ٺٽي- جي ملن جي خاندان مان غريبي حال وارو ماڻھو ھو پر ھو لکپڙهه جو ھوشيار ۽ چالاڪ ھو. اگرچھ ھو تمام پريشان روزگار رھندو ھو مگر پنھنجي قابليت تي کيس فخر ھو ته ھو ضرور ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن وڏي عھدي تي رسندو. آخر ٿيو به ائين ئي جو -اورنگزيب عالمگير- جي شھزادگيءَ واري زماني ۾ ” لاھري بندر“(شاھ بندر-) سندس -جاگير- ۾ ڏنو ويو ۽ جڏھن شھزادو ملتان ۾ آيو، تڏھن پنھنجي سنڌ واري -جاگير- جي عملي ۽ نوڪرن جي حساب ڪتاب صاف ڪرائڻ لاءِ کيس ملتان گھرايائين. ملان ابو الفتح به منشين جي عملي ۾ ملازم ھو سو به ملتان ويو. جڏھن سمورو حساب ڪتاب شھزادي عالمگير جي نظر مان گذريو ته ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خصوصا ابو الفتح تي حساب ڪتاب رکڻ ڪري ڏاڍو راضي ٿيو ۽ مُلا ابوالفتح انھيءَ راضپي مان فائدو وٺندي ملازمت جي درخواست ڪئي، جا قبول ڪئي وئي. کيس -ٺٽي- جي واپسي جي سفر جو خرچ به ڏنو ويو ۽ وڏي منشيءَ جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو. آخر جڏھن عالمگير ھندستان جي -تاج- ۽ -تخت- جو مالڪ ٿيو تڏھن ملان ابو الفتح کي مير منشيءَ جو عھدو ۽ ”قابل خان“ جو خطاب ڏنو. ھي فارسي انشاءَ ۾ قابل ھو، سندس خط سموري ھندستان ۾ پکڙيل ھئا، جنھن تي ننڍا وڏا فارسي انشاءَ نويسيءَ جي مشق ڪندا ھئا، مير فاتح لکي ٿو ته ”قصھءِ فامروپ“ نثر ۾ سندس لکيل ھو. مگر افسوس جو آخري ڄمار ۾ بادشاھ جي عتاب ھيٺان اچي ويو ۽ نوڪريءَ -تان- نڪري ويو. سندس وفات جو سن معلوم نه ٿي سگھيو آھي.[1]