ابو الحسن ڏاھري

شاعر

سنڌيءَ، عربيءَ ۽ فارسيءَ جو شاعر ۽ عالم هو. هو نواب شاهه (هاڻي ضلعي بينظيرآباد) جي ڳوٺ ’ساوڙيءَ‘ ۾ 1116ھ/1704ع ۾ ڄائو. 1136ھ/1723ع ۾ جهونا ڳڙهه پڙهڻ لاءِ ويو. ڪاٺياواڙ- گجرات جو به سفر ڪيائين. سندس ڪلام ملي نه سگهيو آهي. نثر ۾ طريقت، شريعت، حقيقت ۽ معرفت جهڙن موضوعن تي لکيائين. -ان- کان سواءِ -تصوف- ۽ ٻين نڪتن تي پڻ لکيائين. ’ڪچڪول نامو‘ نالي سندس ڪتاب مشهور آهي، جيڪو 1176ھ/1762ع ۾ تاليف ڪيائين. -ان- کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪتاب -تصوف- جي ٻين نڪتن تي لکيائين. ’ساوڙيءَ‘ ۾ مدرسو قائم ڪري درس ۽ تدريس جو شغل اختيار ڪيائين. 1181ھ/1767ع ۾ وفات ڪيائين. هاڻوڪي دؤڙ -اسٽيشن- جي ڀرسان ڏاهرين جي ڳوٺ ۾ ’اَبُل‘ نالي قبرستان ۾ مدفون آهي. هن عالم جا ڪجهه فارسيءَ ۽ عربيءَ ۾ لکيل قلمي نسخا هٿ آيا آهن، -جن- جي بنياد تي ڪن محققن جو رايو آهي ته ’مقدمة الصلواة‘ جو مصنف ابوالحسن سنڌي هيءُ آهي، پر اها ڳالهه اڃا -تحقيق- طلب آهي.[1]

مخدوم ابولحسن ڏاھري
پيدائش [[ {{{3}}}]] ۱۱۸۱(۱۱۸۱-اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "{".-{{{3}}})ء
نوابشاھ،
وفات سانچو:Birth date ۱۱۱۶ء
دوڙ تعلقو،سنڌ، پاڪستان
ڌنڌو تعليم، ماھرِ سنڌيات، ، بزرگ، عالم
ٻولي سنڌي، فارسي
شهريت  پاڪستان پاڪستاني

حوالا سنواريو