ابو العباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي

عالم ۽ محقق

عربن سنڌ جي شهر ديبل کي فتح ڪيو، اُن کان پوءِ اتي مدرسا کوليا ويا، -جن- ۾ پڙهندڙن کي ’ديبلي‘ سڏيو ويندو هو. ابوالعباس به -ان- حوالي سان ديبلي عالم ۽ محقق هو. هن علم جي اُڃ اُجهائڻ خاطر ڪيترائي ملڪ گهميا. وڏن عالمن کان حديثون ٻڌائين. ابوبڪر محمد -بن- اسحاق -بن- خزيم جي دور ۾، نيشاپور ۾ حسن -بن- يعقوب جي خانقاهه ۾ اچي رهيو ۽ اتي علم پرائيندو ۽ ڏيندو رهيو. رجب 343ھ/954ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حيره جي تاريخي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[1]

حوالا سنواريو