ابو زيد حسن سيرافي

ھيءُ -ٽين- صدي ھجري جو سياح ۽ تاجر آھي. ۽ خليج جي مشھور بندرگاھ سيراف جو رھندڙ ھو، سيراف ۾ ھن جي ملاقات مشھور مورخ ۽ سياح مسعوديءَ سان ٿي ھئي. ھيءُ سيراف کان ھندستان ۽ چين جي وچ ۾ بحري ۽ تجارتي سفر ڪندو رھندو ھو. ھن سليمان تاجر جي سفر نامي جو 25- 30 سالن کان پوءِ تڪلمه لکيو، جنھن ۾ ھندستان جي رسم رواج، تمدن ۽ معاشرت، مذھبي اعتقادات، -بت- خانن ۽ راجائن جي حالتن وغيره جو ذڪر ڪيو آھي. ھن جي معلومات جو بنياد ذاتي ھو يا مشرق جو سفر ڪندڙ ٻين سوداگرن جا بيان آھن. ھن جو ھي تڪلمه به سليمان جي سفر نامه سان گڏ پھريون دفعو پيرس مان سن 1845ع ۾ ڇپيو.[1] ابوزيد حسن سيرافي ايراني نار جي بندر”سيراف“ جو رهاڪو هو، جنهن ڪري سيرافي سڏيو ويو. هن سليمان تاجر جو سفر نامو پڙهي،ان جو تڪمله الڪتاب الثاني؟جي نالي سان لکيو. سندس ڪتاب ۾ 264ھ سن ملي ٿو.[2]

حوالا سنواريو

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%88%20%D8%B2%D9%8A%D8%AF%20%D8%AD%D8%B3%D9%86%20%D8%B3%D9%8A%D8%B1%D8%A7%D9%81%D9%8A
  2. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ