ابو القاسم شڪر الاھي ٺٽوي

ابوالقاسم -ٺٽي- جو مشهور شاعر ۽ عالم ٿي گذريو آهي. نقشبندي طريقي سان واسطو رکندو هو. هن جو پورو نالو سيد ابوالقاسم سراج الدين محمد ولد مير ولي هو. هو 1138ھ/1725ع ۾ -ٺٽي- ۾ ڄائو. شڪر -الله- جي خاندان مان هجڻ ڪري کيس ابوالقاسم شڪر الاهي سڏيو ويندو هو. هو ٻارهن ورهين جو هو ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو. -ٺٽو- تنهن زماني ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز هو، -ان- ڪري ابوالقاسم به شعر چوڻ لڳو. سنڌ جي -تاريخ- بابت لکيل مشهور ڪتاب ’تحفته الڪرام‘ جو ليکڪ مير علي شير ”قانع‘ ٺٽوي، سندس همعصر هو. ميان مرادياب خان ڪلهوڙو جڏهن سنڌ جي -تخت- تي ويٺو ته ٻنهي نعتيه ڪلام چيو، جيڪو -تاريخ- متعلق هو. سيد ابوالقاسم شڪر الاهي ”مقالات الشعراءَ“ جي لکجڻ، يعني سن 1169ھ تائين زنده هو. هي صاحب شايد انهيءَ صديءَ جي آخر يا 13 صدي هجري جي اوائل ۾ رحلت ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو