمي طاقتن جي اثر هيٺ رهيو.[1]

حوالا سنواريو

  1. Influence | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون, وقت 2019-07-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-05