ابو القاسم الزھراوي

ابو القاسم خلف بن عباس الزھراوي قرطبہ ۾ سال 936ع ۾ پيدا ٿيو، صاحب موصوف جراحت جي فن ۾ نمايان شھرت حاصل ڪئي. ھن جي مکيه ڪتابن مان ھڪ "تصريف" آھي، جنھن جو پورو نالو "التصريف لمن عجز عن التاليف" آھي، جراحت جو ھيءُ پھريون ڪتاب آھي. الزھراوي لکي ٿو ته؛

ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي
ابوالقاسم خلف بن عباس الزھراوي

الزھراوي جي خيالي تصوير ۾ قرطبہ جي شفاخاني ۾ مريض جو علاج ڪندي.
پیدائش 936 CEمدينہ الزھرا، اندلس موجوده ڪارڊوبا، اسپين
وفات 1013 (aged 76–77)
دور اسلامي سونھري دور
خطو اندلس، قرطبہ جي خلافت
مذھب اسلام
اھم خيال موجوده طب ۽ جراحي جي اوزارن جو باني، سرجري (جراحي) جو باني
معروف خدمتون ڪتاب التصريف
"جراحت ٻن قسمن جي آھي، ھڪ اھا جيڪا مريض کي مرض کان نجات ڏياري ۽ ٻي اھا جيڪا ھن کي موت سان ملاقات ڪرائي."

ابو القاسم فن جراحت ۾ خبرداريءَ کي دليري تي ترجيح ڏئي ٿو. جراحت تي ھن ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا آھن. "ڏنڀ" تي ھن ھڪ خاص ڪتاب لکيو آھي. ھڪ ٻئي ڪتاب ۾ "مثاني جي پٿري" کي ڀڃي ٻاھر ڪڍڻ ۽ اھڙا ٻيا جراحت جا فن بيان ڪيل آھن. ھڪ ٽئين ڪتاب ۾ ھڏن ڀڃڻ ۽ سنڌن نڪرڻ جو مفصل احوال، علاج سميت لکيو اٿس. الزھراوي نه صرف ھڪ بلند پايي جو جراح ھو، پر ان سان گڏ علم طب ۽ حڪمت جي ٻين شعبن تي به کيس اعليٰ دسترس حاصل ھئي. اوزارن جي سواءِ علم الادويه جا مفردات ۽ مرڪبات، ۾ به سندس مٽ زماني ۾ ٿورا عالم ھئا.[1]