اتر قطب تارو
قطب تارو:Polaris:: جنھن کي علم فلڪيات الفا ارسي منورس (Alpha Ursae Minoris )جو نالو ڏنو آھي جنھن جو اختصار (a UMi) آھي.عام طور تي ان کي نارٿ اسٽار North Star يا پول اسٽار Pole Star سڏيو ويندو آهي. ھي تارو ارسا مائنر تارن واري جھرمٽ (constellation) ۾ سڀ کان روشن تارو آھي ۽ زمين کان 433 نوري سال ( light-years) پري آھي
آسمان ۾ لکين تارا آهن. بنا دوربين جي به هزارين نظر اچن ٿا ۽ هلڪي چنڊ جي روشنيءَ ۾ به سوين نظر اچن ٿا. اهي تارا آسمان ۾ مختلف هنڌن تي آهن يعني ڪي ويجهو ته ڪي ڏور آهن. آسمان تي ڪنهن ڪنهن هنڌ تي جيڪا ڪڪريءَ جهڙي اَڇ نظر اچي ٿي، اهو ڪڪر جو ٽڪرو نه پر هزارين لکين تارن جو جهڳٽو آهي، پر ڏور هجڻ ڪري جهڙا سڀ ملي هڪ ڪڪر جيان نظر اچن ٿا ۽ ان جو وڏو مثال اسان واري ڪهڪسان (Galaxy)، مِلڪي ويَ يا کيرائين واٽ (Milky Way) آهي, جنهن جو اسان وارو سج هڪ ڀاتي آهي ۽ جنهن جي چوڌاري گردش ڪري ٿو. چنڊ ناهي ته تارن جي به ڪجهه روشني ڌرتيءَ تي پوي ٿي, پر هڪ رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ سفر ڪندڙن لاءِ يا وري پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارن جهازين لاءِ جيڪي سمنڊ تي جهاز هلائين ٿا، جتي چوڌاري ڪا نشاني يا مائيل اسٽون (Mile Stone) لڳل نه آهي، جيڪو ٻڌائي ته سمنڊ جي ڪهڙي حصي تي آهيون يا جهاز ڪيترو سفر طئي ڪيو آهي، ان حوالي سان تارا وڏي مدد ڏين ٿا.
دنيا جي مختلف علائقن ۾ مختلف تارا نظر اچن ٿا. ڪي تارا دنيا جي اتر اڌ گول ۾ به نظر اچن ٿا ته ڪي وري ڏکڻ اڌ گول ۾ به، پر ڪيترا هڪ اڌ گول ۾ چٽا نظر اچن ٿا ته ٻئي ۾ ڌنڌلا- خاص ڪري اُفق (Horizon) وٽ. ڪي تارا ٿوري دير نظر اچڻ کان پوءِ لڙيو وڃن ته ڪي تارا رات جو ڳپل حصو نظر اچن ٿا. گهڻو تڻو سڀ تارا سال جي مختلف حصن ۾ نظر اچن ٿا ۽ دنيا جي گول گهمڻ ڪري اسان لاءِ لهيو وڃن، پر اتر قطب تارو (Polaris) اهڙو تارو آهي جو سڄي رات ۽ سڄو سال ڄڻ هڪ هنڌ بيٺو آهي. هي تارو اتر طرف نظر اچي ٿو. رات جو رڻ پٽ ۾ ڪو ڀلجي وڃي ته اهو اتر قطب واري تاري کي ڏسي اتر جو طرف سڃاڻي سگهي ٿو ۽ پوءِ ٻيا طرف ڳولهڻ سولا ٿيو پون. سمنڊ تي جهاز اتر طرف هلائڻو آهي ته ان تاري جي نڪ سامهون پيو وڃجي، يا ٻئي ڪنهن طرف وڃڻو آهي ته اوتريون ڊگريون ساڄي يا کاٻي وڃجي. هن تاري کي Pole Star (قطب تارو) ۽ North Star (اتر تارو) به سڏجي ٿو.
رستو ڳولڻ (Navigation) لاءِ سڀ کان گهڻو استعمال ٿيندڙ قطب تاري (Pole Star) کي عرب ”الجدي“ تارو سڏين ٿا ۽ ڪجهه ملڪن ۾ هي تارو نارٿ اسٽار ۽ Lodestar به سڏجي ٿو، هڪ مقرر هنڌ (Fixed Position) ۾ رهي ٿو. جنهن ڪري قطب تاري ذريعي رستو ڳولڻ ۾ سولائي رهي ٿي. آسمان ۾ گهڻي روشني وارن تارن ۾ قطب تاري جو 48هون نمبر آهي. سڀني ۾ چٽو تارو (يعني سج کانپوءِ)، الشعريٰ (Sirius) آهي. قطب تارو اسان جي ڌرتيءَ کان 431 نوري سال پري آهي. [1] [2] [3]
حوالا
سنواريو- ↑ چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-04
- ↑ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
- ↑ ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ