ابو شوڪت حمزو ولد محمد خان مھر شاعر ۽ سياسي ڪارڪن، ڳوٺ هنباھ (انباھ) لڳ چڪ، تعلقي لکي غلام شاھ ۾ 10 جون 1894ع تي جنم ورتو. سنڌي ست درجا پڙهيو ۽ ماستريءَ جي ٽريننگ بعد شھدادڪوٽ تعلقي جي دوداپور ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. ان سان گڏ پوسٽ ماستر جو بہ ڪم هلائيندو هو. انهيءَ ملازمت دوران هن ٻہ خط هٿ ڪيا، جن ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي خليفي ۽ مولوي عبدالڪريم ڪھاڙي کي مارائڻ جي سازش جو ذڪر هو. ان ڳالھ تي ڳوٺ جو زميندار مٿس ناراض ٿيو ۽ سازش هيٺ مولويءَ ڏانھن سرحدي قبيلن جي سردارن جا ٻہ هٿرادو خط تيار ڪرايا، جن ۾ مولويءَ کي دوري تي اچڻ جي دعوت ڏني وئي ۽ هٿيارن جي پيشڪش ڪئي وئي هئي ۽ ان سازش ذريعي کيس مارائڻ جو انتظام ڪيو ويو هو. خط پڪڙڻ جي خبر تي وڏيري اهي خط هٿ ڪري سرڪار کي ڏيڻ پئي چاهيا تہ جيئن مولوي صاحب کي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ تي گرفتار ڪرايو وڃي، اهي خط دوداپور پوسٽ معرفت محمد پور وڃڻا هئا، جنھنڪري وڏيري جو ماڻهو حمزي کي وٺڻ آيو، پر هن اهي خط پاڻ وڃي مولوي صاحب کي ڏنا، جنھن جي خبر مولانا امروٽيءَ کي پئي، ان کانپوءِ اهي خط سي. آءِ. ڊي پوليس کي پيش ڪيا ويا ۽ زميندار کي گرفتار ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ ابو شوڪت حمزي کي رشوت جي آڇ بہ ڪئي وئي، پر هن نہ قبولي. ابو شوڪت حمزو هڪ بھترين سياستدان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. سندس غريب خاندان سان تعلق هو. 1924ع ڌاري مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صلاح سان سياست ۾ اچڻ کانپوءِ خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتائين ۽ سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏنائين. سياست ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ جي سمورن وڏن سياستدانن سان ملاقاتون ڪيائين. ابو شوڪت جا اخبارن ۾ مضمون شايع ٿيندا رهندا هئا، جنھن ڪري کيس ڪافي شھرت ملي. هيءُ پھريون ماڻهو هو، جنھن هاري جماعت جو چڪ شھر ۾ بنياد رکيو، جيڪا اڳتي هلي حيدر بخش جتوئيءَ جي ’سنڌ هاري ڪميٽيءَ‘ ۾ شامل ٿي ابو شوڪت حمزي کي تقرير تي ملڪو حاصل هو ۽ سندس قلم ۾ بہ رواني هئي. هو سٺو شاعر بہ هو، هن شعر و شاعريءَ جي سکيا فيض دريا شاھ کان حاصل ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ هو. ۽ ان ۾ هن لفظ عام، سادا ۽ سولا استعمال ڪيا. سندس شاعريءَ جا ٻہ جموعا ڇپجي پڌرا ٿيا، جن ۾: ’انقلابي ڏنڊو‘ (1931ع) ۽ ’انقلابي ڪھاڙو‘ شامل آهن.

ابو شوڪت 1939ع وارين عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ صوبائي سيٽ لاءِ هارين جي مدد سان بيٺو، وقت جي ڪانگريسي مولوين، پيرن ۽ عالمن سندس نہ رڳو حمايت ڪئي پر حمايت ۾ اشتھار بہ شايع ڪيا ويا، پر زمينداري ۽ جاگيرداري راڄ سبب اليڪشن کٽي نہ سگھيو. هي ڳڙهي ياسين جي شمس الدين خان بارڪزئي ۽ وڏيري امير بخش خان مھر جي مقابلي ۾ بيٺو هو. نمونيا ۾ ڪجهہ وقت بيمار رهڻ کانپوءِ 31 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪيائين. سندس آخري آرام گاھ اباڻي قبرستان، پير يوسف شاھ مقام ۾ آهي. کيس اولاد ۾ ٽي پٽ شوڪت علي، محمد علي ۽ ظفر علي ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.[1]