ابٽن
اُبٽن يا اُٻٽڻ: شاديءَ جي رسم ۾ ڪنوار جي بدن کي مهٽڻ لاءِ خوشبودار -اٽو- يا سُرهي چوري. اُٻٽڻ ڪِن هنڌن تي مانههِ جي -اٽي-، بيسڻ يا ميدي ۾ خوشبوءِ ملائي ٺاهين ٿا. اُهو ونواهه وقت ڪنوار جي جسم تي شاديءَ کان اڳ گهٽ ۾ گهٽ ست ڏينهن لڳائبو آهي. اُٻٽڻ لڳائڻ سان ڪنوار جي بدن ۾ سونهن ۽ سرهاڻ پيدا ٿيندي آهي.[1] زالون بدن جو رنگ کولڻ لاءِ اٻٽڻ هڻنديون آهن. اٻٽڻ سان منهن جون جهايون جهريون. اس جي اڊام ۽ لوساٽ، کَل جي ميراڳ سڀ لهيو وڃي. رنگ اڇو ٿيو پوي. اٻٽڻ گهڻو ڪري زالون انهيءَ زال کي لائينديون آهن، جيڪا ونهه (ونواه) ۾ ويٺل هوندي آهي، جيئن رنگ کليس، اٻٽن ۾ ڪيسوڦلن جو پاڻي، جَونَ جو اٽو ۽ تيل گڏيل هوندو آهي. ونهه کان شاديءَ تائين زالون روز پيون ڪنوار کي اٻٽڻ هڻنديون آهن. جيسين وڃي شادي ٿئي، ۽ وري ڪنوار کي ”اِکيو“ ٻڌي ڇڏينديون آهن، جيئن اگهاڙيءَ کل تي سج جي روشني نه پئي، متان کل ڪاراٽجي نه وڃي.[2]
حوالا
سنواريو- ↑ ابٽڻ : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد)}