ابوالبشير ميمڻ ’ناچيز‘، اصلي نالو حاجي نور احمد ولد محمد هاشم ميمڻ. پيدائش 26 آڪٽوبر 1916ع، ڳوٺ ڇڄڙا، تعلقو قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو. سنڌي فائنل ۽ ٻه درجا انگريزي پڙهڻ کان پوءِ سب انسپيڪٽر پوليس ٿيو. تخلص ’ناچيز‘ رکيائين. سندس تصنيفون هيٺيون آهن: (1) فضائل نماز (1957ع)، (2) اسلام ۽ عقليات: 2 حصا (1965ع)، (3) اسان جو قائداعظم (1966ع)، (4) مضامين نور، (5) مناجات، (6) گلشن حقيقي، (7) فضائل صدقات، (8) شيرين فرهاد، (9) يوسف زليخا، (10) تحفته السلام، (11) الاسلامي زندگي، ۽ (12) فرانس جي تاريخ.[1]

حوالا سنواريو