ابو نصر بن عبدالله سنڌي

ابو نصر فتح بن عبدالله سنڌي آل حاڪم جي غلامن مان ھو، جن بعد ۾ کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ھن مختلف علمن، فقهه، ڪلام وغيره ۾ مھارت حاصل ڪئي. فقهه جي تحصيل ابو علي ثقفيءَ کان حاصل ڪيائين ۽ حديث جي روايت حسن بن سفيان وغيره کان ڪيائين ۽ ”فقيه ۽ متڪلم“ جو لقب پاتائين، ديني، علمي، مرتبو اھڙو حاصل ڪيائين، جو شاگردن معتقدن جو گروھ ھر وقت سندن چوڌاري رھندو ھو. کيس پنھنجي سنڌي مسلمان ھجڻ تي فخر ھو.[1]

حوالا سنواريو

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع