شيخ ابوالطيب محمد -بن- عبدالقادر سنڌي مشهور عالم ۽ محدث هو. پاڻ گهڻو عرصو مديني منوره ۾ رهيو، -جتي- حديث جي تڪميل ڪري وڏو محدث ۽ عالم ٿيو. پاڻ مسلڪ جي لحاظ کان حنفي ۽ سلوڪ جي لحاظ کان نقشبندي هو. سندس مديني پاڪ ۾ تمام وڏو مدرسو هو، جتان ڪيترن ئي عالمن فيض پرايو. پاڻ حديث ۽ فقهه تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين. 1144ھ/1731ع ۾ مديني پاڪ ۾ وفات ڪيائين. -جنت البقيع- جي قبرستان ۾ مدفون آهي.[1]

حوالا سنواريو